Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 22:61 - Common Language New Testament

61 خداوند ڦري پطرس ڏانھن نھاريو تہ پطرس کي خداوند جا لفظ ياد آيا جي چيا ھئائينس تہ ”جيسين اڄ ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تنھن کان اڳ ٽي دفعا تون منھنجو انڪار ڪندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

61 ۽ خداوند ڦري پطرس ڏانهن نهاريو، تنهن تي پطرس کي خداوند جي ڳالهہ ياد آئي، جو چيو هئائينس تہ اڄ ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تنهن کان اڳي ٽي ڀيرا تون منهنجو انڪار ڪندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

61 تڏهن پرڀوءَ ڦري پطرس ڏانهن نهاريو تہ پطرس کي پرڀوءَ جا لفظ ياد آيا جيڪي چيا هئائينس تہ ”جيستائين اڄ رات ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تنهن کان اڳ ۾ ئي تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

61 تڏهن خداوند ڦري پطرس ڏانهن نهاريو تہ پطرس کي خداوند جا لفظ ياد آيا جيڪي چيا هئائينس تہ ”جيستائين اڄ رات ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تنهن کان اڳ ۾ ئي تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

61 उन वक़्त प्रभुअ मुड़ी करे पतरसअ डां॒ निहारियो। तड॒ऐं पतरसअ खे उहा गा॒ल याद आई, के प्रभुअ उन खे चयो हो, “के अज॒ कुकड़अ जे बा॒ंग डि॒यण खां पहेरयों तूं टे दफ़ा मुंजो इन्कार कंदे।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 22:61
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اڄ رات ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا منھنجو انڪار ڪندين.“


۽ پطرس کي عيسيٰ جو چيو ياد اچي ويو تہ ”جيسين ڪڪڙ ٻانگ ڏئي تنھن کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا منھنجو انڪار ڪندين.“ تڏھن پطرس ٻاھر نڪري ويو ۽ زاروزار روئڻ لڳو.


ايتري ۾ عيسيٰ محسوس ڪيو تہ ”مون مان قدرت نڪتي آھي.“ سو ميڙ ڏانھن ڦري چيائين تہ ”منھنجي دامن کي ڪنھن ھٿ لاتو آھي؟“


پر خداوند وراڻيس تہ ”اي مارٿا! اي مارٿا! تون ڪيترين ئي ڳالھين جي ڳڻتين ۽ تڪليف ۾ آھين.


تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”اي پطرس! آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ جيستائين ڪڪڙ اڄ ٻانگ ڏئي، ان کان اڳ ۾ ئي ٽي دفعا تون منھنجو انڪار ڪندين تہ ’آءٌ ھن کي سڃاڻان ئي ڪين.‘“


پر پطرس چيو تہ ”ادا! آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ اوھين ڇا ٿا چئو.“ ھو اڃا ڳالھائي ئي پيو تہ انھيءَ دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني.


پطرس ٻاھر نڪري ويو ۽ وڃي ززاروزار روئڻ لڳو.


جڏھن خداوند ان رن⁠زال کي ڏٺو، تڏھن کيس مٿس ڪھل آئي، سو چيائينس تہ ”روءُ نہ.“


انھن ھٿان خداوند ڏانھن چوائي موڪليائين تہ ”جيڪو اچڻ وارو آھي، سو اوھين ئي آھيو يا اسين ڪنھن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“


عيسيٰ وراڻيس تہ ”ڇا تون سچ⁠پچ منھنجي لاءِ پنھنجي جان ڏيندين؟ آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون منھنجو ٽي دفعا انڪار ڪندين.“


نہ رڳو ايترو پر خدا کيس مالڪ ۽ ڇوٽڪارو ڏيندڙ بنائڻ لاءِ پنھنجي ساڄي پاسي ڏانھن سربلند ڪيو، تہ جيئن بني اسرائيل کي توبھہ ڪرڻ جي توفيق ملي ۽ سندن گناھہ بخشجي وڃن.


تنھنڪري ياد رکو تہ اڳي پيدائشي طور اوھين غير قوم ھئا ۽ جيڪي ماڻھو جسماني طور ھٿ سان ڪرايل طھر جي ڪري پاڻ کي طھريل ٿا سڏين، سي اوھان کي اڻ⁠طھريل سڏيندا ھئا.


تنھنڪري ياد ڪريو تہ اوھين ڪٿان ڪريا آھيو ۽ پوءِ توبھہ⁠تائب ٿي اڳي جھڙا ڪم ڪريو. جيڪڏھن اوھان توبھہ نہ ڪئي تہ آءٌ اوھان وٽ ايندس ۽ اوھان جو شمعدان مقرر جاءِ تان ھٽائي ڇڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ