Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 8:41 - Common Language New Testament

41 ان وقت عبادت⁠خاني جو اڳواڻ، جنھن جو نالو يائرس ھو سو نڪري آيو ۽ عيسيٰ کي پيرين پئي عرض ڪيائين تہ ”منھنجي گھر ھلو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

41 ۽ ڏسو، يائرس نالي هڪڙو ماڻهو جو عبادتخاني جو سردار هو، سو آيو، ۽ يسوع کي پيرين پئي عرض ڪيائينس تہ منهنجي گهر هل؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

41 ان وقت يائرس نالي هڪڙو شخص جيڪو يهودين جي مقامي ڀڳتيءَ واري جاءِ جو اڳواڻ هو، سو يسوع وٽ اچي سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ کيس وينتي ڪيائين تہ ”منهنجي گھر هلو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

41 ان وقت يائرس نالي هڪڙو شخص جيڪو يهودين جي مقامي عبادت‌خاني جو اڳواڻ هو، سو عيسيٰ وٽ اچي سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ کيس عرض ڪيائين تہ ”منهنجي گھر هلو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

41 एतरे में हीं याईर नाले जो हिक मांणू जेको प्रार्थना-घरअ जो सरदार हुयो, उते आयो ऐं येशुअ जे पेरन ते किरी हुन खे मिंथूं करे चवण लगो॒, के मुंजे घर हल,

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 8:41
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر عبادت⁠گاھہ جي اڳواڻ کي ڪاوڙ لڳي، ڇاڪاڻ⁠تہ عيسيٰ سبت جي ڏينھن بيمار کي شفا بخشي ھئي. تنھنڪري ھو ماڻھن کي چوڻ لڳو تہ ”ڇھہ ڏينھن آھن جن ۾ ڪم ڪرڻ روا آھي. انھن ڏينھن تي اچو ۽ شفا پايو پر سبت جي ڏينھن نہ اچو.“


ھو عيسيٰ جي پيرن تي منھن ڀر ڪري سندس ٿورا مڃڻ لڳو. اھو موٽڻ وارو سامري ماڻھو ھو.


جڏھن شمعون پطرس ھي واقعو ٿيندي ڏٺو تہ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ چيائينس تہ ”اي خداوند! مون وٽان ھليا وڃو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ گنھگار آھيان.“


ڇوتہ ھن جي سڪيلڌي ڌيءَ جنھن جي عمر اٽڪل ٻارھن ورھيہ ھئي سا مرڻ تي ھئي. پوءِ جيئن جيئن عيسيٰ ساڻس گڏ پئي آيو تيئن تيئن ماڻھو مٿس ڳاھٽ پئي ٿيا.


اڃا ھن ڳالھايو ئي بيٺي تہ عبادت⁠گاھہ جي اڳواڻ جي گھر مان ڪنھن اچي يائرس کي چيو تہ ”تنھنجي ڌيءَ مري ويئي. ھاڻي استاد کي تڪليف نہ ڏي.“


مارٿا عيسيٰ کي چيو تہ ”اي خداوند! جيڪڏھن اوھين ھتي ھجو ھا تہ منھنجو ڀاءُ نہ مري ھا.


جڏھن اتي توريت ۽ نبين جا صحيفا پڙھيا ويا، تڏھن عبادت⁠خانن جي اڳواڻن ھنن کي سڏائي چيو تہ ”اي ڀائرؤ! جيڪڏھن اوھان کي ڪا نصيحت جي ڳالھہ ماڻھن کي ٻڌائڻي آھي تہ ٻڌايو.“


پوءِ انھن سڀني گڏجي عبادت⁠گاھہ جي اڳواڻ سوسٿنيس کي پڪڙي کيس ڪورٽ جي اڳيان مار ڪُٽ ڪئي. پر گليوءَ کي انھن ڳالھين جي ڪابہ پرواھہ ڪانہ ھئي.


عبادت⁠خاني جي اڳواڻ ڪرسپس ۽ سندس سڄي ڪٽنب خداوند تي ايمان آندو ۽ ٻين بہ ڪيترن ئي ڪرنٿين پولس جي ڳالھہ ٻڌي ايمان آندو ۽ بپتسما ورتائون.


جيئن تہ لدہ، يافا جي ڀرسان ھو، تنھنڪري شاگردن کي خبر پيئي تہ پطرس اتي آھي. پوءِ انھن ٻہ ماڻھو ھن ڏانھن موڪليا ۽ منٿ ڪيائونس تہ ”اسان وٽ جلدي ھليو اچ.“


جڏھن ھن ڪتاب ورتو تہ اُھي چارئي ساھوارا ۽ چوويھہ بزرگ انھيءَ گھيٽي جي پيرن تي ڪري پيا. انھن مان ھر ھڪ وٽ ھڪڙو تنبورو ھو ۽ لوبان سان ڀريل سونا پيالا ھئا. اُھي خدا جي قوم جون دعائون آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ