Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 24:44 - Common Language New Testament

44 پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اھي ئي ڳالھيون ھيون جيڪي مون اوھان کي ٻڌايون ھيون، جڏھن اڃا اوھان سان ھوس، تہ منھنجي بابت جيڪوبہ موسيٰ جي توريت، نبين جي لکتن ۽ زبور ۾ لکيل آھي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

44 پوءِ چيائين تہ جڏهن اڃا آئون اوهان سان هوس، تڏهن اهي ڳالهيون مون اوهان سان ڪيون هيون، تہ منهنجي بابت جيڪي موسيٰ جي توريت، ۽ نبين جي ڪتابن، ۽ زبور ۾ لکيل آهي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

44 پوءِ يسوع انهن کي چيو تہ ”اهي ئي ڳالهيون هيون جيڪي مون اوهان کي اڳ ۾ ٻڌايون هيون، جڏهن اڃا اوهان سان هئس، تہ مون بابت جيڪي بہ نيم شاستر، زبور توڙي سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جي لکتن ۾ آهي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

44 پوءِ عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اهي ئي ڳالهيون هيون جيڪي مون اوهان کي اڳ ۾ ٻڌايون هيون، جڏهن اڃا اوهان سان هئس، تہ مون بابت جيڪي بہ توريت، زبور توڙي ٻين نبين جي لکتن ۾ آهي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

44 येशुअ उनन खे चयईं, “मां तवां सां गड॒ रहंदे ही तवां खे इयो चयो हो, ज़रूरी आहे, के जेक्यूं गा॒ल्यूं मुंजे बारे में मूसा जे नियमन, भविष्यवक्‍ताउन ऐं भज॒न-संहिता जी किताबुन में लिख्यल आइन, उहे सब पूरियूं थ्यन।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 24:44
88 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اھڙيءَ طرح اھي سڀ ڳالھيون جيڪي خداوند پنھنجي نبيءَ جي معرفت فرمايون ھيون سي پوريون ٿيون تہ


انھيءَ وقت کان پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي کليو کلايو چئي ڇڏيو تہ ”آءٌ يروشلم ضرور ويندس ۽ اتي بزرگن، سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جون گھڻيون سختيون سھندس. مون کي ماريو ويندو ۽ ٽئين ڏينھن تي وري جيئرو ٿي اٿندس.“


پر انھيءَ صورت ۾ پاڪ لکت ڪيئن پوري ٿيندي جا لکيل آھي تہ ھيئن ضرور ٿيندو؟“


پر اھو سڀ ڪجھہ انھيءَ لاءِ ٿيو آھي تہ جيئن نبي جيڪو صحيفي ۾ لکي ويا آھن، سو سچو ثابت ٿئي.“ پوءِ سڀيئي شاگرد عيسيٰ کي ڇڏي ڀڄي ويا.


ڇالاءِ⁠جو ھن پنھنجي شاگردن کي تعليم ڏني پئي تہ ”ابن⁠آدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس ماريندا ۽ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“


ڇالاءِ⁠جو اھي وير وٺڻ جا ڏينھن ٿيندا، تہ جيئن جيڪي ڳالھيون لکيل آھن سي سڀيئي پوريون ٿين.


ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو لکيل آھي تہ ’ھو گنھگارن ۾ ليکيو ويندو،‘ سو مون لاءِ پورو ٿيڻ ضروري آھي. بيشڪ جيڪو منھنجي بنسبت لکيل آھي سو پورو ٿيڻ وارو آھي.“


۽ کين چيائين تہ ”ھيئن لکيل آھي تہ مسيح ڏک سھي ۽ ٽئين ڏينھن تي مئلن مان جيئرو ٿي اٿي،


کين وڌيڪ چيائين تہ ”ابن⁠آدم لاءِ ضروري آھي تہ ھو گھڻيون سختيون سھي ۽ بزرگ، سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم کيس رد ڪن. ھو ماريو ويندو ۽ ٽئين ڏينھن تي وري جيئرو ٿي اٿندو.“


”ھيءَ ڳالھہ پنھنجي ھينئين سان ھنڊايو تہ ابن⁠آدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو.“


جيئن موسيٰ رڻ⁠پٽ ۾ نانگ کي مٿي چاڙھيو، تيئن ابن⁠آدم بہ ضرور مٿي چاڙھيو ويندو،


اوھين پاڪ لکتون انھيءَ لاءِ ڌيان سان ٿا پڙھو، جو اوھان جو خيال آھي تہ انھن ۾ اوھان کي دائمي زندگي ملندي ۽ اھي پاڪ لکتون ئي منھنجي شاھدي ڏين ٿيون.


جيڪڏھن اوھين سچ⁠پچ موسيٰ تي ايمان آڻيو ھا تہ مون تي بہ ايمان آڻيو ھا، ڇالاءِ⁠جو ھن مون بابت لکيو آھي.


تہ ڪيئن خدا عيسيٰ کي جيئرو ڪري سندن اولاد يعني اسان جي لاءِ اھو واعدو پورو ڪيو، جيئن ٻئي زبور ۾ لکيل آھي تہ ’تون منھنجو فرزند آھين ۽ اڄ آءٌ تنھنجو پيءُ ٿيو آھيان.‘


خبردار ٿجو تہ جيڪي نبين چيو آھي سو اوھان سان نہ ٿئي تہ


ڇالاءِ⁠جو تون منھنجي روح کي عالم ارواح ۾ ڇڏي نہ ڏيندين، نڪي پنھنجي پاڪ ٻانھي کي ڳرڻ سڙڻ ڏيندين.


اھڙيءَ طرح خدا جيڪو اڳي سڀني نبين جي معرفت چيو ھو تہ ’سندس مسيح تڪليفون سھندو،‘ سو سچ ثابت ٿيو.


ھي اھو ئي موسيٰ آھي جنھن بني اسرائيل کي چيو تہ ’خدا اوھان لاءِ اوھان مان ئي مون جھڙو ھڪڙو نبي موڪليندو.‘


حقيقت ۾ شريعت اچڻ وارين چڱين شين جو رڳو پاڇو آھي، انھن جي اصلي صورت ناھي. تنھنڪري سال⁠بسال جيڪي ساڳيون ئي قربانيون ھميشہ ڪيون وڃن ٿيون، تن جي وسيلي اھا شريعت خدا ڏانھن ويجھو ايندڙ ماڻھن کي ڪڏھن بہ ڪامل نہ ٿي ڪري سگھي.


ھاڻي موسيٰ خادم جي حيثيت ۾ خدا جي سڄي گھراڻي سان وفادار رھيو، انھيءَ لاءِ تہ جيڪي ڳالھيون پوءِ بيان ٿيڻيون ھيون، تن جي شاھدي ڏئي.


ملڪصدق شاليم جو بادشاھہ ۽ خدا تعاليٰ جو ڪاھن ھو. جڏھن ابراھيم بادشاھن کي شڪست ڏيئي موٽيو پئي آيو تہ ملڪصدق ساڻس گڏيو ۽ کيس دعائون ڏنائين.


انھيءَ مان پاڪ روح ھي اشارو ٿو ڏئي تہ جيستائين مقدس خيمي جو پھريون ڪمرو بيٺو آھي، تيستائين مقدس ترين جاءِ جو رستو کليل نہ آھي.


اھي کوجنا ۾ ھئا تہ مسيح جو روح، جيڪو منجھن ھو تنھن ڪھڙي وقت ۽ حالتن ڏانھن اشارو ڪري اڳڪٿي ٿي ڪئي تہ مسيح ڏک سھندو ۽ پوءِ جلال حاصل ڪندو.


آءٌ کيس سجدو ڪرڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر ھُن مون کي چيو تہ ”ڏس، متان ائين ڪرين، آءٌ تہ تو سان ۽ تنھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آھيان ۽ اسين سڀ عيسيٰ جي شاھديءَ تي قائم آھيون. رڳو خدا کي ئي سجدو ڪر، ڇالاءِ⁠جو عيسيٰ جي شاھدي ئي نبوت جو روح آھي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ