Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 9:12 - Common Language New Testament

12 جڏھن سج لھڻ تي ٿيو تہ ٻارھن شاگردن اچي عيسيٰ کي چيو تہ ”ماڻھن کي موڪل ڏيو تہ اوسي⁠پاسي⁠ وارن ڳوٺن ۽ واھڻن ۾ وڃي ٽڪن ۽ کائڻ پيئڻ جو بلو ڪن، ڇاڪاڻ⁠تہ اسين ھت سڃي ھنڌ ۾ آھيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ اڃا سج لهڻ تي هو، تہ اُنهن ٻارهن کيس اچي چيو تہ ماڻهن کي موڪل ڏي تہ اوسي پاسي وارن ڳوٺن ۽ ٻنين ۾ وڃي ٽڪن، ۽ کائڻ پيئڻ جو ڪو بلو ڪن، ڇالاءِ جو اسين هت سُڃي هنڌ ۾ آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 جڏهن سج لهڻ تي ٿيو تہ انهن ٻارهن چيلن اچي يسوع کي چيو تہ ”ماڻهن کي آگيا ڏيو تہ اوسي‌پاسي وارن ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ وڃي رهن ۽ کائڻ پيئڻ جو بندوبست ڪن، ڇاڪاڻ تہ اسين هِت ويران هنڌ تي آهيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 جڏهن سج لهڻ تي ٿيو تہ انهن ٻارهن شاگردن اچي عيسيٰ کي چيو تہ ”ماڻهن کي موڪل ڏيو تہ اوسي‌پاسي وارن ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ وڃي رهن ۽ کائڻ پيئڻ جو بندوبست ڪن، ڇاڪاڻ تہ اسين هِت ويران هنڌ تي آهيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

12 जड॒ऐं शाम थी वई, त येशुअ जा चेला संदस वट अची करे चवण लगा॒, “भीड़अ खे हितां रवानो कर, त उहे आसे पासे जे गामड़न ऐं बस्तिन में वञी पांजे रवण जो ऐं खाएण जो बंदोबस्त कन छोके इया सुनसान जग॒ऐ आहे।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 9:12
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏھن عيسيٰ کي اھا خبر پيئي تہ اڪيلو ئي ھڪ ٻيڙيءَ ۾ چڙھي نويڪلي جڳھہ ڏانھن روانو ٿي ويو. جڏھن ماڻھن اھا ڳالھہ ٻڌي تہ پنھنجا شھر ڇڏي پيرين پيادا ھن جي پٺيان ھليا.


پر عيسيٰ ان عورت کي ڪو جواب نہ ڏنو. سندس شاگردن وٽس اچي منٿ ڪري چيس تہ ”ھن کي روانو ڪريو جو ھوءَ اسان جي پٺيان رڙيون ڪندي اچي ٿي.“


عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”مون کي ھنن ماڻھن لاءِ ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھي ٽن ڏينھن کان وٺي مون سان گڏ آھن ۽ ھاڻي وٽن ڪجھہ بہ ڪونھي جو کائين. آءٌ نہ ٿو چاھيان تہ اھي بکيا ھليا وڃن، ڇو⁠تہ متان ھي رستي تي ساڻا ٿي پون.“


پر جڏھن ماڻھن جي ميڙن کي انھيءَ ڳالھہ جي خبر پيئي، تڏھن اھي بہ عيسيٰ جي پٺيان اٿي ھليا. ھو انھن سان خوشيءَ سان مليو ۽ کين خدا جي بادشاھت جون ڳالھيون ٻڌائڻ لڳو ۽ جن کي شفا جي ضرورت ھئي تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيائين.


عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوھين کائڻ لاءِ ڏيونِ.“ تنھن تي شاگردن چيو تہ ”اسان وٽ تہ پنجن مانين ۽ ٻن مڇين کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونھي. باقي جيڪڏھن اوھين چئو تہ اسين ھيڏي وڏي ميڙ لاءِ وڃي کاڌو خريد ڪري اچون.“


ھن کان پوءِ عيسيٰ گليل يعني تبرياس ڍنڍ جي ھُن ڀر ھليو ويو.


ڇالاءِ⁠جو آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوھان جي دعائن ۽ عيسيٰ مسيح جي روح جي مدد سان آءٌ ڇڏائجي ويندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ