Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 9:16 - Common Language New Testament

16 تڏھن پاڻ اھي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون وٺي آسمان ڏانھن نھاري انھن ۾ برڪت گھريائين، پوءِ اھي ڀڃي شاگردن کي ڏيندو ويو تہ ماڻھن جي اڳيان رکندا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 تڏهن پاڻ اُهي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون وٺي آسمان ڏانهن نهاري اُنهن تي برڪت گهُريائين، ۽ اُهي ڀڃي شاگردن کي ڏيندو ويو، تہ ماڻهن جي اڳيان رکندا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 تڏهن يسوع اهي پنج روٽيون ۽ ٻہ مڇيون وٺي آڪاش ڏانهن نهاري انهن ۾ برڪت گھري. پوءِ اهي ڀڃي هو چيلن کي ڏيندو ويو تہ ماڻهن جي اڳيان رکندا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 تڏهن عيسيٰ اهي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون وٺي آسمان ڏانهن نهاري انهن ۾ برڪت گھري. پوءِ اهي ڀڃي هو شاگردن کي ڏيندو ويو تہ ماڻهن جي اڳيان رکندا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

16 येशुअ उन पंजअ रोटियुन ऐं बि॒न मछल्युन खे खयों ऐं स्वर्ग॒अ डा॒ं डि॒सी करे परमेश्वरअ जो धन्यवाद कयईं ऐं रोटिन खे तोडे़-तोडे़ चेलन खे डी॒ंदो वयो, के उहे मांणुन में विराईंदा वञन।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 9:16
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھن ماڻھن کي بہ چيو تہ ”گاھہ تي ويھي رھو.“ پوءِ ھن پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي آسمان ڏانھن نھاريو ۽ انھن ۾ برڪت گھريائين ۽ مانيون ڀڃي شاگردن کي ڏنائين، جيڪي اھي ماڻھن کي ڏيندا ويا.


پوءِ ھن ست ئي مانيون ۽ مڇيون ھٿن تي کڻي انھن ۾ برڪت گھري ۽ ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪندو شاگردن کي ڏيندو ويو ۽ شاگرد خلق کي ڏيندا ويا.


پوءِ عيسيٰ آسمان ڏانھن نھاري ٿڌو ساھہ ڀريو ۽ ھن کي چيائين تہ ”افتح.“ يعني ”کلي پئُہ.“


پوءِ ماني کڻي شڪر ڪري ڀڳائين ۽ ھنن کي ڏيندي چيائين تہ ”ھيءُ منھنجو بدن آھي، جو اوھان جي لاءِ ڏنو وڃي ٿو. اوھين بہ منھنجي يادگيريءَ ۾ ائين ئي ڪندا رھجو.“


ھو انھن سان گڏ دسترخوان تي ويٺو ۽ ماني کڻي رب جو شڪر ڪيائين. پوءِ ماني ڀڃي کين ڏنائين.


شاگردن ائين ئي ڪيو ۽ سڀني کي ويھاريو.


پوءِ تہ انھن سڀني کائي ڍءُ ڪيو ۽ جيڪي ٽڪر ڳڀا بچيا تن جون ٻارھن کاريون ڀري کنيائون.


عيسيٰ مانيون کڻي خدا جو شڪر ادا ڪيو ۽ ويٺل ماڻھن ۾ ورھايائين. ھن مڇي بہ ائين ئي ورھائي ۽ سڀني ماڻھن کي ايترو مليو جيترو کين کپندو ھو.


جڏھن تہ تبرياس شھر کان ڪي ٻيڙيون پوءِ ڪناري تي اچي لڳيون ھيون، جتي خداوند عيسيٰ خدا جو شڪر ادا ڪيو ھو ۽ پوءِ ماڻھن ماني کاڌي ھئي.


جڏھن اھو چئي چڪو تہ ماني کڻي سڀني جي اڳيان خدا جو شڪر ڪندي گرھہ ڀڃي کاڌائين.


جيڪڏھن ڪو ڪنھن ڏينھن کي سڀاڳو ٿو سمجھي تہ ھو خداوند جي ڪري ئي ائين ٿو سمجھي ۽ جيڪو گوشت ٿو کائي سو بہ خداوند جي ڪري ئي کائي ٿو، ڇالاءِ⁠جو ھو انھيءَ لاءِ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪري. پر جيڪو نہ ٿو کائي سو بہ خداوند جي ڪري ئي نہ ٿو کائي ۽ ھو بہ انھيءَ لاءِ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪري.


جيڪڏھن آءٌ شڪر ڪري ٿو کاوان تہ جنھن ڳالھہ جي لاءِ خدا جو شڪرانو ٿو ڪريان، تنھن جي ڪري مون کي ڇو ٿو بدنام ڪيو وڃي.


پوءِ شڪرانو ادا ڪري ھن ماني ڀڃي چيو تہ ”ھي منھنجو بدن آھي، جيڪو اوھان جي واسطي آھي. منھنجي يادگيريءَ لاءِ ائين ڪندا رھجو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ