Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 8:54 - Common Language New Testament

54 اتي عيسيٰ ڇوڪريءَ جو ھٿ جھلي کيس سڏي چيو تہ ”اي نينگري! اٿ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

54 پر هن سندس هٿ جهلي سڏي چيو، تہ اي نينگر، اُٿ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

54 پوءِ يسوع ڪنيا جو هٿ جھلي کيس سڏي چيو تہ ”اي ڪنيا! اُٿ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

54 پوءِ عيسيٰ ڇوڪريءَ جو هٿ جھلي کيس سڏي چيو تہ ”اي نينگري! اُٿ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

54 परअ येशुअ उन छोकरीअ जो हथ पकड़े करे जोर सां वडे॒ आवाजअ सां चयईंस, “हे छोकरी उथ!”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 8:54
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀيئي ان تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. ماڻھن جي ٻاھر نڪرڻ شرط عيسيٰ ڪمري ۾ ويو ۽ ڇوڪريءَ جي ھٿ کان ورتائين تہ ھوءَ اُٿي ويٺي.


عيسيٰ ان وٽ ويو ۽ ھن کي ھٿ کان وٺي اٿاري وھاريو تہ جلد ئي کيس بخار ڇڏي ويو ۽ ھوءَ انھن جي خدمت ڪرڻ لڳي.


عيسيٰ انھيءَ انڌي ماڻھوءَ کي ھٿ کان وٺي ڳوٺ کان ٻاھر وٺي ويو. اتي ھن انڌي ماڻھوءَ جي اکين تي لٻ لائي پنھنجا ھٿ سندس اکين تي رکيا ۽ پڇيائينس تہ ”ڇا تون ڪا شيءِ ڏسي سگھين ٿو؟“


پر عيسيٰ کيس ھٿ کان وٺي اُٿاريو تہ ھو اُٿي بيٺو.


پوءِ ھو جڏھن انھيءَ گھر ۾ آيو تہ ڏٺائين تہ سڀني ڇوڪريءَ لاءِ پئي رنو ۽ پٽيو. تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”روئو نہ، ڇوتہ ھوءَ مئي ڪانھي پر ستي پيئي آھي.“ جنھن تي ھو عيسيٰ تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا، ڇالاءِ⁠جو انھن کي يقين ھو تہ ھوءَ مري ويئي آھي. پوءِ عيسيٰ پطرس، يوحنا، يعقوب ۽ ڇوڪريءَ جي ماءُ⁠پيءُ کان سواءِ ٻئي ڪنھن کي بہ پاڻ سان گڏ ڇوڪريءَ جي ڪمري ۾ اچڻ نہ ڏنو.


تڏھن ھن ۾ وري ساھہ اچي پيو ۽ ھوءَ ھڪدم جيئري ٿي اٿي ويٺي. عيسيٰ حڪم ڏنو تہ ”ڪجھہ کائڻ لاءِ ڏيوس.“


ائين چوڻ کان پوءِ عيسيٰ وڏي واڪي چيو تہ ”اي لعزر! ٻاھر نڪري اچ.“


جيئن پيءُ مئلن کي جياري کين زندگي ڏئي ٿو، تيئن فرزند بہ جنھن کي وڻيس تنھن کي زندگي ڏئي ٿو.


پطرس انھن سڀني کي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو ۽ گوڏن ڀر ويھي دعا گھريائين. پوءِ ميت ڏانھن منھن ڪري چوڻ لڳو تہ ”اي طبيٿا! اٿ.“ تنھن تي ھن اکيون کوليون ۽ پطرس کي ڏسي اٿي ويٺي.


جيئن لکيل آھي تہ ”اي ابراھيم! مون تو کي گھڻين قومن جو پيءُ بڻايو آھي.“ اھو واعدو سچو آھي، ڇالاءِ⁠جو ابراھيم جو ايمان انھيءَ خدا تي ھو، جيڪو مئلن کي جيئرو ڪري ٿو ۽ جنھن جو حڪم انھن شين کي وجود ڏئي ٿو جيڪي اڳ ۾ موجود نہ آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ