Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 8:24 - Common Language New Testament

24 تڏھن اھي عيسيٰ وٽ آيا ۽ کيس جاڳائي چيائون تہ ”اي سائين! اي سائين! اسين تہ ٻڏڻ تي آھيون.“ تنھن تي ھو اٿيو ۽ واءُ ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي ڇينڀيائين، جنھن تي طوفان بيھجي ويو ۽ ٺاپر ٿي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 تڏهن وٽس اچي جاڳائي چيائونس، تہ اي سائين، اي سائين، اسين تہ ٻُڏي وياسين. تنهن تي هو اُٿيو ۽ واءُ ۽ پاڻيءَ جي لهرن کي جهڻڪيائين: جنهن ڪري اُهي بيهي ويا، ۽ نوائي ٿي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 تڏهن انهن يسوع کي جاڳائيندي چيو تہ ”گرو! اي گرو! اسين تہ ٻڏڻ تي آهيون.“ تنهن تي هو اٿيو ۽ واءُ ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي ڇينڀيائين، جنهن تي طوفان بيهجي ويو ۽ ٺاپر ٿي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 تڏهن انهن عيسيٰ کي جاڳائيندي چيو تہ ”استاد! اي استاد! اسين تہ ٻڏڻ تي آهيون.“ تنهن تي هو اٿيو ۽ واءُ ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي ڇينڀيائين، جنهن تي طوفان بيهجي ويو ۽ ٺاپر ٿي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

24 तड॒ऐं चेला येशुअ जे अग॒यां वञी हुन खे उथारे करे चवण लगा॒ त, “गुरू! हे गुरू! असां बु॒डी॒ रया आयूं।” तड॒ऐं येशुअ उथी करे तूफानअ खे ऐं पाणीअ जी लहेरुन खे दड़को डि॒नईं। सो तूफान बिल्कुल शांत थी वयो ऐं उते राहतअ थी वई।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 8:24
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جڏھن ھن طوفان ڏٺو تہ ڊڄي ويو ۽ ٻڏڻ لڳو. ڊپ مان وٺي رڙيون ڪيائين تہ ”خداوند! بچاءِ، بچاءِ.“


تڏھن شاگرد وٽس آيا ۽ جاڳائي چيائونس تہ ”اي سائين! اسان کي بچايو جو اسين ھاڻي تہ ٻڏڻ تي آھيون.“


تنھن تي عيسيٰ اُٿيو ۽ واءُ کي ڇينڀيائين ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي حڪم ڪيائين تہ ”ماٺيون ٿيو.“ تڏھن طوفان بيھجي ويو ۽ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي.


تنھن تي عيسيٰ کيس ڇينڀي چيو تہ ”ماٺ ڪر، ھن مان نڪري وڃ.“ ڀوت ماڻھوءَ کي انھن جي اڳيان اڇلايو ۽ کيس ايذاءَ ڏيڻ کان سواءِ ٻاھر نڪري ويو.


ھو ان وٽ ويو ۽ مٿانئس بيھندي بخار کي حڪم ڪيائين تہ بخار کيس ڇڏي ويو. ھوءَ ھڪدم چاق ٿي اُٿي ۽ ھنن جي خدمت ڪرڻ لڳي.


تنھن تي شمعون وراڻي ڏيئي چيس تہ ”اي سائين! اسان سڄي رات لوڙيو آھي پر ڪجھہ بہ ھٿ نہ آيو آھي، تنھن ھوندي بہ جيڪڏھن اوھين چئو ٿا تہ ڄار وجھرايان ٿو.“


تڏھن عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوھان جو ايمان ڪٿي آھي؟“ تنھن تي اھي ڊڄي ويا ۽ عجب وچان ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”ھي ڪير آھي جو ھوا ۽ پاڻيءَ کي حڪم ٿو ڪري تہ اھي بہ کيس مڃن ٿا!“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ