Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 7:22 - Common Language New Testament

22 عيسيٰ چين تہ ”جيڪي ڪجھہ اوھان ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، سو يحيٰ کي وڃي ٻڌايو تہ انڌا ڏسن ٿا، منڊا ھلن ٿا، ڪوڙھہ جھڙي مرض وارا پاڪ صاف ٿين پيا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مُڙدا جيئرا ٿين ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 يسوع وراڻي ڏيئي چين، تہ جيڪي ڳالهيون اوهان ڏٺيون ۽ ٻُڌيون آهن، سي يوحنا کي وڃي ٻڌايو؛ تہ انڌا ڏسن ٿا، ۽ منڊا هلن ٿا، ۽ ڪوڙهيا پاڪ صاف پيا ٿين، ۽ ٻوڙا ٻُڌن ٿا، ۽ مئل جي اُٿن ٿا، ۽ غريبن کي خوشخبري ٻُڌائي ٿي وڃي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 سو يسوع انهن کي وراڻي ڏيندي چيو تہ ”جيڪي ڪجھہ اوهان ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، سو يوحنا کي وڃي ٻڌايو تہ انڌا ڏسن ٿا، منڊا هلن ٿا، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا ڇٽائي پوِتر ڪيا پيا وڃن، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جيوت ڪيا پيا وڃن ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 سو عيسيٰ انهن کي وراڻي ڏيندي چيو تہ ”جيڪي ڪجھہ اوهان ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، سو يحيٰ کي وڃي ٻڌايو تہ انڌا ڏسن ٿا، منڊا هلن ٿا، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا ڇٽائي پاڪ صاف ڪيا پيا وڃن، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جيئرا ڪيا پيا وڃن ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

22 येशुअ उनन खे चयईं, “जेको तवां डि॒ठो ऐं बु॒धो तव उहो वञी यूहन्ना खे बु॒धायो; के अंधा डि॒सन ता, लगड़ा हलन-फिरन ता, कोढ़ी शुद्ध ता कया वञन, बो॒रा बु॒धंता ऐं मुरदा जिंदा ता कया वञन ऐं ग़रीबन खे ख़ुशख़बरी बु॒धाई ती वञे।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 7:22
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انڌا ڏسن ٿا، منڊا گھمن ٿا، ڪوڙھہ جھڙي مرض وارا پاڪ صاف ٿين ٿا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مُڙدا جيئرا ٿين ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.


ڪيئي انڌا ۽ منڊا عيسيٰ وٽ ھيڪل ۾ آيا ۽ ھن انھن سڀني کي شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو.


”خداوند جو روح مون سان آھي، ڇوتہ غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِ مون کي مسح ڪري چونڊيو اٿس. ھن مون کي موڪليو آھي تہ قيدين جي رھائيءَ ۽ انڌن جي بينائيءَ جو اعلان ڪريان. ۽ ستايلن جي دلجوئي ڪريان،


انھيءَ گھڙيءَ عيسيٰ گھڻن کي مرضن، آفتن ۽ ڀوتن کان ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو ۽ ڪيترن ئي انڌن کي سڄو ڪيائين.


سڀاڳو آھي اھو جنھن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آھي.“


نٿن⁠ايل ھن کي چيو تہ ”ناصرت مان بہ ڪا چڱي شيءِ نڪري سگھي ٿي ڇا؟“ تنھن تي فلپس چيس تہ ”ڀلا ھلي ڏس.“


تو کي انھن جون اکيون کولڻيون آھن. انھن کي اونداھيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آھي. کين شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري خدا ڏانھن موڙڻو آھي، تہ جيئن اھي مون تي ايمان آڻين ۽ گناھن جي معافي ملين ۽ ھو خدا جي پنھنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“


ڪيترن ئي ماڻھن مان ڀوت وڏي واڪي نڪرندا پئي ويا ۽ ڪيترا ئي اڌرنگي ۽ منڊا ماڻھو چڱا ڀلا ٿي ويا.


منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا خدا ھن دنيا جي غريب ماڻھن کي ايمان ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ انھيءَ بادشاھت جا وارث ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آھي، جنھن جو ھن پنھنجي محبت ڪرڻ وارن سان واعدو ڪيو آھي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ