Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 9:22 - Common Language New Testament

22 کين وڌيڪ چيائين تہ ”ابن⁠آدم لاءِ ضروري آھي تہ ھو گھڻيون سختيون سھي ۽ بزرگ، سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم کيس رد ڪن. ھو ماريو ويندو ۽ ٽئين ڏينھن تي وري جيئرو ٿي اٿندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ۽ چيائين تہ ابن آدم ضرور گهڻيون سختيون سهندو، ۽ بزرگ، ۽ سردار ڪاهن، ۽ فقيهہ کيس رد ڪري ۽ ماري وجهندا، ۽ هو ٽن ڏينهن کانپوءِ وري جي اُٿندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 يسوع چيلن کي وڌيڪ چيو تہ ”منش‌پتر لاءِ ضروري آهي تہ هو گھڻيون سختيون سهي، سردار ڪاهنن، نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن کان رد ڪيو وڃي، کيس ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي ايشور کيس وري جيوت ڪري اٿاري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 عيسيٰ شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”ابنِ آدم لاءِ ضروري آهي تہ هو گھڻيون سختيون سهي، سردار ڪاهنن، شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن کان رد ڪيو وڃي، کيس ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي خدا کيس وري جيئرو ڪري اٿاري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

22 येशुअ चेलन खे चयईं, “इयो ज़रूरी आहे के मांणूअ जो पुट डा॒ढो दुख सहे ऐं पुरनियां ऐं मुख्ययाजकअ ऐं धर्मशास्त्री हुन खे तुच्छ समझी करे ठुकराएन ऐं मारे छडि॒न परअ उहो टे डी॒ंहं ते मौतअ मां जी उथे।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 9:22
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ الياس اچي چڪو ۽ ماڻھن ھن کي نہ سڃاتو، بلڪ ساڻس جيئن وڻين تيئن ئي سلوڪ ڪيائون. ساڳيءَ طرح ابن⁠آدم سان بہ اُھي ائين ئي سلوڪ ڪندا.“


جڏھن سڀيئي شاگرد گليل ۾ اچي گڏ ٿيا تہ عيسيٰ انھن کي ٻڌايو تہ ”ابن⁠آدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو.


۽ چيائونس تہ ”سائين! اسان کي ياد آھي تہ ھو ٺڳ جڏھن اڃا جيئرو ھو تہ چوندو ھو تہ ’آءٌ ٽن ڏينھن کان پوءِ وري جيئرو ٿي اٿندس.‘


عيسيٰ شاگردن کي تعليم ڏيندي چيو تہ ”ابن⁠آدم لاءِ ضروري آھي تہ ھو گھڻيون سختيون سھي. بزرگ، سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم کيس رد ڪندا ۽ ماريندا. پوءِ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“


ڇالاءِ⁠جو ھن پنھنجي شاگردن کي تعليم ڏني پئي تہ ”ابن⁠آدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس ماريندا ۽ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“


پر پھريائين ھن کي ڪيتريون ئي سختيون سھڻيون پونديون ۽ ھن زماني جي ماڻھن کان رد ڪيو ويندو.


ڇا مسيح لاءِ اھو ضروري نہ ھو تہ ھو ھيئن ڏک سھي ۽ پوءِ اچي پنھنجو شان وَ شوڪت ماڻي؟“


پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اھي ئي ڳالھيون ھيون جيڪي مون اوھان کي ٻڌايون ھيون، جڏھن اڃا اوھان سان ھوس، تہ منھنجي بابت جيڪوبہ موسيٰ جي توريت، نبين جي لکتن ۽ زبور ۾ لکيل آھي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“


’اھو ضروري آھي تہ ابن⁠آدم کي گنھگارن جي حوالي ڪيو وڃي ۽ صليب تي چاڙھيو وڃي ۽ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿي.‘“


”ھيءَ ڳالھہ پنھنجي ھينئين سان ھنڊايو تہ ابن⁠آدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو.“


پوءِ ھو دفن ڪيو ويو ۽ پاڪ لکتن موجب ٽئين ڏينھن تي وري جي اٿيو.


اھي کوجنا ۾ ھئا تہ مسيح جو روح، جيڪو منجھن ھو تنھن ڪھڙي وقت ۽ حالتن ڏانھن اشارو ڪري اڳڪٿي ٿي ڪئي تہ مسيح ڏک سھندو ۽ پوءِ جلال حاصل ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ