Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 2:9 - Common Language New Testament

9 تہ انھن وٽ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ اچي بيٺو ۽ خداوند جو جلوو انھن جي چوڌاري چمڪڻ لڳو، جنھن ڪري ھو ڏاڍا ڊڄي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ خداوند جو هڪڙو ملائڪ هنن وٽ اچي بيٺو، ۽ خداوند جو جلال انهن جي چوڌاري چمڪڻ لڳو: ۽ هو ڏاڍو ڊڄي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 تہ ڇا ڏسن تہ پرميشور جو هڪڙو دوت انهن وٽ اچي بيٺو ۽ پرميشور جي جوت سندن چوڌاري چمڪڻ لڳي، جنهن ڪري هو ڏاڍا ڊڄي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 تہ ڇا ڏسن تہ خداوند جو هڪڙو ملائڪ انهن وٽ اچي بيٺو ۽ خداوند جو جلوو سندن چوڌاري چمڪڻ لڳو، جنهن ڪري هو ڏاڍا ڊڄي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

9 उते प्रभुअ जो हिक स्वर्ग॒दूत उनन जे पासे में अची बीठो ऐं प्रभुअ जे तरफां हिकअ चमकदार ज्योति उनन जे चारो तरफ चमकण लगी॒ ऐं इन जे करे उहे डा॒ढो ड॒की वया।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 2:9
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جڏھن ھو انھن ڳالھين بابت ڳڻتيون ڪري رھيو ھو تہ ھن کي خواب ۾ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو جنھن چيس تہ ”اي دائود جا اولاد يوسف! تون پنھنجي مڱينديءَ مريم سان شادي ڪرڻ کان نہ گھٻراءِ، ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح جي قدرت سان کيس پيٽ ٿيو آھي.


جبرائيل وٽس اچي چيو تہ ”سلام آ تو تي، جو خدا تو ساڻ آھي ۽ ھن تو تي وڏو ڪرم ڪيو آھي.“


انھيءَ علائقي ۾ ڪن ريڍارن رات جو ٻنين ۾ پنھنجن ڌڻن جي سنڀال پئي ڪئي،


اڃا انھيءَ حيرانيءَ ۾ ئي بيٺيون ھيون تہ ڏسن تہ ٻہ ماڻھو تجليدار پوشاڪ ۾ وٽن اچي بيٺا.


يسعياہ ھي انھيءَ لاءِ چيو ھو جو ھن عيسيٰ جو جلوو ڏٺو ھو ۽ انھيءَ جي باري ۾ ڳالھايو ھئائين.


اوچتو ئي خداوند جو ھڪڙو ملائڪ اچي سندس اڳيان بيٺو ۽ ڪوٺڙيءَ ۾ روشنائي چمڪڻ لڳي. ملائڪ پطرس جي ڪلھي تي ھٿ رکي جاڳائي چيس تہ ”جلدي اٿ.“ ھڪدم ھٿڪڙيون سندس ھٿن مان ٽٽي ڪري پيون.


ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن خدا جو آءٌ ٻانھو آھيان ۽ جنھن جي آءٌ عبادت ٿو ڪريان، تنھن جو ملائڪ رات منھنجي ڀرسان اچي بيٺو


پر انھيءَ رات خداوند جي ھڪڙي ملائڪ اچي جيل جا دروازا کوليا ۽ رسولن کي ٻاھر ڪڍيائين ۽ کين چيائين تہ


پر اسان جي چھرن تي پردو پيل نہ آھي، تنھنڪري اسين سڀيئي خداوند جي جلال کي آئيني وانگر ڏسندي ڏسندي سندس جلالي صورت ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃون. اھو ڪم خداوند جو آھي جيڪو پاڪ روح آھي.


ڇاڪاڻ⁠تہ خدا، جنھن فرمايو تہ ”اونداھيءَ ۾ روشني چمڪي،“ تنھن اھا اسان جي دلين ۾ چمڪائي، تہ جيئن اسين عيسيٰ مسيح جي چھري کي ڏسي ڪري خدا جي شان کي سڃاڻي سگھون.


انھيءَ ۾ ڪو شڪ ناھي تہ دينداريءَ جو راز وڏو آھي، يعني: ھو جسم ۾ ظاھر ٿيو ۽ پاڪ روح جي ڪري سچو ثابت ٿيو. ھو ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي. دنيا ۾ مٿس ايمان آندو ويو ۽ آسمان ڏانھن ھو مٿي کنيو ويو.


اھو نظارو اھڙو تہ خوفناڪ ھو جو موسيٰ چيو تہ ”آءٌ ڏاڍو ڊڄان ۽ ڏڪان ٿو.“


ان کان پوءِ مون ھڪڙو ٻيو ملائڪ آسمان مان لھندي ڏٺو، جنھن کي وڏو اختيار مليل ھو ۽ سندس جلوي جي ڪري زمين روشن ٿي ويئي.


پوءِ مون ھڪڙو وڏو تجليدار تخت ۽ انھيءَ تي ويٺل کي ڏٺو. انھيءَ جي اڳيان زمين ۽ آسمان گم ٿي ويا ۽ وري نظر نہ آيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ