Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 8:3 - Common Language New Testament

3 يوعانا، جيڪا ھيروديس جي صلاحڪار خوزا جي زال ھئي، سوسنا ۽ ٻيون بہ ڪيتريون عورتون ھيون جن پنھنجي مال⁠متاع سان عيسيٰ ۽ سندس ٻارھن شاگردن جي خدمت پئي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ هيروديس جي ديوان، خوزيءَ جي زال يونانہ، ۽ سوسنا، ۽ ٻيون بہ ڪيتريون هيون، جن پنهنجي مال سان سندس خدمت پئي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 يوعانا، جيڪا راجا هيروديس انتپاس جي صلاحڪار خوزا جي پتني هئي، سوسنا ۽ ٻيون بہ ڪيتريون ناريون هيون جن پنهنجي مال‌متاع سان يسوع ۽ سندس ٻارهن چيلن جي سيوا پئي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 يوعانا، جيڪا بادشاهہ هيروديس انتپاس جي صلاحڪار خوزا جي زال هئي، سوسنا ۽ ٻيون بہ ڪيتريون عورتون هيون جن پنهنجي مال‌متاع سان عيسيٰ ۽ سندس ٻارهن شاگردن جي خدمت پئي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

3 ऐं योअन्ना जेकी हेरोदअ जे भण्डारी खूज़ा जी ज़ालअ हुई ऐं सूसन्नाह ऐं घणहीं बि॒यूं बी स्त्रीयूं हुन सां गड॒ हुयूं। इहे येशु ऐं हुन जे चेलन जी पांजन पैसन जे द्वारा सेवा कंदियूं हुयूं।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 8:3
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھن ڏينھن ۾ گليل جي حاڪم ھيروديس جڏھن عيسيٰ جي ھاڪ ٻڌي،


ھيروديس پنھنجي ڀاءُ فلپس جي زال ھيرودياس جي چوڻ تي يحيٰ جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو ھو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو ھئائين.


جڏھن ھيروديس جي جنم جو ڏينھن آيو تڏھن ھيرودياس جي ڌيءَ ماڻھن جي وچ ۾ بيھي ناچ ڪيو. ھيروديس ايترو تہ خوش ٿيو


ھو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻارڙي کي سندس ماءُ مريم سميت ڏٺائون ۽ ان کي گوڏا کوڙي سجدو ڪيائون. پوءِ انھن پنھنجون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ مُرَ ھيون.


جڏھن سانجھي ٿي تہ مالڪ پنھنجي منشيءَ کي چيو تہ ’مزورن کي سڏي کين مزوري ڏي. پھريائين انھن کي ڏيڻ شروع ڪر جيڪي پڇاڙيءَ ۾ ڪم تي بيٺا ھئا ۽ پڇاڙيءَ ۾ انھن کي ڏي جيڪي پھريائين ڪم تي بيٺل ھئا.‘


بادشاھہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھان منھنجي ڪنھن گھٽ کان گھٽ ڀاءُ ڀيڻ سان بہ اھڙو ڪم ڪيو، تہ اھو ڄڻ اوھان مون سان ئي ڪيو.‘


غريب تہ اوھان وٽ ھميشہ آھن پر آءٌ اوھان سان ھميشہ نہ ھوندس.


اُتي ڪيتريون عورتون بہ ھيون، جيڪي پري کان ڏسي رھيون ھيون. اُھي عيسيٰ جي خدمت ڪرڻ لاءِ ساڻس گڏجي گليل کان آيون ھيون.


اھي عورتون مريم مگدليني، يوعانا، يعقوب جي ماءُ مريم ۽ ٻيون جيڪي ساڻن گڏ ھيون، تن اچي رسولن سان اھي ڳالھيون ڪيون.


ھن اھي لفظ غريبن جي ھمدرديءَ لاءِ نہ چيا، پر ھو پاڻ چور ھو ۽ انھيءَ لاءِ چيائين تہ ھو انھن پئسن مان ڪجھہ چورائي، ڇالاءِ⁠جو پئسن جي ڳوٿري وٽس رھندي ھئي.


انتاخيا جي ڪليسيا ۾ نبي ۽ استاد ھوندا ھئا، جھڙوڪ برنباس، شمعون جنھن کي ڪارو سڏيندا ھئا، لوسيس ڪريني، منائين، جيڪو ھيروديس حاڪم جو ننڍپڻ جو دوست ھو ۽ شائول.


ڇالاءِ⁠جو اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي فضل کي ڄاڻو ٿا. جيتوڻيڪ ھو دولتمند ھو تڏھن بہ اوھان جي خاطر غريب ٿي ويو، تہ جيئن سندس غريبيءَ جي ڪري اوھين دولتمند ٿي وڃو.


سمورا ايمان وارا، خاص ڪري اھي جيڪي قيصر جي محل ۾ آھن، اوھان کي سلام ٿا چون.


اھا چڱن ڪمن ڪرڻ ڪري مشھور ھجي، ٻارن جي پالنا ۽ مسافرن جي مھمان⁠نوازي ڪئي ھجائين. ھن ايمان وارن جا پير ڌوتا ھجن، ڏکويلن جي مدد ڪئي ھجائين ۽ سڀني چڱي قسم جي ڪمن لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو ھجائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ