Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 5:21 - Common Language New Testament

21 تنھن تي شريعت جا عالم ۽ فريسي دليل ڊوڙائڻ لڳا تہ ”ھي ڪير آھي جو ڪفر ٿو بڪي؟ ڇالاءِ⁠جو خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ گناھہ بخشي نہ ٿو سگھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 تڏهن فقيهہ ۽ فريسي دليل ڊوڙائڻ لڳا، تہ هي ڪير آهي جو ڪفر ٿو بڪي؟ خدا کانسواءِ ٻيو ڪير گناهہ معاف ڪري ٿو سگهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 تنهن تي نيم شاستري ۽ فريسي دليل ڊوڙائڻ لڳا تہ ”هي تہ ايشور جي نندا ٿو ڪري! ايشور کان سواءِ ٻيو ڪوبہ پاپ معاف ڪري نہ ٿو سگھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 تنهن تي شريعت جا عالم ۽ فريسي دليل ڊوڙائڻ لڳا تہ ”هي تہ ڪفر ٿو بڪي! خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ گناهہ معاف ڪري نہ ٿو سگھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

21 इन ते धर्मशास्त्री ऐं फ़रीसी पांजे दिल में इंय सोचण लगा॒, “हे केर आहे जेको परमेश्वरअ जी निंदा तो करे? परमेश्वरअ खे छडे॒ बि॒यो केर पापन खे माफ़ करे सग॒ंदो आहे?”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 5:21
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھيءَ تي وڏي سردار ڪاھن پنھنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”ھن ڪفر بڪيو آھي. اسان کي وڌيڪ شاھدي نہ کپي. ھاڻي اوھان ھن جا ڪفر وارا لفظ ٻڌا آھن.


تنھن تي ڪي شريعت جا عالم سوچڻ لڳا تہ ”ھي ماڻھو تہ ڪفر ٿو بڪي.“


اھڙا ڪم ڪريو جن مان خبر پوي تہ اوھان سچ⁠پچ پنھنجن گناھن تي پڇتايو آھي. پاڻ ۾ ائين نہ چئو تہ ’اسين ابراھيم جو اولاد آھيون.‘ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھنن پٿرن مان بہ خدا ابراھيم لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو.


ھڪڙي ڏينھن عيسيٰ تعليم ڏيئي رھيو ھو تہ ڪي فريسي ۽ شريعت جا عالم بہ اتي ويٺا ھئا، جيڪي گليل ۽ يھوديہ جي ھر ڳوٺ ۽ يروشلم کان آيا ھئا. بيمارن کي شفا ڏيڻ لاءِ خداوند جي قدرت عيسيٰ سان ساڻ ھئي.


عيسيٰ انھن جا ارادا سمجھي ويو ۽ کين چيائين تہ ”اوھين اھڙيون ڳالھيون ڇو ٿا سوچيو؟


تڏھن جن عيسيٰ سان گڏ دسترخوان تي ويٺي کاڌو سي پنھنجيءَ دل ۾ چوڻ لڳا تہ ”ھيءُ ڪير آھي جو گناھہ بہ بخشي ٿو؟“


تنھن تي يھودين وراڻيس تہ ”اسين تو کي ڪنھن چڱي ڪم ڪرڻ ڪري سنگسار نہ ٿا ڪريون پر ڪفر بڪڻ ڪري، ڇالاءِ⁠جو تو انسان ٿي ڪري پاڻ کي خدا سڏايو آھي.“


خدا جي چونڊيل ماڻھن تي ڪير تھمت ھڻندو؟ جڏھن خدا خود انھن کي پاڻ ڏانھن سچار ٿو بڻائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ