Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 17:29 - Common Language New Testament

29 پر جنھن ڏينھن لوط سدوم شھر کان نڪري ٻاھر ٿيو ھو، تنھن ڏينھن آسمان مان باھہ ۽ گندرف جو مينھن اچي وٺو ھو ۽ انھن سڀني کي ناس ڪري ڇڏيو ھئائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 پر جڏهن لوط سدوم مان نڪري ٻاهر ٿيو، تنهن وقت آسمان مان باهہ ۽ گندرف جو مينهن اچي وسيو، ۽ اُنهن سڀني کي چٽ ڪري ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

29 پر جنهن ڏينهن لوط سدوم شهر کان نڪري ٻاهر ٿيو هو، تنهن ڏينهن آڪاش مان باهہ ۽ گندرف جو مينهن اچي وٺو هو ۽ انهن سڀني کي ناس ڪري ڇڏيو هئائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 پر جنهن ڏينهن لوط سدوم شهر کان نڪري ٻاهر ٿيو هو، تنهن ڏينهن آسمان مان باهہ ۽ گندرف جو مينهن اچي وٺو هو ۽ انهن سڀني کي ناس ڪري ڇڏيو هئائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

29 परअ जैं डीं॒हं ते लूत सदोम नगरअ मां बा॒हिर निकतो, त उन हीं डीं॒हं ते आकाशअ मां बाहे ऐं गंदरफअ जी बरसात उन नगरअ जे मथां अची पई ऐं उन सबनिन मांणुन खे नाश करे छड॒यईं।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 17:29
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ساڳيءَ طرح لوط جي ڏينھن ۾ بہ ٿيو، اھي کائيندا پيئندا، وڻج واپار ڪندا، پوکيندا ۽ اڏيندا رھيا.


سو بلڪل ائين ئي ٿيندو جنھن ڏينھن ابن⁠آدم ظاھر ٿيندو.


خدا سدوم ۽ عموراہ جي شھرن کي برباديءَ جي سزا ڏيئي ساڙي رک ڪري ڇڏيو، انھيءَ لاءِ تہ اھي ايندڙ زماني جي بدڪارن لاءِ عبرت جو مثال ٿين.


ساڳئي نموني سدوم ۽ عموراہ ۽ انھن جي آس⁠پاس وارا شھر زناڪاري ۽ بدفعليءَ جي پٺيان پيا. اُھي دائمي باھہ جي سزا پيا ڀوڳين تہ جيئن ٻين لاءِ عبرت جو مثال ٿين.


سندن لاش انھيءَ وڏي شھر جي رستي تي پيا ھوندا، جتي انھن جي خداوند کي صليب تي چاڙھيو ويو ھو. انھيءَ شھر کي مثالي طرح سدوم ۽ مصر ٿا سڏين.


تہ انھيءَ کي خدا جي غضب جي مئي مان پيئڻو پوندو، يعني اھا خالص مئي جيڪا سندس غضب جي پيالي ۾ وڌي وئي آھي. انھيءَ شخص کي پاڪ ملائڪن ۽ گھيٽي جي اڳيان باھہ ۽ گندرف جو عذاب ڏنو ويندو.


انھيءَ پھرين حيوان ۽ ساڻس گڏ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ انھيءَ ٻئي حيوان کي بہ پڪڙيو ويو، جنھن حيوان جي سامھون معجزا ڏيکاريا ھئا. انھن معجزن سان ھن حيوان جو نشان ھڻائڻ وارن ۽ سندس بت جي پوڄا ڪرڻ وارن کي گمراھہ ڪيو ھو. اُھي ٻئي گندرف سان ٻرندڙ باھہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا اڇلايا ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ