Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 24:41 - Common Language New Testament

41 انھن کي اڃا تائين اعتبار ئي نہ ٿي آيو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو خوشي ۽ تعجب ۾ ڀريل ھئا. تنھن جي ڪري ھن پڇين تہ ”ڇا اوھان وٽ ڪا کائڻ جي شيءِ آھي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

41 ۽ اڃا هنن کي خوشيءَ وچان اعتبار ئي نٿي آيو، ۽ حيرت ۾ هئا، تہ هن چين تہ اوهان وٽ هتي ڪا کائڻ جي شيءِ آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

41 جيئن تہ خوشيءَ وچان انهن کي اڃا بہ اعتبار نہ پئي آيو ۽ هو تعجب ۾ ڀريل رهيا، تنهنڪري يسوع چين تہ ”چڱو ڀلا، ڇا اوهان وٽ ڪا کائڻ جي شيءِ آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

41 جيئن تہ خوشيءَ وچان انهن کي اڃا بہ اعتبار نہ پئي آيو ۽ هو تعجب ۾ ڀريل رهيا، تنهنڪري عيسيٰ چين تہ ”چڱو ڀلا، ڇا اوهان وٽ ڪا کائڻ جي شيءِ آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

41 पो जड॒ऐं चेलन खे आनंदअ जी वजह सां विश्वास न प्यो थे, ऐं उहे अञा अचरजअ में हीं हुवा, तड॒ऐं येशुअ उनन खां पुछो, “छा हिते तवां वट खाएण जे लाए कुछ आहे?”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 24:41
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏھن ھنن ٻڌو تہ عيسيٰ جيئرو آھي ۽ مريم ان کي ڏٺو آھي، تڏھن اھي مٿس اعتبار ئي نہ پيا ڪن.


تڏھن اھي موٽي پيا ۽ اھا ڳالھہ ٻين کي بہ اچي ٻڌايائون. پر اھي انھيءَ ڳالھہ تي اعتبار ئي نہ پيا ڪن.


آخر ۾ عيسيٰ يارھن شاگردن کي ان وقت ڏيکاري ڏني جڏھن ھو گڏجي ماني کائي رھيا ھئا. ھن انھن کي ڇينڀيو، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي يقين ئي نہ پئي آيو ۽ اھي ايترا تہ بي⁠اعتبار ھئا جو جن ھن کي جيئرو ڏٺو ھو تن تي بہ اعتبار نہ پيا ڪن.


اُنھن وٽ ٿوريون ڪُرڙيون بہ ھيون، تن تي بہ برڪت گھُري شاگردن کي ڏنائين ۽ چيائين تہ ”اھي بہ کڻي ماڻھن جي اڳيان رکو.“


پر رسولن انھيءَ ڳالھہ کي اڻ⁠ٿيڻي سمجھي انھن عورتن جي ڳالھين تي يقين نہ ڪيو.


ائين چئي ھن کين پنھنجا ھٿ ۽ پير ڏيکاريا.


تنھن تي ھنن پڪل مڇيءَ جو ٻيرو آڻي ڏنس،


اوھان سان بہ ائين ئي ٿيندو. ھاڻي اوھان جي سورن جو وقت آھي. پر آءٌ اوھان سان وري ضرور ملندس. تڏھن اوھين ڏاڍا خوش ٿيندا ۽ اوھان جي اھا خوشي اوھان کان ڪوبہ کسي نہ سگھندو.


پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اي جوانو! ڇا اوھان کي ڪجھہ مليو؟“ ھنن وراڻيس تہ ”ڪجھہ بہ نہ.“


جڏھن پطرس جو آواز سڃاتائين، تڏھن خوشيءَ وچان در کولڻ کان اڳي ئي اندر ڊوڙي وڃي ٻڌايائين تہ ”پطرس در تي بيٺو آھي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ