Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 2:51 - Common Language New Testament

51 پوءِ عيسيٰ انھن سان گڏجي ناصرت ۾ آيو، جتي ھو انھن جو فرمانبردار ٿي رھيو. ھن جي ماءُ ھي سڀ ڳالھيون پنھنجي دل ۾ سانڍي رکيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

51 پوءِ هو ساڻن گڏجي ناصرت ۾ آيو؛ ۽ سندن چئي ۾ رهيو: ۽ سندس ماءُ اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي دل ۾ سانڍي رکيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

51 پوءِ يسوع انهن سان گڏجي ناصرت ۾ آيو، جتي هو انهن جو فرمانبردار ٿي رهيو. هن جي ماتا هي سڀ ڳالهيون پنهنجي دل ۾ سانڍي رکيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

51 پوءِ عيسيٰ انهن سان گڏجي ناصرت ۾ آيو، جتي هو انهن جو فرمانبردار ٿي رهيو. هن جي ماءُ هي سڀ ڳالهيون پنهنجيءَ دل ۾ سانڍي رکيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

51 उन खां पो उहो उनन सां गड॒ नासरत नगरअ में वयो, जिते हू संदन जी आज्ञाकारीता में रयो। हुन जी माता इहे सब गा॒ल्यूं पांजे दिल में सांढे रख्यूं।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 2:51
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ ميڙ سان اڃا ڳالھائي ئي رھيو ھو تہ سندس ماءُ ۽ ڀائر ٻاھر اچي پھتا ۽ ساڻس ڳالھائڻ ٿي چاھيائون.


تنھن تي عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”في⁠الحال تہ منھنجي مڃ، ڇالاءِ⁠جو اھڙيءَ طرح اسين خدا جا سڀ فرض پورا ڪنداسين.“ پوءِ يحيٰ کيس بپتسما ڏيڻ قبول ڪئي.


انھن ڏينھن ۾ عيسيٰ گليل جي شھر ناصرت کان يحيٰ وٽ آيو ۽ يحيٰ کيس اردن درياءَ ۾ بپتسما ڏني.


ڇا ھي اھو ڊکڻ نہ آھي جو مريم جو پٽ ۽ يعقوب، يوسيس، يھوداہ ۽ شمعون جو ڀاءُ آھي؟ ڇا ھن جون ڀينرون ھتي نہ ٿيون رھن؟“ تنھنڪري ھنن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو.


ماڻھن ٻڌايس تہ ”عيسيٰ ناصري لنگھي رھيو آھي.“


مريم ھي سڀ ڳالھيون ياد ڪيون ۽ دل ۾ سانڍي انھن تي ويچار ڪرڻ لڳي.


عيسيٰ جي ماءُ⁠پيءُ جڏھن خداوند جي شريعت جي فرضن جي بجاآوري ڪئي، تڏھن گليل علائقي ۾ پنھنجي اباڻي شھر ناصرت ڏانھن موٽيا.


پوءِ ھو ناصرت ۾ آيو جتي سندس پالنا ٿي ھئي. سبت جي ڏينھن تي دستور موجب ھو عبادت⁠خاني ۾ ويو ۽ تلاوت ڪرڻ لاءِ اٿي بيٺو.


عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين ضرور اھا چوڻي مون کي ٻڌائيندا تہ ’ڊاڪٽر، پاڻ کي تہ ڇٽاءِ،‘ ۽ ھيئن بہ چوندا تہ ’ھتي پنھنجي وطن ۾ بہ ائين ڪري ڏيکار جيئن ڪفرناحوم بابت ٻڌون ٿا.‘“


مسيح جي ادب جي ڪري ھڪ ٻئي جي تابع رھو.


انھيءَ ڳالھہ لاءِ ئي اوھين سڏيا ويا آھيو، ڇالاءِ⁠جو مسيح بہ اوھان جي خاطر ڏک سھي اوھان کي ھڪڙو نمونو ڏيئي ويو آھي، تہ جيئن اوھين سندس نقشِ⁠قدم تي ھلندا رھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ