Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 7:33 - Common Language New Testament

33 ڇاڪاڻ⁠تہ يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو نہ ماني کائيندو ۽ نہ مئي پيئندو آيو آھي ۽ اوھين چئو ٿا تہ ’ھن کي ڀوت آھي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 ڇالاءِ تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو نہ ماني کائيندو ۽ نہ شراب پيئندو آيو، ۽ اوهين چئو ٿا تہ هن ۾ ڀوت آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

33 ساڳيءَ طرح جڏهن يوحنا بپتسما ڏيڻ واري وِرت جي ڪري اڪثر نہ روٽي ٿي کاڌي، نڪي وري مئي ٿي پيتي، تڏهن اوهان چيو ٿي تہ ’هن ۾ ڀوت آهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

33 ساڳيءَ طرح جڏهن يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري روزي جي ڪري اڪثر نہ ماني ٿي کاڌي، نڪي وري مئي ٿي پيتي، تڏهن اوهان چيو ٿي تہ ’هن ۾ ڀوت آهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

33 छोके यूहन्ना बपतिस्मा डि॒यण वारो न रोटी खाईंदो हो, न दाखरस पीअंदो हो, परअ तवां उन जे बारे में चओ ता ‘उन में दुष्‍टआत्मा आहे।’

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 7:33
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شاگرد لاءِ اھو سٺو آھي تہ ھو پنھنجي استاد سان ھر حال ۾ شامل رھي ۽ غلام لاءِ تہ پنھنجي مالڪ سان. جيڪڏھن گھر جي مالڪ کي ئي بعل⁠زبول ڪري سڏيو وڃي تہ سندس گھر جي ڀاتين کي تہ ان کان بہ وڌيڪ بدتر ڪري سڏيندا.“


انھن ڏينھن ۾ يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو يھوديہ جي رڻ⁠پٽ ۾ تبليغ ڪندو پئي آيو تہ


يحيٰ کي ملس جا ڪپڙا پھريل ھوندا ھئا، کيس چيلھہ ۾ چمڙي جو پٽو ٻڌل ھوندو ھو ۽ سندس خوراڪ ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي ھئي.


يحيٰ کي اُٺ جي وارن جا ڪپڙا پيل ھوندا ھئا ۽ چيلھہ تي چم جو پٽو ٻڌل ھوندو ھوس. ھو ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي کائيندو ھو.


ڇالاءِ⁠جو ھو خدا جي نظر ۾ بزرگ ٿيندو، ھو نہ مئي پيئندو ۽ نڪو شراب واپرائيندو ۽ ھو ڄمندي ئي پاڪ روح سان ڀريل ھوندو.


اھي تہ انھن ٻارن وانگر آھن، جيڪي بازارن ۾ ويھي ھڪٻئي کي سڏ ڪري چون ٿا تہ ’اسان اوھان لاءِ شرناءِ وڄائي پر اوھين نچيا ئي ڪين.‘ ’اسان سوڳ ڪيو پر اوھين رنا ئي ڪين.‘


پر ابن⁠آدم کائيندو پيئندو آيو آھي ۽ اوھين چئو ٿا تہ ’ڏسو، ھي پيٽو ۽ شرابي آھي ۽ محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن جو ساٿي آھي.‘


انھن مان ڪيترائي ائين پيا چون تہ ”ھن ۾ ڀوت آھي، ھو چريو آھي. اوھين ڇو سندس ڳالھين تي ڌيان ڏيو ٿا؟“


سو انھن يھودين عيسيٰ کي چيو تہ ”ڇا اسين سچ نہ چئي رھيا ھئاسين تہ تون سامرين وانگر ڪافر آھين ۽ تو ۾ ڀوت آھي؟“


انھن يھودين کيس چيو تہ ”ھاڻي اسان کي خبر پئي تہ تو ۾ ڀوت آھي. ابراھيم مري ويو ۽ نبي بہ مري ويا تہ بہ تون چوين ٿو تہ ’جيڪو منھنجي ڪلام تي عمل ڪندو سو ڪڏھن بہ نہ مرندو.‘


پر ٻيا وري انھن تي ٺٺوليون ڪري چون پيا تہ ”ھي سڀ نشي ۾ آھن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ