Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 6:17 - Common Language New Testament

17 عيسيٰ ھنن سان گڏ جبل تان ھيٺ لھي ھڪ ميدان ۾ اچي بيٺو. سندس شاگردن جي وڏي جماعت ۽ سڄي يھوديہ، يروشلم، صور ۽ صيدا جي سامونڊي ڪناري کان گھڻا ماڻھو اچي مڙيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ اُنهن سان گڏ هيٺ لهي هڪڙي ميدان ۾ اچي بيٺو، ۽ سندس شاگردن جي وڏي جماعت، ۽ سڄي يهوديہ ۽ يروشلم، ۽ صور ۽ صيدا جي سمنڊ جي ڀر مان ماڻهن جي وڏي خلق آئي، تہ سندس ڳالهيون ٻُڌن، ۽ پنهنجين بيمارين کان شفا پائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 يسوع هنن سان گڏ جبل تان هيٺ لهي هڪ ميدان ۾ اچي بيٺو. سندس پوئلڳن جي وڏي ٽولي ۽ يروشلم شهر سميت سڄي يهوديہ سان گڏوگڏ صور ۽ صيدا جي سامونڊي ڪناري وارن علائقن کان گھڻا ماڻهو اچي اتي مڙيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 عيسيٰ هنن سان گڏ جبل تان هيٺ لهي هڪ ميدان ۾ اچي بيٺو. سندس شاگردن جي وڏي جماعت ۽ يروشلم شهر سميت سڄي يهوديہ سان گڏوگڏ صور ۽ صيدا جي سامونڊي ڪناري وارن علائقن کان گھڻا ماڻهو اچي اتي مڙيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

17 जड॒ऐं येशु प्रेरितन सां गड॒ पहाड़ीअ तां लई करे समतल ज़मीनअ ते बीठो, त उते हिकअ डा॒ढी वडी॒ भीड़अ अची गड॒ थी। हिन भीड़अ में हुन जा चेला ऐं ब्॒या बी घणाहीं मांणू हुया। इहे मांणू सजे॒ यहूदिया क्षेत्र, यरूशलेम शहेरअ, सूर ऐं सैदा जे सम्डअ जे किनारे तां आया हुवा।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 6:17
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”مصيبت آھي تو تي اي شھر خرازين! ۽ مصيبت آھي تو تي اي شھر بيت⁠صيدا! ڇالاءِ⁠جو جيڪي معجزا اوھان ۾ ڪيا ويا آھن سي جيڪڏھن صور ۽ صيدا ۾ ڪيا وڃن ھا تہ ڪڏھن جو اتان جا ماڻھو کٿو ڍڪي ۽ مٿي ۾ رک وجھي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪن ھا.


جڏھن عيسيٰ کي اھا خبر پيئي تہ ھو اتان روانو ٿي ويو. ڪيئي ماڻھو سندس پٺيان ھليا، انھن ۾ جيڪي بيمار ھئا تن سڀني کي شفا ڏنائين،


جڏھن عيسيٰ ٻيڙيءَ مان لٿو تہ ھن ھڪ وڏو ميڙ ڏٺو. سندس دل رحم سان ڀرجي ويئي، سو اچي انھن جي بيمارن کي شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪيائين.


پوءِ عيسيٰ اتان روانو ٿي صور ۽ صيدا شھرن جي علائقي ڏانھن ويو.


جڏھن عيسيٰ ميڙ ڏٺا تہ ھو ٽڪر تي چڙھي ويو ۽ شاگرد سندس چوڌاري مڙي آيا.


عيسيٰ بابت اھي ڳالھيون ھنڌين ماڳين ھُلي ويون ۽ ماڻھن جا وڏا ميڙ اچي مڙيا تہ ھن جي تعليم ٻڌن ۽ پنھنجين بيمارين کان شفا پائين.


انھن ڏينھن ۾ عيسيٰ جبل تي دعا گھرڻ ويو. ھن ساري رات خدا کان دعا گھرڻ ۾ گذاري.


يعقوب جو پٽ يھوداہ ۽ يھوداہ اسڪريوتي، جنھن بعد ۾ دغا ڪري پڪڙايس.


ھو انھيءَ لاءِ آيا تہ سندس ڳالھيون ٻڌن ۽ پنھنجين بيمارين کان شفا پائين. جيڪي ڀوتن جا ستايل ھئا سي بہ آيا ۽ شفا پاتائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ