Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 2:14 - Common Language New Testament

14 ”عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ ۽ زمين تي انھن ماڻھن لاءِ صلح وَ سلامتي، جن کان ھو راضي آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 تہ ”آسمان ۾ خدا جي وڏائي، ۽ زمين تي اُنهن ماڻهن منجهہ صلح، جن سان هو راضي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 ”آڪاش تي ايشور جي مهما هجي ۽ ڌرتيءَ تي انهن ماڻهن لاءِ امن وَ شانتي، جن کان هو راضي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 ”عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ هجي ۽ زمين تي انهن ماڻهن لاءِ امن وَ سلامتي، جن کان هو راضي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

14 “के स्वर्ग॒अ में परमेश्वरअ जी महिमा थे ऐं धरतीअ ते उनन मांणुन खे शांति मिले, जेंखां हू डा॒ढो ख़ुश आहे।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 2:14
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي ميڙ اڳيان ۽ پٺيان پئي آيا تن وڏي آواز سان چيو پئي تہ ”دائود جي پٽ جي واکاڻ ھجي! سڳورو آھي اھو جيڪو خداوند جي نالي سان ٿو اچي! عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ ھجي!“


جيڪا انھن تي چمڪندي جيڪي موت جي اونداھيءَ ۾ رھن ٿا ۽ اسان لاءِ سلامتيءَ واري رستي جي رھنمائي ڪندي.“


”سڳورو آھي اھو بادشاھہ، جو خداوند جي نالي سان ٿو اچي، بيشڪ آسمان منجھہ سلامتي آھي ۽ عرش عظيم تي شان وارو خدا آھي.“


اوچتو انھن کي انھيءَ ملائڪ سان گڏ ھڪڙو وڏو آسماني لشڪر ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو خدا جي واکاڻ ڪندو ھيئن چوندو پئي آيو تہ


جڏھن ملائڪ انھن وٽان موٽي آسمان ڏانھن ويا تڏھن ريڍار ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”ھلو تہ بيت⁠لحم ھلون. ھيءَ ڳالھہ جا ٿي آھي ۽ جنھن جي خداوند اسان کي خبر ڏني آھي سا ھلي ڏسون.“


۽ پاڪ روح ڪبوتر جي صورت ۾ مٿس اچي لٿو. آسمان مان آواز آيو تہ ”تون منھنجو پيارو فرزند آھين. آءٌ تو مان گھڻو خوش آھيان.“


آءٌ اوھان کي اطمينان ڏيئي ٿو وڃان، بلڪ اوھان کي پنھنجو اطمينان ڏيان ٿو. اھڙو نہ ٿو ڏيان جھڙو دنيا ڏئي ٿي. اوھين پنھنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو ۽ نڪي ڊڄو.


جيڪو ڪم تو مون کي ڪرڻ لاءِ ڏنو ھو، سو مون پورو ڪري تنھنجو جلوو دنيا تي ظاھر ڪيو آھي.


ڇالاءِ⁠جو خدا دنيا سان ايترو تہ پيار ڪيو جو ھن پنھنجو ھڪڙو ئي فرزند ڏنو تہ جيڪوبہ مٿس ايمان آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس دائمي زندگي ملي.


اھو ڪلام جيڪو امن جي خوشخبري آھي سو خدا بني اسرائيل قوم ڏانھن عيسيٰ مسيح جي وسيلي موڪليو، جيڪو سڀني جو خداوند آھي.


جيئن تہ اسين ايمان جي ڪري سچار بڻايا ويا آھيون، تنھنڪري اسان جو پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا سان ميلاپ ٿي ويو آھي.


انھيءَ لاءِ تہ خدا جي جلوي سان ڀريل انھيءَ فضل جي ساراھہ ٿئي، جيڪو ھن پنھنجي پياري يعني مسيح جي وسيلي اسان کي مفت بخشي ڏنو.


خدا پوريءَ حڪمت ۽ دانائيءَ سان پنھنجي مرضيءَ جو لڪل ارادو اسان تي ظاھر ڪيو، جيڪو ھن مسيح جي وسيلي پوري ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ئي طئي ڪري ڇڏيو ھو.


پر خدا، جيڪو رحم سان ڀرپور آھي تنھن پنھنجي گھڻي پيار سببان جيڪو ھن اسان سان ڪيو،


انھيءَ لاءِ تہ ھو پنھنجي انھيءَ مھربانيءَ جي وسيلي جيڪا عيسيٰ مسيح جي ڪري اسان تي آھي، ايندڙ زمانن ۾ پنھنجي فضل جي بي⁠انداز دولت کي ظاھر ڪري.


۽ ھر ھڪ زبان اقرار ڪري تہ عيسيٰ مسيح خداوند آھي، تان تہ خدا پيءُ جي واکاڻ ٿئي.


جڏھن تہ اھو خدا ئي آھي جيڪو پنھنجي نيڪ ارادي موجب اوھان ۾ ڪم ڪندو رھي ٿو، تہ جيئن اوھين سندس مرضي قبول ڪريو ۽ ھن تي عمل بہ ڪريو.


خدا چاھيو ٿي تہ مسيح جي صليب تي وھايل رت جي وسيلي صلح ڪري سندس معرفت سڀني شين جو پاڻ سان صحيح رابطو قائم ڪري، پوءِ اھي زمين تي ھجن توڙي آسمان ۾.


شل اسان جو خداوند عيسيٰ مسيح پاڻ ۽ اسان جو پيءُ خدا، جنھن اسان سان محبت رکي ۽ پنھنجي فضل جي ڪري اسان کي ھميشہ جي تسلي ۽ چڱي اميد ڏني،


پوءِ مون آسمان، زمين، زمين جي ھيٺان ۽ سمنڊ جي سڀني خلقيل شين کي ھي چوندي ٻڌو تہ ”جيڪو تخت تي ويٺو آھي، تنھن جي ۽ گھيٽي جي تعريف، عزت، جلال ۽ حڪومت، شل ھميشہ تائين قائم رھي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ