Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 16:9 - Common Language New Testament

9 عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ٺڳيءَ جي ڪمائيءَ سان دوست پيدا ڪريو، انھيءَ لاءِ تہ جڏھن اھا دولت کُٽي وڃي تڏھن دائمي گھرن ۾ اھي اوھان جي آجيان ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ ناراستيءَ جي دولت سان پنهنجي لاءِ دوست پيدا ڪري ڇڏيو، تہ جڏهن اُها کٽي وڃي، تڏهن اُهي اوهان کي مدامي مڪانن ۾ قبول ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 يسوع وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ سنساري دولت سان دوست پيدا ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن اها دولت کُٽي وڃي تڏهن امر گھر ۾ اوهان جي آجيان ڪئي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ دنياوي دولت سان دوست پيدا ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن اها دولت کُٽي وڃي تڏهن دائمي گھر ۾ اوهان جي آجيان ڪئي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

9 इन करे मां तवां खे चवां तो, इन सांसारिक धनअ सां पांजे लाए दोस्तअ ठायो, छोके जड॒ऐं तवां इन संसारअ खे छडे॒ वेंदओ, त इया दौलतअ तवां जे कें बी कमअ जी न रवंदी, तड॒ऐं इहे ही दोस्तअ तवां जो अनंत घरन में स्वागत कंदा।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 16:9
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”جيڪڏھن تون ڪامل ٿيڻ گھرين ٿو تہ وڃي پنھنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُھي پيسا غريبن ۾ خيرات ڪر تہ بھشت ۾ تو کي خزانو ملندو ۽ پوءِ اچي منھنجو پوئلڳ ٿيءُ.“


”اوھين پنھنجي لاءِ خزانو ھن دنيا ۾ گڏ نہ ڪريو، جتي ڪينئان ۽ ڪٽ ان کي تباھہ ڪن ٿا ۽ چور کاٽ ھڻي چوري ڪن ٿا.


”ڪوبہ ماڻھو ٻن مالڪن جو نوڪر ٿي نہ ٿو سگھي. ھو ھڪڙي کان نفرت تہ ٻئي سان محبت ڪندو يا ھڪڙي سان وفا تہ ٻئي سان دغا ڪندو، سو اوھين خدا ۽ دولت ٻنھي جي گڏ خدمت ڪري نہ ٿا سگھو.


جيڪو اوھان جي وٽين ۽ ٿالھين ۾ آھي سو غريبن کي ڏيو تہ اوھان لاءِ سڀ ڪجھہ اجرو ٿئي.


جيڪي اٿوَ، سو وڪڻي غريبن کي خيرات ۾ ڏيو ۽ پنھنجي لاءِ اھڙيون ڳوٿريون ٺاھيو جيڪي پئي پراڻيون نہ ٿين، يعني بھشت ۾ پنھنجي لاءِ اھڙو خزانو گڏ ڪريو جو کُٽي ئي نہ، جتي نہ چور ويجھو اچيس ۽ نہ ڪينئون ٽڪي خراب ڪريس.


تہ تون سڀاڳو ٿيندين، ڇالاءِ⁠جو انھن وٽ ڪجھہ بہ ڪونھي جنھن سان تنھنجو پلئُہ پاڙين. پر تو کي قيامت ۾ ان نيڪيءَ جو اجر ملندو.“


جيڪڏھن اوھين ھن ٺڳيءَ جي ڪمائيءَ جي استعمال ۾ ايماندار نہ آھيو تہ سچيءَ دولت جو اوھان تي ڪير اعتبار ڪندو؟


ڪوبہ نوڪر ٻن مالڪن جي خدمت ڪري نہ ٿو سگھي، ھو ھڪڙي کان نفرت تہ ٻئي سان محبت ڪندو يا ھڪڙي سان وفا تہ ٻئي سان دغا ڪندو. اوھين خدا ۽ دولت ٻنھي جي ساڳئي وقت خدمت ڪري نہ ٿا سگھو.“


سو ھاڻي اھڙو ڪم ٿو ڪريان جو جڏھن منھنجي نوڪري ختم ٿئي تہ ماڻھو مون کي پنھنجي گھر ۾ اچڻ ڏين.‘


۽ چيائين تہ ’اي ڪرنيليس! خدا تنھنجون دعائون ٻڌيون آھن ۽ تنھنجون خيراتون قبول پيون آھن.


ھن ملائڪ ڏانھن ڊپ وچان ڏسندي چيو تہ ”جي سائين؟“ ملائڪ چيس تہ ”خدا تنھنجون دعائون ۽ خيراتون قبول ڪيون آھن ۽ تو کي ياد فرمايو اٿس.


جيڪا مصيبت اسين سھون ٿا اھا ھلڪي ۽ ٿوري دير جي لاءِ آھي. اھا اسان جي لاءِ اھڙو دائمي جلوو پيدا ٿي ڪري جيڪو حد کان وڌيڪ ڳؤرو آھي.


پنھنجو پاڻ کي خدا جي پيار ۾ قائم رکو ۽ ھميشہ جي زندگيءَ لاءِ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي رحم جا منتظر رھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ