Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 19:9 - Common Language New Testament

9 عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”اڄ ھن گھر ۾ ڇوٽڪارو آيو آھي، ڇالاءِ⁠جو ھي بہ ابراھيم جو اولاد آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 يسوع چيو، تہ اڄ هن گهر ۾ نجات آئي آهي، ڪيئن جو هيءُ بہ ابراهيم جو اولاد آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 يسوع هن کي چيو تہ ”اڄ هن گھر ۾ مڪتي آئي آهي، ڇاڪاڻ تہ تون بہ ابرهام جو اولاد آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 عيسيٰ هن کي چيو تہ ”اڄ هن گھر ۾ ڇوٽڪارو آيو آهي، ڇاڪاڻ تہ تون بہ ابراهيم جو اولاد آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

9 इन ते येशुअ उन खे चयईं, “अज॒ इन घरअ में उद्धार आयो आहे, छोके इयो बी अब्राहमअ जो वंशज आहे।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 19:9
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏھن ھيءَ عورت جا ابراھيم جي اولاد مان آھي، جنھن کي شيطان ارڙھن سالن کان ٻڌي سوگھو ڪيو ھو، تنھن کي سبت جي ڏينھن انھيءَ بندي⁠خاني کان ڇڏائڻ روا نہ ھو ڇا؟“


جيڪي ھاڻي پويان آھن سي اڳيان ٿيندا ۽ جيڪي اڳيان آھن، سي پويان ٿيندا.“


تڏھن ھن رڙ ڪري چيو تہ ’اي بابا ابراھيم! مون تي رحم ڪريو ۽ لعزر کي موڪليو تہ آڱر جي چوٽي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي منھنجي ڄڀ کي ٺاري، ڇالاءِ⁠جو آءٌ ھن باھہ جي سخت عذاب ۾ آھيان.‘


پر شاھوڪار چيو تہ ’نہ بابا ابراھيم! جيڪڏھن ڪو مئلن مان انھن وٽ ويندو، تہ اھي توبھہ ڪندا.‘


ڇالاءِ⁠جو منھنجين اکين تنھنجو ڇوٽڪارو ڏٺو آھي،


اھڙا ڪم ڪريو جن مان خبر پوي تہ اوھان سچ⁠پچ پنھنجن گناھن تي پڇتايو آھي. پاڻ ۾ ائين نہ چئو تہ ’اسين ابراھيم جو اولاد آھيون.‘ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھنن پٿرن مان بہ خدا ابراھيم لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو.


تنھنڪري اھو واعدو ايمان جي بنياد تي ۽ خدا جي فضل جي نتيجي ۾ ٿيو، تہ جيئن اھو ابراھيم جي سڄي اولاد لاءِ قائم رھي. نہ رڳو انھن لاءِ جن وٽ شريعت آھي، پر انھن لاءِ بہ جيڪي ابراھيم وانگر ايمان آڻين ٿا، ڇالاءِ⁠جو ابراھيم اسان سڀني جو پيءُ آھي.


ھي انھيءَ ڪري ٿيو تہ جيئن ابراھيم کي مليل برڪت عيسيٰ مسيح جي وسيلي غير قومن تائين پھچي ۽ اسان کي ايمان جي وسيلي اھو پاڪ روح ملي، جنھن جو واعدو ٿيل آھي.


جيڪڏھن اوھين مسيح جا آھيو تہ پوءِ ابراھيم جو نسل آھيو ۽ خدا جي واعدي موجب وارث بہ آھيو.


سو ائين سمجھو تہ جيڪي ايمان وارا آھن، حقيقت ۾ اھي ئي ابراھيم جو اولاد آھن.


اڳي اوھين ڇڙوڇڙ ھئا، پر ھاڻي اوھين خدا جي قوم آھيو. اڳي اوھان تي رحمت ڪونہ ٿي ھئي، پر ھاڻي رحمت ٿي اٿوَ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ