Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 2:27 - Common Language New Testament

27 پاڪ روح جي ھدايت تي شمعون ھيڪل ۾ آيو. جڏھن ماءُ⁠پيءُ ٻارڙي عيسيٰ کي شريعت جا فرض پورا ڪرڻ لاءِ ھيڪل ۾ کڻي آيا

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 هو روح جي هدايت تي هيڪل ۾ آيو، ۽ جڏهن اُنهيءَ ٻار يسوع کي سندس ماءُ پيءُ اندر وٺي آيا، تہ شريعت جي رسم موجب عمل ڪريون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 پوِتر آتما جي هدايت تي شمعون انهيءَ ڏينهن تي هيڪل ۾ آيو. جڏهن ٻارڙي يسوع جا ماتا پتا کيس نيم جا فرض پورا ڪرڻ لاءِ هيڪل ۾ کڻي آيا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 پاڪ روح جي هدايت تي شمعون انهيءَ ڏينهن تي هيڪل ۾ آيو. جڏهن ٻارڙي عيسيٰ جا ماءُ پيءُ کيس شريعت جا فرض پورا ڪرڻ لاءِ هيڪل ۾ کڻي آيا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

27 जड॒ऐं बा॒रअ येशुअ खे, हुन जा माता-पिता मंदरअ में खणी आया के व्यवस्था में जेके रीति रिवाज़अ लिख्यल आइन उनन खे पूरो कन, त उन हीं वक़्त पवित्र आत्मा शमौनअ खे चयईं मंदरअ में वञ।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 2:27
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ پاڪ روح عيسيٰ کي بيابان ۾ وٺي آيو تہ جيئن شيطان کيس آزمائي.


جڏھن موسيٰ جي شريعت موجب پاڪ ٿيڻ جا مقرر ڏينھن پورا ٿيا تڏھن يوسف ۽ مريم عيسيٰ کي خداوند جي آڏو حاضر ڪرڻ لاءِ يروشلم ۾ کڻي آيا.


تڏھن شمعون ٻارڙي کي پنھنجن ھٿن تي کنيو ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائين تہ


عيسيٰ جا ماءُ⁠پيءُ ھر سال يروشلم ڏانھن عيد فصح جي موقعي تي ويندا ھئا.


جڏھن ھن کي ڏٺائون تہ ھن جا ماءُ⁠پيءُ حيران ٿي ويا. ھن جي ماءُ ھن کي چيو تہ ”پُٽ، تو اسان سان ائين ڇو ڪيو؟ تنھنجو پيءُ ۽ آءٌ تو کي ڳولي لھڻ لاءِ سخت پريشان ھئاسين.“


پوءِ عيسيٰ انھن سان گڏجي ناصرت ۾ آيو، جتي ھو انھن جو فرمانبردار ٿي رھيو. ھن جي ماءُ ھي سڀ ڳالھيون پنھنجي دل ۾ سانڍي رکيون.


عيسيٰ اردن مان پاڪ روح سان ڀرجي موٽيو ۽ پاڪ روح جي ھدايت سان چاليھہ ڏينھن بيابان ۾ گھميو پئي،


پطرس اڃا تائين سوچي رھيو ھو تہ انھيءَ رويا جو مطلب ڇا آھي تہ پاڪ روح کيس چيو تہ ”ٻڌ، ٽي ماڻھو تو کي ڳولي رھيا آھن.


پاڪ روح مون کي چيو تہ ’تون بنا گھٻرائڻ جي انھن سان گڏ ھليو وڃ.‘ تڏھن ھي اسان جا ڇھہ ڀائر بہ مون سان گڏجي يافا مان ھليا ۽ قيصريہ ۾ اسين ڪرنيليس جي گھر پھتاسون.


جڏھن موسيا جي سامھون آيا تڏھن ڪوشش ڪيائون تہ بٿونيا ۾ وڃون، پر عيسيٰ جي روح کين وڃڻ نہ ڏنو.


پاڪ روح فلپس کي چيو تہ ”ويجھو وڃي انھيءَ گاڏيءَ سان گڏج.“


پر جڏھن وقت پورو ٿيو تہ خدا پنھنجو فرزند موڪليو جيڪو عورت جي پيٽان پيدا ٿيو ۽ شريعت جي ماتحت پيدا ٿيو.


خداوند واري ڏينھن آءٌ رويا جي حالت ۾ اچي ويس ۽ پنھنجي پٺيان ھڪڙو اھڙو وڏو آواز ٻڌم جيڪو توتاري جي آواز وانگر ھو،


اھو ملائڪ مون کي رويا جي حالت ۾ بيابان ڏانھن وٺي ويو. اُتي مون ھڪڙي عورت ڏٺي، جيڪا ڳاڙھي رنگ جي حيوان تي ويٺي ھئي. انھيءَ حيوان کي ست مٿا ۽ ڏھہ سڱ ھئا ۽ سڄو ڪفر جي نالن سان ڀريو پيو ھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ