Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 9:39 - Common Language New Testament

39 ھن کي ھڪڙو ڀوت اچي ٿو وٺي، جنھن ڪري اوچتو وٺيو رڙيون ڪري. اھو اھڙو ٿو گھٽيس جو گڦ پئي وھيس ۽ چچريو ڇڏيس. پوءِ مس مس ٿو منجھانئس نڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

39 ۽ ڏسو، هڪڙو ڀوت اچي ٿو وٺيس، ۽ هو اوچتو رڙيون وٺيو ڪري، ۽ اهڙو ٿو ولوڙيس جو گجي پئي نڪريس؛ ۽ چچريو ڇڏيس، ۽ مس مس ٿو منجهانئس نڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

39 उन खे हिकअ दुष्‍टआत्मा ती पकड़ेस जेंजी वजह सां उहो ओचतो रड़यूं तो करण लगे॒। उहा उन खे एड़ो ती मरोड़ेस जेंजे करे संदस जे मुंहं में गज ती भरजी अचे; ऐं उहा उन खे डा॒ढी पीड़ा डी॒ंदी तस ऐं उन खे डा॒ढो मुश्किल सां छडी॒ंदी तस।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 9:39
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏھن بہ ڀوت وٺيس ٿو تہ کيس پٽ تي ڪيرائي ٿو ۽ وات مان گڦ ڪڍيس ٿو، ان وقت ڏند ڪرٽي ٿو ۽ بدن بہ سيٽجي سيخ ٿي وڃينس ٿو. مون اوھان جي شاگردن کي چيو تہ ’ھن مان اھو ڀوت ڪڍو.‘ پر اھي ڪڍي نہ سگھيا.“


انھن ڇوڪري کي وٽس آندو. جڏھن ڀوت عيسيٰ کي ڏٺو، تڏھن ھن ڇوڪري کي ڏاڍو جھنجھوڙيو ۽ ڇوڪرو پٽ تي ڪري ليٿڙڻ لڳو ۽ وات مان گڦ پئي وھيس.


تنھن تي ڀوت رڙيون ڪري ڇوڪري کي ڏاڍو جھنجھوڙيو ۽ منجھانئس نڪري ويو. تڏھن ڇوڪرو مُڙدي جھڙو ٿي پيو ۽ گھڻن تہ ائين پئي سمجھيو تہ ھو مري ويو.


تنھن تي عيسيٰ کيس ڇينڀي چيو تہ ”ماٺ ڪر، ھن مان نڪري وڃ.“ ڀوت ماڻھوءَ کي انھن جي اڳيان اڇلايو ۽ کيس ايذاءَ ڏيڻ کان سواءِ ٻاھر نڪري ويو.


ڇالاءِ⁠جو عيسيٰ انھيءَ ڀوت کي حڪم ڪيو ھو تہ ”ھن ماڻھوءَ مان نڪري وڃ.“ اھو ڀوت اڪثرانھيءَ کي وٺندو ھو ۽ ماڻھو کيس زنجيرن ۽ ٻيڙين سان ٻڌي قابو ڪندا ھئا، پر ھو زنجيرن کي ٽوڙي وجھندو ھو ۽ ڀوت کيس رڻ⁠پٽ ۾ گھلي ويندو ھو.


ھڪ ماڻھوءَ ميڙ مان رڙ ڪري چيو تہ ”اي استاد! آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ منھنجي پٽ کي ھلي ڏسو، ڇوتہ اھو منھنجو سڪيلڌو آھي.


مون اوھان جي شاگردن کي بہ عرض ڪري چيو تہ ’ان کي ڪڍو،‘ پر اھي ڪڍي نہ سگھيا.“


اوھين پنھنجي پيءُ يعني شيطان جا فرزند آھيو ۽ پنھنجي پيءُ جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. شروعات کان وٺي ھو خوني ھو ۽ ھن ڪڏھن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو آھي، ڇالاءِ⁠جو ھن ۾ سچ نہ آھي. جڏھن ھو ڪوڙ ٿو ڳالھائي تہ پنھنجي طبيعت موجب ٿو ڳالھائي، ڇالاءِ⁠جو ھو ڪوڙو آھي ۽ ڪوڙ جو باني آھي.


ھوشيار ۽ سجاڳ رھو. اوھان جو دشمن شيطان گجندڙ شينھن وانگر چوڌاري گھمي وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنھن کي ڦاڙي کائي.


اوڙاھہ وارو ملائڪ انھن جو بادشاھہ ھو. انھيءَ جو نالو عبراني ٻوليءَ ۾ ابدون ۽ يوناني ٻوليءَ ۾ اپليون آھي، جن جي معنيٰ آھي ”ناس ڪندڙ.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ