Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 19:13 - Common Language New Testament

13 ھن پنھنجن نوڪرن مان ڏھن ڄڻن کي سڏي کين سون جو ھڪ ھڪ سڪو ڏنو ۽ چيائين تہ ’جيستائين آءٌ موٽي اچان تيستائين انھن سان واپار ھلايو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ هن پنهنجا ڏهہ نوڪر سڏي کين ڏهہ مهرون ڏنيون، ۽ چيائين، تہ جيسين آئون اچان، تيسين انهن سان واپار هلايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 وڃڻ کان اڳ هن پنهنجي نوڪرن مان ڏهن ڄڻن کي سڏي کين سون جو هڪ هڪ سڪو ڏنو ۽ چيائين تہ ’جيستائين آءٌ موٽي اچان تيستائين انهن مان واپار هلائجو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 وڃڻ کان اڳ هن پنهنجي نوڪرن مان ڏهن ڄڻن کي سڏي کين سون جو هڪ هڪ سڪو ڏنو ۽ چيائين تہ ’جيستائين آءٌ موٽي اچان تيستائين انهن مان واپار هلائجو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

13 उन बा॒हिर वञण खां पहेरयों पांजे ड॒हन नौकरन खे सड॒ कयईं ऐं उनन खे हिक-हिक सोनअ जो सिक्‍को ड॒ई करे चयइन, ‘मुंजे मोटण ताईं इन सोनअ जे सिक्‍कन सां व्यापार कजो।’

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 19:13
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنھن کي پنج ھزار چانديءَ جا سڪا مليا، تنھن وڃي ھڪدم انھن سان واپار ھلايو ۽ ٻيا پنج ھزار ڪمايائين.


جنھن نوڪر کي پنج ھزار چانديءَ جا سڪا مليا ھئا، اھو ٻيا بہ پنج ھزار کڻي آيو ۽ چيائين تہ ’سائين! اوھان مون کي پنج ھزار چانديءَ جا سڪا ڏنا ھئا. اِجھو، مون انھن مان ٻيا بہ پنج ھزار ڪمايا آھن.‘


پوءِ اھو نوڪر آيو جنھن کي ٻہ ھزار چانديءَ جا سڪا مليا ھئا ۽ اچڻ سان چيائين تہ ’سائين! اوھان مون کي ٻہ ھزار چانديءَ جا سڪا ڏنا ھئا. اِجھو، مون انھن مان ٻيا بہ ٻہ ھزار ڪمايا آھن.‘


پوءِ اھو نوڪر اندر آيو جنھن کي ھڪ ھزار چانديءَ جا سڪا مليا ھئا ۽ اچي چيائين تہ ’سائين! مون کي خبر ھئي تہ اوھين سخت ماڻھو آھيو، ڇالاءِ⁠جو اوھين اھو لڻندا آھيو جيڪو پوکيندا ئي نہ آھيو ۽ اھو گڏ ڪندا آھيو جيڪو ڇٽيندا ئي نہ آھيو.


عيسيٰ چيو تہ ”ھڪڙو امير ڪنھن ڏورانھين ملڪ ڏانھن روانو ٿيو تہ جيئن اتان بادشاھت جو اختيار وٺي پوءِ وطن وري.


پر ھن جي وطن جا ماڻھو ھن کان بيزار ھئا، تنھنڪري ھنن سندس پٺيان انھيءَ ملڪ ڏانھن پنھنجا ايلچي موڪليا تہ ’اسان جي مرضي نہ آھي تہ ھي ماڻھو اسان جي مٿان بادشاھي ڪري.‘


جيڪو منھنجي خدمت ڪرڻ چاھي سو منھنجي پٺيان اچي، تہ جيئن جتي آءٌ آھيان اتي منھنجو خدمتگار بہ ھجي. منھنجو پيءُ انھيءَ جي عزت ڪندو جيڪو منھنجي خدمت ڪندو.“


ڇا آءٌ ائين چئي ماڻھن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھيان يا خدا کي؟ ڇا آءٌ ماڻھن کي خوش ڪرڻ ٿو گھران؟ جيڪڏھن ھن مھل تائين ماڻھن کي خوش ڪندو رھان ھا تہ جيڪر مسيح جو ٻانھو نہ ھجان ھا.


ھي خط يعقوب جي طرفان آھي، جيڪو خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو ٻانھو آھي. آءٌ انھن خدا جي چونڊيل ماڻھن کي، جيڪي سڄيءَ دنيا ۾ پکڙيل آھن سلام ٿو چوان.


ھي خط عيسيٰ مسيح جي ٻانھي ۽ رسول شمعون پطرس جي طرفان انھن ڏانھن ٿو لکجي، جن اسان جي خدا ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي سچائيءَ جي وسيلي اسان جھڙو قيمتي ايمان حاصل ڪيو آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ