Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 9:19 - Common Language New Testament

19 شاگردن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوھين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آھيو، ڪي چون ٿا تہ اوھين الياس آھيو ۽ ڪي وري چون ٿا تہ اوھين آڳاٽن نبين مان ڪو ٻيو جيئرو ٿي اٿيا آھيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 هنن جواب ڏيئي چيو تہ، ڪي چون ٿا تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو آهي، ۽ ڪي تہ ايلياہ آهي، ۽ ڪي چون ٿا تہ آڳاٽن نبين مان ڪو هڪڙو وري جي اُٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 چيلن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوهين يوحنا بپتسما ڏيڻ وارا آهيو، ڪي چون ٿا تہ اوهين ايلياہ آهيو ۽ ڪي وري چون ٿا تہ اوهين ايشور جو سنديش ڏيندڙ آڳاٽن سنتن مان ڪو ٻيو جيوت ٿي اٿيا آهيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 شاگردن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوهين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آهيو، ڪي چون ٿا تہ اوهين الياس آهيو ۽ ڪي وري چون ٿا تہ اوهين آڳاٽن نبين مان ڪو ٻيو جيئرو ٿي اٿيا آهيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

19 चेलन येशुअ खे जवाब डि॒नो, कोई चहे तो “यूहन्ना बपतिस्मा डि॒यण वारो; परअ कोई त चहे तो एलिय्याह ऐं कोई त इंय बी तो चहे अग॒यन भविष्यवक्‍ताउन मां कोई हिक भविष्यवक्‍ता जी उथ्यो आहे।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 9:19
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏھن پنھنجن نوڪرن کي چيائين تہ ”ھي يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو ئي آھي. جيئن تہ ھو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آھي، تنھنڪري ھو اھي معجزا ٿو ڪري.“


انھن ڏينھن ۾ يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو يھوديہ جي رڻ⁠پٽ ۾ تبليغ ڪندو پئي آيو تہ


گليل جي بادشاھہ ھيروديس بہ ھي سڀ ڪجھہ ٻڌو پئي، ڇاڪاڻ⁠تہ عيسيٰ جي عزت ۽ وقار جي ھاڪ ھرھنڌ پکڙجي ويئي ھئي. ڪي چون پيا تہ ”يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو وري جيئرو ٿيو آھي. تنھنڪري ھو اھڙا معجزا ڪري رھيو آھي.“


ٻيا وري چون پيا تہ ”ھو الياس نبي آھي.“ ڪي چون پيا تہ ”ھو اڳين نبين جھڙو ھڪ نبي آھي.“


ھڪ دفعي جڏھن عيسيٰ اڪيلو دعا گھري رھيو ھو ۽ شاگرد ساڻس گڏ ھئا تڏھن انھن کان پڇيائين تہ ”ماڻھو منھنجي لاءِ ڇا ٿا چون تہ آءٌ ڪير آھيان؟“


ھن شاگردن کان پڇيو تہ ”اوھين ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آھيان؟“ تنھن تي پطرس چيس تہ ”تون خدا جو مسيح آھين.“


انھن پڇيس تہ ”پوءِ تون ڪير آھين؟ ڇا تون الياس نبي آھين؟“ يحيٰ وراڻين تہ ”نہ، آءٌ الياس نہ آھيان.“ انھن چيو تہ ”ڇا ڀلا تون اھو نبي آھين، جيڪو اچڻو آھي؟“ يحيٰ وراڻين تہ ”نہ.“


سو انھن يحيٰ کان پڇيو تہ ”جيڪڏھن تون نہ مسيح آھين، نہ الياس نبي آھين ۽ نڪي اھو نبي آھين تہ پوءِ تون ڇو ٿو بپتسما ڏين؟“


ميڙ مان ڪيترن ئي ماڻھن سندس اھي لفظ ٻڌا ۽ چيائون تہ ”سچ⁠پچ ھي ماڻھو اھو ئي نبي آھي، جيڪو اچڻو آھي.“


ان کان پوءِ فريسين ھڪ دفعو وري انھيءَ ماڻھوءَ کان پڇيو تہ ”تون چوين ٿو تہ ھن تنھنجون اکيون کوليون، پر تون انھيءَ شخص بابت ڇا ٿو چوين؟“ ھن وراڻيو تہ ”ھو نبي آھي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ