Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 6:14 - Common Language New Testament

14 شمعون جنھن جو نالو پطرس رکيائين، سندس ڀاءُ اندرياس، يعقوب، يوحنا، فلپس ۽ برٿلمئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 يعني شمعون جنهن جو نالو پطرس بہ رکيائين، ۽ سندس ڀاءُ اندرياس، ۽ يعقوب ۽ يوحنا، فلپس ۽ برتلمئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 شمعون، جنهن جو نالو پطرس بہ رکيائين، سندس ڀاءُ اندرياس، يعقوب، يوحنا، فلپس ۽ برتُلمئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 شمعون، جنهن جو نالو پطرس بہ رکيائين، سندس ڀاءُ اندرياس، يعقوب، يوحنا، فلپس ۽ برتُلمئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

14 उनन जा नाला इहे आइन, शमौन जेंजो नालो हुन पतरस बी रखयईं ऐं पतरसअ जो भा अन्द्रियास; याकूब ऐं यूहन्ना; फिलिप्पुस ऐं बरतुल्मै;

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 6:14
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھن ٻارھن رسولن جا نالا ھي آھن: پھريون شمعون جنھن کي پطرس ڪري سڏيندا آھن ۽ سندس ڀاءُ اندرياس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا، جيڪي زبديءَ جا پٽ ھئا،


فلپس ۽ برٿلمئي، توما ۽ متي محصول اڳاڙيندڙ، حلفيءَ جو پٽ يعقوب ۽ ٿدئي،


جيئن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪناري تان لنگھيو پئي تہ ھن ٻہ ڀائر ڏٺا، ھڪڙو شمعون جنھن کي پطرس سڏين ٿا ۽ ٻيو سندس ڀاءُ اندرياس. ھنن ڍنڍ ۾ ڄار پئي وڌو ڇالاءِ⁠جو ھو مھاڻا ھئا.


ھو اتان اڳڀرو ٿيو تہ ھن ٻہ ٻيا ڀائر يعقوب ۽ يوحنا ڏٺا، جيڪي زبديءَ جا پٽ ھئا. اھي پنھنجي پتا زبديءَ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ ڄارن جي مرمت ڪري رھيا ھئا. عيسيٰ انھن کي سڏيو،


ٿورو اڳڀرو ھليو تہ ھن زبديءَ جي پٽن يعقوب ۽ يوحنا کي ٻيڙيءَ ۾ ڄارن جي مرمت ڪندي ڏٺو.


ان کان پوءِ ھو عبادت⁠خاني مان نڪري يعقوب ۽ يوحنا سميت شمعون ۽ اندرياس جي گھر آيا.


پوءِ ھن پطرس، يعقوب ۽ يوحنا کي پاڻ سان کنيو. کيس سخت پريشاني ۽ بي⁠قراري وٺي ويئي ھئي.


عيسيٰ جيڪي ٻارھن ڄڻا چونڊيا اُھي ھي ھئا: شمعون، جنھن کي ”پطرس“ نالو بہ ڏنائين،


عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کان سواءِ ٻئي ڪنھن کي بہ ھلڻ جي اجازت نہ ڏني.


ڇھن ڏينھن کان پوءِ عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ يوحنا کي ھڪ مٿاھين جبل تي نويڪلائيءَ ۾ وٺي ويو. تڏھن انھن جي ڏسندي ڏسندي عيسيٰ جي صورت بدلجي پيئي.


انھن سان گڏ شمعون جي ڀائيوار زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا بہ عجب ۾ پئجي ويا. تنھن تي عيسيٰ شمعون کي چيو تہ ”ڊڄ نہ، اڄ کان پوءِ تون ماڻھن کي ڦاسائيندين.“


جڏھن شمعون پطرس ھي واقعو ٿيندي ڏٺو تہ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ چيائينس تہ ”اي خداوند! مون وٽان ھليا وڃو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ گنھگار آھيان.“


جڏھن ڏينھن ٿيو تہ پنھنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏيائين. انھن مان ٻارھن ڄڻا چونڊيائين جن کي رسول ڪري بہ ڪوٺيائين:


متي، توما، حلفيءَ جو پٽ يعقوب ۽ شمعون، جنھن کي ”قوم⁠پرست“ ڪري چوندا ھئا،


فلپس نٿن⁠ايل سان مليو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”جنھن بابت موسيٰ توريت ۾ ذڪر ڪيو آھي ۽ ٻين نبين پڻ لکيو آھي، سو اسان کي ملي ويو آھي. اھو يوسف جو پٽ عيسيٰ آھي ۽ ناصرت کان آيو آھي.“


تنھن تي فلپس چيس تہ ”اي خداوند! اسان کي پيءُ ڏيکار. بس اھو ئي اسان کي گھرجي.“


عيسيٰ نھاري ڏٺو تہ ماڻھن جو وڏو ميڙ ڏانھس اچي رھيو آھي. سو فلپس کي چيائين تہ ”اسين ھيترن ماڻھن کي کارائڻ لاءِ ايترو کاڌو ڪٿان آڻينداسون؟“


پوءِ اندرياس نالي ھڪ ٻي شاگرد، جيڪو شمعون پطرس جو ڀاءُ ھو تنھن چيو تہ


اھي شھر ۾ داخل ٿيا ۽ مٿي ان ماڙيءَ تي ويا جتي رھيل ھئا. اھي پطرس، يوحنا، يعقوب، اندرياس، فلپس، توما، برٿلمئي، متي، حلفيءَ جو پٽ يعقوب، شمعون قوم⁠پرست ۽ يعقوب جو پٽ يھوداہ ھئا.


ھن يوحنا جي ڀاءُ يعقوب کي تلوار سان مارائي ڇڏيو.


ھي خط عيسيٰ مسيح جي ٻانھي ۽ رسول شمعون پطرس جي طرفان انھن ڏانھن ٿو لکجي، جن اسان جي خدا ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي سچائيءَ جي وسيلي اسان جھڙو قيمتي ايمان حاصل ڪيو آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ