Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 19:47 - Common Language New Testament

47 عيسيٰ ھر روز ھيڪل ۾ وڃي تعليم ڏيندو ھو. سردار ڪاھنن، شريعت جي عالمن ۽ بني اسرائيل جي بزرگن وجھہ پئي ڳوليو تہ ”ڪھڙيءَ طرح ھن کي ماري کپائي ڇڏيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

47 ۽ هن هر روز هيڪل ۾ تعليم پئي ڏني، پر سردار ڪاهنن، ۽ فقيهن، ۽ اُمت جي بزرگن وجهہ پئي ڳوليو تہ هن کي ڪيئن ماري کپائي ڇڏيون؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

47 يسوع هر روز هيڪل ۾ وڃي سکيا ڏيندو هو. سردار ڪاهنن، نيم شاسترين ۽ بني اسرائيل جي ٻين چڱن مڙسن وجھہ پئي ڳوليو تہ ”ڪهڙيءَ طرح هن کي ماري کپائي ڇڏيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

47 عيسيٰ هر روز هيڪل ۾ وڃي تعليم ڏيندو هو. سردار ڪاهنن، شريعت جي عالمن ۽ بني اسرائيل جي ٻين چڱن مڙسن وجھہ پئي ڳوليو تہ ”ڪهڙيءَ طرح هن کي ماري کپائي ڇڏيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

47 येशु रोज मंदरअ में वञी सिख्या डी॒ंदो हुयो। मुख्ययाजकअ, धर्मशास्त्री ऐं यहूदी सरदारअ येशुअ खे नाश करण जो मौको गो॒लींदा हुवा।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 19:47
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ ھيڪل ۾ موٽي آيو ۽ جيئن تعليم پئي ڏنائين تہ سردار ڪاھن ۽ يھودين جا بزرگ وٽس آيا ۽ پڇيائونس تہ ”تون ڪھڙي اختياريءَ سان ھي ڪم ٿو ڪرين؟ اھو ڪير آھي جنھن تو کي اھا اختياري ڏني آھي؟“


پوءِ عيسيٰ ماڻھن کي چيو تہ ”ڇا آءٌ ڄڻ ڪو ڌاڙيل ھوس جو اوھين تلوارون ۽ لٺيون کڻي مون کي پڪڙڻ لاءِ آيا آھيو؟ ھيڪل ۾ ويھي آءٌ روزانو تعليم ڏيندو ھوس، پر اتي تہ اوھان مون کي ڪڏھن بہ نہ پڪڙيو.


سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جڏھن اھو ٻڌو تڏھن ھو موقعي جي تاڙ ۾ رھڻ لڳا تہ ڪنھن بہ طرح عيسيٰ کي ماري ڇڏين. اھي عيسيٰ کان ڊڄن بہ پيا ڇاڪاڻ⁠تہ سڄي خلق ھن جي تعليم تي حيران ھئي.


يھودين جي اڳواڻن عيسيٰ کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي ڄاڻن پيا تہ ھي مثال عيسيٰ انھن جي خلاف ٻڌايو ھو. پر انھن کي ماڻھن کان ڊپ بہ ٿيو پئي، تنھنڪري ھو کيس ڇڏي ھليا ويا.


فصح ۽ بي⁠خميري مانيءَ جي عيد ٻن ڏينھن کان پوءِ اچڻي ھئي. سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن وجھہ پئي ڳوليو تہ ڪھڙيءَ طرح عيسيٰ کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرايون.


ھيڪل ۾ تہ آءٌ روزانو ويھي تعليم ڏيندو ھوس پر ان وقت تہ اوھان ڪڏھن بہ مون کي نہ پڪڙيو. پر لکت ضرور پوري ٿيندي.“


پر وس ڪونہ ٿي پُڳن، ڇاڪاڻ⁠تہ ماڻھو ھن جون ڳالھيون ٻڌڻ لاءِ آتا ھئا.


شريعت جي عالمن ۽ سردار ڪاھنن انھيءَ وقت ڪوشش پئي ڪئي تہ عيسيٰ کي پڪڙايون، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن ڄاتو پئي تہ ”ھن اھو مثال اسان تي آندو آھي.“ پر ھو ماڻھن کان ڊنا ٿي.


تنھن تي انھن وري بہ عيسيٰ کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھو سندن ھٿن مان نڪري ويو.


عيسيٰ وراڻيس تہ ”مون دنيا سان ھميشہ کليو کلايو ڳالھايو آھي. مون عبادت⁠خانن ۽ ھيڪل ۾ تعليم ڏني آھي، جتي سڀ يھودي اچي گڏ ٿيندا آھن. مون ڪابہ ڳالھہ ڳجھي نہ چئي آھي،


ڇا موسيٰ اوھان کي شريعت نہ ڏني ھئي؟ تڏھن بہ اوھان مان ڪو انھيءَ شريعت تي عمل نہ ٿو ڪري. اوھين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟“


ڪي ماڻھو کيس پڪڙڻ پيا چاھين، پر ڪنھن بہ مٿس ھٿ نہ کنيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ