Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 18:43 - Common Language New Testament

43 ھو ھڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳو ۽ خدا جي واکاڻ ڪندو عيسيٰ جي پٺيان ھلڻ لڳو. جڏھن ماڻھن ھي ڏٺو تہ سڀيئي خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

43 ۽ يڪدم هو ڏسڻ وائسڻ لڳو، ۽ خدا جي وڏائي ڪندو هن جي پٺيان هلڻ لڳو: ۽ سڀيئي ماڻهو هي ڏسي خدا جي تعريف ڪرڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

43 تڏهن هو هڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳو ۽ ايشور جي مهما ڪندو يسوع جي پٺيان هلڻ لڳو. اهو ڏسي سڀيئي ماڻهو ايشور جي مهما ڪرڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

43 تڏهن هو هڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳو ۽ خدا جي واکاڻ ڪندو عيسيٰ جي پٺيان هلڻ لڳو. اهو ڏسي سڀيئي ماڻهو خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

43 उहो अंधो ओढी॒ मलई डि॒सण लगो॒ ऐं परमेश्वरअ जी स्तुति कंदो हुन जे पोयां हलण लगो॒; ऐं इयो डि॒सी करे सब मांणू परमेश्वरअ जी स्तुति करण लगा॒।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 18:43
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انڌا ڏسن ٿا، منڊا گھمن ٿا، ڪوڙھہ جھڙي مرض وارا پاڪ صاف ٿين ٿا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مُڙدا جيئرا ٿين ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.


ڪيئي انڌا ۽ منڊا عيسيٰ وٽ ھيڪل ۾ آيا ۽ ھن انھن سڀني کي شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو.


جڏھن ماڻھن ھي ڏٺو تہ عجب ۾ پئجي ويا ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا تہ انسان کي ھن ڪيڏي نہ طاقت ڏني آھي!


عيسيٰ جو جواب ٻڌي سڀيئي مخالف لڄي ٿيا، جڏھن تہ ھن جيڪي عجيب وَ غريب ڪم پئي ڪيا تن جي ڪري ساري خلق خوش پئي ٿي.


جڏھن ھو يروشلم جي ويجھو زيتون جي ٽڪر جي لاھيءَ وٽ پھتو تہ شاگردن جو سڄو ميڙ خوشيءَ ۾ ڀرجي خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن سندس عجيب قوت جا معجزا ڏٺا ھئا. سو وڏي آواز سان چوڻ لڳا تہ


ھو ان وٽ ويو ۽ مٿانئس بيھندي بخار کي حڪم ڪيائين تہ بخار کيس ڇڏي ويو. ھوءَ ھڪدم چاق ٿي اُٿي ۽ ھنن جي خدمت ڪرڻ لڳي.


ھو سڀيئي حيران ٿي ويا ۽ ڊپ ۾ ڀرجي خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”ڪھڙيون نہ عجيب ڳالھيون اسان اڄ ڏٺيون آھن.“


سڀيئي خدا جي ايڏي قدرت ڏسي عجب ۾ پئجي ويا. جڏھن سڀ ماڻھو عيسيٰ جي ڪمن تي عجب کائي رھيا ھئا، تڏھن ھن پنھنجن شاگردن کي چيو تہ


جڏھن انھن ھي ٻڌو تہ کڻي ماٺ ڪيائون ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”خدا غير قومن کي بہ توفيق ڏني آھي تہ ھو توبھہ ڪن ۽ زندگي حاصل ڪن.“


تو کي انھن جون اکيون کولڻيون آھن. انھن کي اونداھيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آھي. کين شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري خدا ڏانھن موڙڻو آھي، تہ جيئن اھي مون تي ايمان آڻين ۽ گناھن جي معافي ملين ۽ ھو خدا جي پنھنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“


تنھن تي ڪائونسل انھن کي وري بہ دڙڪا ڏيئي ڇڏي ڏنو. انھن کي ڪوبہ سبب نظر نہ آيو جنھن جي ڪري کين سزا ڏين، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪي ڪجھہ ٿيو ھو تنھن تي سڀ ماڻھو خدا جي واکاڻ ڪري رھيا ھئا.


سو اھي منھنجي ڪري خدا جي وڏائي ظاھر ڪندا ھئا.


پر اوھين ھڪڙو چونڊيل نسل، شاھي ڪاھنن جي جماعت، پاڪ قوم ۽ خدا جا اھڙا چونڊيل ماڻھو آھيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آھن. اوھين انھيءَ لاءِ چونڊيا ويا آھيو تہ خدا جون خوبيون ظاھر ڪريو، جنھن اوھان کي اونداھيءَ مان ڪڍي پنھنجي عجيب روشنيءَ ڏانھن سڏيو آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ