Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 21:36 - Common Language New Testament

36 ھر وقت سجاڳ رھو ۽ دعا گھرو تہ اھي ڳالھيون جيڪي ٿيڻيون آھن، شل انھن کان بچڻ جي توفيق مليوَ ۽ ابن⁠آدم جي حضوريءَ ۾ بيھي سگھو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

36 پر اوهين هر وقت سجاڳ رهو ۽ دعا گهُرو تہ اهي جيڪي ڳالهيون ٿيڻيون آهن، تن کان بچڻ جي طاقت مليوَ، ۽ ابن آدم جي حضوريءَ ۾ بيهي سگهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

36 انهيءَ ڪري هر وقت جاڳندا ۽ پرارٿنا ڪندا رهو تہ اهي ڳالهيون جيڪي ٿيڻيون آهن، تن کان بچڻ ۽ منش‌پتر جي آڏو بيهڻ جي سگھہ مليوَ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

36 انهيءَ ڪري هر وقت جاڳندا ۽ دعا گھرندا رهو تہ اهي ڳالهيون جيڪي ٿيڻيون آهن، تن کان بچڻ ۽ ابنِ آدم جي حضور ۾ بيهڻ جي توفيق مليوَ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

36 इन करे हमेशा जागं॒दा रहो ऐं प्रार्थना कंदा रहो, जेंसां तवां इन अचण वारिन सबनिन गा॒ल्युन खां बचण ऐं मांणूअ जे पुटअ जे सामूं बीहण जे लायक ठही सगो॒।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 21:36
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھاڻي اي ننڍڙا ٻارؤ! مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي قائم رھندا اچو تہ جڏھن ھو ظاھر ٿئي، تڏھن اسان کي ھمت ھجي ۽ اسين سندس اچڻ مھل ھن جي اڳيان شرمندا نہ ٿيون.


ھوشيار ۽ سجاڳ رھو. اوھان جو دشمن شيطان گجندڙ شينھن وانگر چوڌاري گھمي وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنھن کي ڦاڙي کائي.


تنھنڪري اوھين بہ سجاڳ رھجو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين انھيءَ ڏينھن يا وقت کي نہ ٿا ڄاڻو.“


تنھن ڪري اوھين سجاڳ رھجو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڪھڙي ڏينھن اوھان جو خداوند ايندو.


سڀني شين جو خاتمو جلد ٿيڻ وارو آھي. تنھنڪري اوھين ھوشيار رھو ۽ دعا گھرڻ لاءِ سجاڳ ٿيو.


سجاڳ رھو، ايمان تي قائم رھو، ھمت ڌاريو، مضبوط رھو.


عيسيٰ پنھنجي شاگردن کي چيو تہ ”ھر وقت دعا گھرندا رھو ۽ ھمت نہ ھارجو.“ انھيءَ لاءِ ھن کين ھڪڙو مثال ڏنو تہ


ھوشيار ٿجو ۽ سجاڳ رھجو، ڇالاءِ⁠جو اوھان کي خبر نہ آھي تہ اھو وقت ڪڏھن ايندو.


خدا جيڪو اوھان کي ٿاٻي کائڻ کان بچائي سگھي ٿو ۽ پنھنجي جلال واري حضور ۾ نھايت خوشيءَ سان بي⁠عيب ڪري بيھاري سگھي ٿو،


جاڳندا رھو ۽ دعا گھرو تہ شل اوھين ڪنھن آزمائش ۾ نہ پئو. سچ پڇو تہ روح تہ گھري ٿو پر بدن ڪمزور آھي.“


جيڪي آءٌ اوھان کي چوان ٿو سو سڀني کي چوان ٿو تہ سجاڳ رھجو.“


پر تون ھر حالت ۾ ھوشيار رھہ، سختي سھُہ، بشارت ڏيڻ جو ڪم ڪر ۽ پنھنجي خدمت پوري ڪر.


دعا ۾ مشغول رھو ۽ شڪرگذاريءَ سان انھيءَ ۾ ھوشيار رھو.


ھو ۽ ھن جو سڄو ڪٽنب ديندار ھو ۽ خدا کان ڊڄندا ھئا. غريب يھودين جي ھو ڏاڍي مدد ڪندو ھو ۽ ھر وقت خدا کان پيو دعا گھرندو ھو.


پر جيڪي انھيءَ لائق آھن تہ آخرت ۾ جيئرا ٿي اٿن ۽ انھيءَ زماني ۾ رھن، سي نہ پرڻبا ۽ نڪي پرڻايا ويندا.


عيسيٰ کيس جواب ڏنو تہ ”لومڙين کي ڏريون ۽ پکين کي آکيرا آھن، پر ابن⁠آدم کي اھا جاءِ بہ ڪانھي جتي مٿو لڪائي آرام ڪري.“


انھيءَ لاءِ ھي سمجھو تہ جيڪڏھن ڪنھن گھر جي مالڪ کي خبر ھجي ھا تہ چور رات جو ڪھڙي وقت ايندو، تہ جيڪر ھو سجاڳ رھي ھا ۽ پنھنجي گھر کي کاٽ ھڻڻ نہ ڏئي ھا.


انھيءَ ڪري اوھان کي ھر وقت تيار رھڻ گھرجي، ڇاڪاڻ⁠تہ ابن⁠آدم اھڙي وقت ايندو جنھن جو اوھان کي گمان بہ نہ ھوندو.“


تنھن تي ملائڪ وراڻيو تہ ”آءٌ جبرائيل آھيان ۽ خدا جي حضور ۾ حاضر رھندو آھيان. خدا مون کي موڪليو آھي تہ تو سان ڳالھايان ۽ تو کي اھا خوشخبري ٻڌايان.


ڇالاءِ⁠جو اھو ڄار وانگر سڄي دنيا جي رھاڪن تي اچي ڪڙڪندو.


اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جنھن خداوند عيسيٰ مسيح کي مئلن مان جياريو، سو اسان کي بہ عيسيٰ سان گڏ جياريندو ۽ اوھان سان گڏ پاڻ وٽ حاضر ڪندو.


ڇاڪاڻ⁠تہ انھن جي ڪاوڙ جو زبردست ڏينھن اچي پھتو آھي، ڪير ٿو بيھي سگھي؟“


انھن ڳالھين کان پوءِ مون کي ھڪ وڏو ميڙ نظر آيو، جيڪو ھر قوم، قبيلي، امت ۽ ھر ٻوليءَ مان ھو ۽ جنھن کي ڪوبہ شمار ڪري نہ ٿي سگھيو. اُھي پاڪ صاف پھراڻ پايو، کجيءَ جون ٽاريون ھٿن ۾ کنيو، ان تخت ۽ گھيٽي جي اڳيان بيٺا ھئا.


پوءِ مون اُھي ست ملائڪ ڏٺا، جيڪي خدا جي آڏو بيٺا ھوندا آھن. انھن کي ست توتارا ڏنا ويا.


اُھي ٻہ شاھد ٻہ زيتون جا وڻ ۽ ٻہ شمعدان آھن، جيڪي ڌرتيءَ جي مالڪ جي حضور ۾ بيٺا آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ