Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 21:34 - Common Language New Testament

34 ”ھوشيار ٿجو، متان اوھان جون دليون ھٻڇ، نشي ۽ ھن حياتيءَ جي فڪرن ۾ ڦاسي پون. ھوشيار ٿجو، متان ابن⁠آدم جي اچڻ جو اھو ڏينھن اوھان جي مٿان اوچتو اچي ڪڙڪي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 مگر خبردار ٿجو تہ متان اوهان جون دليون هٻڇ، ۽ نشي، ۽ هن حياتيءَ جي فڪر ۾ ڦاسي پون، ۽ اُهو ڏينهن اوهان تي ڄار وانگر اچي ڪڙڪي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 ”تنهنڪري پاڻ کي سنڀاليو، متان اوهان جون دليون هٻڇ، نشي ۽ هن جيون جي چنتائن ۾ ڦاسي پون ۽ اوچتو ئي اوچتو منش‌پتر جي اچڻ جو اهو ڏينهن اوهان جي مٿان اچي ڪڙڪي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 ”تنهنڪري پاڻ کي سنڀاليو، متان اوهان جون دليون هٻڇ، نشي ۽ هن حياتيءَ جي فڪرن ۾ ڦاسي پون ۽ اوچتو ئي اوچتو ابنِ آدم جي اچڻ جو اهو ڏينهن اوهان جي مٿان اچي ڪڙڪي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

34 “इन करे पांजे बारे में सावधान रहो। किथे इंय नथे, के तवां जो दिल दुनिया जे एशो-आराम, नशे ऐं इन जीवनअ जी चिंताउन खां सुस्त थी वञे ऐं ओचतो ही मांणूअ जे पुटअ जे अचण जो डी॒ंह हिकअ फंदे वांगुर तवां जे मथां अची पए।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 21:34
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪانڊيرا جن ۾ داڻا ڪريا تن مثل اُھي آھن جيڪي ڪلام تہ ٻڌن ٿا پر ھن دنيا جو فڪر ۽ دولت جو فريب ڪلام کي گھُٽي ڇڏين ٿو ۽ انھن ۾ ڦر نہ ٿو پچي.


سڀني قومن ۾ پھريائين منھنجي خوشخبريءَ جي تبليغ ضرور ڪئي ويندي. اوھان کي پنھنجي ھوشياري ڪرڻ کپي، ڇالاءِ⁠جو اوھان کي گرفتار ڪري ڪورٽن جي حوالي ڪيو ويندو ۽ اوھان کي عبادت⁠خانن ۾ مارڪُٽ ڪئي ويندي. منھنجي ڪري اوھان کي حاڪمن ۽ بادشاھن جي اڳيان پيش ڪيو ويندو. اھا ڀل تہ انھن تي شاھدي ٿئي. سڀني قومن ۾ پھريائين منھنجي خوشخبريءَ جي تبليغ ضرور ڪئي ويندي.


پر دنيا جو فڪر، دولت جو فريب ۽ ٻين شين جون خواھشون سندن دل ۾ گھڙي ڪري ڪلام کي گھُٽيو ڇڏين ۽ انھن ۾ ڦر نہ ٿو پچي.


پر خداوند وراڻيس تہ ”اي مارٿا! اي مارٿا! تون ڪيترين ئي ڳالھين جي ڳڻتين ۽ تڪليف ۾ آھين.


تنھنڪري اوھين بہ تيار رھو، ڇوتہ اھا گھڙي الائجي ڪھڙي ھوندي جنھن ۾ ابن⁠آدم اچي سھڙندو.“


ياد رکو تہ جيڪڏھن اوھان جو ڪو ڀاءُ ڀيڻ اوھان جو گناھہ ڪري تہ کيس ھدايت ڪريو ۽ جيڪڏھن ھو توبھہ ڪري تہ بخشوس.


ڇالاءِ⁠جو اھو ڄار وانگر سڄي دنيا جي رھاڪن تي اچي ڪڙڪندو.


عيسيٰ چين تہ ”خبردار، متان ٺڳجي وڃو. ڇوتہ ڪيترائي منھنجي نالي سان ايندا ۽ ھر ڪو چوندو تہ ’آءٌ مسيح آھيان.‘ يا وري چوندو تہ ’اھو وقت اچي پھتو آھي.‘ پر متان انھن جي پيروي ڪئي اٿوَ.


جيڪي ڪانڊيرن ۾ ڪريا سي ڪانڊيرا اھي ماڻھو آھن، جي ٻڌن تہ ٿا پر ھلندي ھلندي حياتيءَ جي ڳڻتين، دولت ۽ عيش عشرت ۾ ڦاسجي ٿا پون ۽ سندن ڦر پچي ئي ڪونہ ٿو.


دراصل مون اوھان ڏانھن اھو لکيو ھو تہ جيڪڏھن ڪو ايمان آڻيندڙ سڏائي پر ھجي زناڪار، يا لالچي يا بت⁠پرست يا گاريل، يا شرابي يا دغاباز، تہ انھيءَ سان صحبت نہ رکجو، بلڪ اھڙي سان گڏ کاڌو بہ نہ کائجو.


نڪي چور، نڪي لالچي، نڪي شرابي، نڪي گاريل ۽ نڪي دغاباز خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيندا.


بت⁠پرستي، جادوگري، دشمني ۽ جھيڙو جھڳڙو، حسد، ڪاوڙ، مفادپرستي، جدايون ۽ ڌڙابندي،


ڪنھن بہ ڳالھہ جو فڪر نہ ڪريو، بلڪ سڀ ڪنھن ڳالھہ ۾ اوھين پنھنجا عرض، دعا ۽ منٿ جي وسيلي شڪرگذاري ڪرڻ سان خدا جي حضور ۾ پيش ڪندا ڪريو.


خيال رکو تہ ڪوبہ ماڻھو خدا جي فضل کان محروم نہ رھجي وڃي، متان ڪا ڪڙي پاڙ ڦُٽي اوھان کي تڪليف ڏئي ۽ انھيءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻھو پليت ٿي پون.


پر خداوند جو ڏينھن چور وانگر اوچتو ايندو. انھيءَ ڏينھن آسمان وڏي ڪڙڪي سان گم ٿي ويندا، آسماني شيون سخت باھہ جي ڪري ڳري وينديون ۽ زمين ۽ جيڪي ڪجھہ مٿس آھي سو سڀ سڙي ويندو.


تنھنڪري اي عزيزو! جڏھن تہ اوھين انھن ڳالھين جو انتظار پيا ڪريو، تڏھن ڪوشش ڪريو تہ خدا اوھان کي صلح جي حالت ۾ بي⁠داغ ۽ بي⁠عيب ڏسي.


تنھنڪري جيڪي اوھان کي مليو آھي ۽ جيڪي ٻڌو اٿوَ، تنھن تي عمل ڪريو ۽ توبھہ⁠تائب ٿيو. جيڪڏھن اوھين سجاڳ نہ ٿيندا تہ آءٌ چور وانگر ايندس ۽ اوھان کي خبر ئي ڪانہ پوندي تہ ڪھڙي وقت اچي اوھان جي مٿان ڪڙڪندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ