Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 5:24 - Common Language New Testament

24 پر آءٌ اوھان تي ثابت ڪندس تہ ابن⁠آدم کي دنيا ۾ گناھہ بخشڻ جي اختياري مليل آھي.“ سو ھن اڌرنگي ماڻھوءَ کي چيو تہ ”آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھر ھليو وڃ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 پر هن لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ ابن آدم کي زمين تي گناهن معاف ڪرڻ جي اختياري آهي، (اڌرنگيءَ کي چيائين) تہ آئون توکي چوان ٿو تہ اُٿ، ۽ پنهنجو کٽولو کڻي گهر وڃ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 پر آءٌ اوهان تي ثابت ڪندس تہ منش‌پتر کي ڌرتيءَ تي پاپ معاف ڪرڻ جي اختياري مليل آهي.“ سو هن اڌرنگي ماڻهوءَ کي چيو تہ ”آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھر هليو وڃ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 پر آءٌ اوهان تي ثابت ڪندس تہ ابنِ آدم کي زمين تي گناهہ معاف ڪرڻ جي اختياري مليل آهي.“ سو هن اڌرنگي ماڻهوءَ کي چيو تہ ”آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھر هليو وڃ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

24 परअ मां तवां खे इयो इन जे करे चयो, ताकि तवां खे खबरअ पए के मांणूअ जे पुटअ खे धरतीअ ते पापअ माफ़ करण जो बी अधिकार आहे।” येशुअ लकवे जे रोगी॒अ खे चयईंस, “मां तोखे चवां तो त, उथ ऐं पांजी खटअ खणी करे घर हल्यो वञ।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 5:24
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏھن عيسيٰ قيصريہ فلپيءَ جي علائقي ۾ آيو تہ پنھنجن شاگردن کان پڇيائين تہ ”ماڻھو ابن⁠آدم بابت ڇا ٿا چون تہ ھو ڪير آھي؟“


”جڏھن ابن⁠آدم پنھنجي جلوي سان ايندو ۽ سڀ ملائڪ ساڻس گڏ ھوندا، تڏھن ھو پنھنجي جلال واري تخت تي ويھندو


عيسيٰ ھن کي وراڻيو تہ ”اھو تہ تو پاڻ چيو آھي، بلڪ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھن کان پوءِ اوھين ابن⁠آدم کي خدا تعاليٰ جي ساڄي پاسي تي ويٺل ۽ آسماني ڪڪرن ۾ ايندي ڏسندا.“


عيسيٰ ويجھو اچي انھن سان ڳالھائيندي چيو تہ ”مون کي زمين ۽ آسمان جون سڀيئي اختياريون مليل آھن.


سڄي شام ملڪ ۾ ھن جي ھاڪ پئجي ويئي. تنھنڪري ڪيترائي ماڻھو ھن وٽ بيمار وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون ھيون، جھڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگ وارا. انھن سڀني کي عيسيٰ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو.


پر آءٌ اوھان تي ثابت ڪندس تہ ابن⁠آدم کي دنيا ۾ ماڻھن جي گناھہ بخشڻ جي اختياري مليل آھي.“ سو اڌرنگي واري ماڻھوءَ کي چيائين تہ ”اٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھر ھليو وڃ.“


عيسيٰ پنھنجو ھٿ ڊگھيريو ۽ ان کي لائيندي چيائين تہ ”آءٌ چاھيان ٿو تہ تون ڇٽي پاڪ صاف ٿيءُ.“ تڏھن ھڪدم سندس ڪوڙھہ جھڙو مرض لھي ويو.


ڪي ماڻھو ھڪ اڌرنگي ماڻھوءَ کي کٽولي تي کنيو پئي آيا ۽ ڪوشش پئي ڪيائون تہ ھن کي اندر کڻي عيسيٰ جي اڳيان رکن.


ڇا ھي سولو آھي تہ ھن ماڻھوءَ کي چئجي تہ ’تنھنجا گناھہ تو کي بخش ٿيا،‘ يا اھو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ ۽ گھم ڦر؟‘


پوءِ پاڻ جنازي جي ويجھو اچي مٿس ھٿ رکي ڪانڌين کي بيھاريائين ۽ مُڙدي کي فرمايائين تہ ”اي جوان! آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اٿ.“


اتي عيسيٰ ڇوڪريءَ جو ھٿ جھلي کيس سڏي چيو تہ ”اي نينگري! اٿ.“


ائين چوڻ کان پوءِ عيسيٰ وڏي واڪي چيو تہ ”اي لعزر! ٻاھر نڪري اچ.“


ڇالاءِ⁠جو تو کيس سڀني ماڻھن تي اختيار ڏنو آھي تہ ھو انھن کي دائمي زندگي بخشي جيڪي تو کيس ڏنا آھن.


ڪوبہ آسمان ڏانھن مٿي چڙھي نہ ويو آھي، سواءِ انھيءَ جي جيڪو آسمان مان آيو آھي، يعني ابن⁠آدم.“


۽ پنھنجي فرزند کي فيصلي ڪرڻ جي اختياري ڏني اٿس، ڇالاءِ⁠جو ھو ابن⁠ آدم آھي.


سو کيس وڏي آواز سان چيائين تہ ”پنھنجي پيرن تي سڌو ٿي بيھہ.“ ھو ٽپ ڏيئي اٿي بيٺو ۽ گھمڻ لڳو.


نہ رڳو ايترو پر خدا کيس مالڪ ۽ ڇوٽڪارو ڏيندڙ بنائڻ لاءِ پنھنجي ساڄي پاسي ڏانھن سربلند ڪيو، تہ جيئن بني اسرائيل کي توبھہ ڪرڻ جي توفيق ملي ۽ سندن گناھہ بخشجي وڃن.


پطرس ھن کي چيو تہ ”اي اينياس! عيسيٰ مسيح تو کي ڇٽائي چڱو ڀلو ٿو ڪري. سو اٿ ۽ اٿي پنھنجو ھنڌ ويڙھہ.“ ھو ھڪدم اٿي کڙو ٿيو.


پطرس انھن سڀني کي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو ۽ گوڏن ڀر ويھي دعا گھريائين. پوءِ ميت ڏانھن منھن ڪري چوڻ لڳو تہ ”اي طبيٿا! اٿ.“ تنھن تي ھن اکيون کوليون ۽ پطرس کي ڏسي اٿي ويٺي.


انھن شمعدانن جي وچ ۾ مون ابن⁠آدم جھڙو ھڪڙو شخص ڏٺو، جو پيرن تائين ھڪ ئي پوشاڪ پھريل ھو ۽ ڇاتيءَ تي ھڪڙو سونو سينابند ٻڌل ھوس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ