Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 16:8 - Common Language New Testament

8 جيئن تہ بي⁠ايمان منشيءَ مالڪ سان چالاڪي ڪئي ھئي، سو ھو سندس چالاڪيءَ کي مڃڻ لڳو. اھڙيءَ ئي طرح ھن زماني جا ماڻھو پنھنجن معاملن ۾ خدا جي بادشاھت جي ماڻھن کان وڌيڪ چالاڪ آھن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ سندس مالڪ اُنهي کوٽي گماشتي جا انصاف مڃيا، ڇالاءِ جو هن پڪائي ڪئي هئي! ڪيئن جو هن دنيا جا ٻار پنهنجي زماني ۾ روشني جي ٻارن کان وڌيڪ سياڻا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 اهو ڏسي سندس مالڪ بي‌ايمان منشيءَ جي ساراهہ ڪئي، انهيءَ ڪري جو هن هوشياريءَ کان ڪم ورتو هو. اهڙيءَ ئي طرح هن زماني جا ماڻهو هڪٻئي سان هلت چلت ۾ ايشور جي راڄ جي ماڻهن کان وڌيڪ هوشيار آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 اهو ڏسي سندس مالڪ بي‌ايمان منشيءَ جي تعريف ڪئي، انهيءَ ڪري جو هن هوشياريءَ کان ڪم ورتو هو. اهڙيءَ ئي طرح هن زماني جا ماڻهو هڪٻئي سان هلت چلت ۾ خدا جي بادشاهيءَ جي ماڻهن کان وڌيڪ هوشيار آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

8 “मालिकअ उन बईमान भण्डारीअ जी तारीफअ कई; छोके उन चालाकीअ सां कम कयो वईं। इयो सच आहे, के हिन ज़माने जा मांणू लेन-देन जे मामले में परमेश्वरअ जे राज॒अ जे मांणुन खां वधीकअ चालाक आइन।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 16:8
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏھن ڪو ابن⁠آدم جي خلاف ڪجھہ ڳالھائيندو تہ اھو کيس بخش ٿي سگھندو، پر جيڪڏھن ڪو پاڪ روح جي خلاف ڪجھہ ڳالھائيندو تہ اھو کيس نڪي ھن جھان ۾ ۽ نہ وري ايندڙ جھان ۾ بخشيو ويندو.“


تنھن تي پطرس جواب ڏنو تہ ”ڌاريا.“ عيسيٰ چيو تہ ”چڱو، پوءِ ان جو مطلب تہ ملڪ جا رھاڪو محصول ڏيڻ کان آجا آھن.


جيڪو ٿوري ۾ ايماندار آھي سو گھڻي ۾ بہ ايماندار رھندو ۽ جيڪو ٿوري ۾ بي⁠ايمان آھي سو گھڻي ۾ بہ بي⁠ايمان ٿيندو.


سو ھاڻي اھڙو ڪم ٿو ڪريان جو جڏھن منھنجي نوڪري ختم ٿئي تہ ماڻھو مون کي پنھنجي گھر ۾ اچڻ ڏين.‘


پوءِ ٻئي کان پڇيائين تہ ’تو تي ڪيترو قرض آھي؟‘ ھن ورندي ڏني تہ ’ھڪ ھزار ٻوريون ڪڻڪ جون.‘ انھيءَ کي بہ چيائين تہ ’پنھنجي رسيد کڻي اٺ ⁠سؤ ٻوريون لکي ڏي.‘


تڏھن خداوند چيو تہ ”ٻڌءَ، ھن بي⁠انصاف جج ڇا چيو؟


تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”ھن زماني جا ماڻھو پرڻبا ۽ پرڻائبا آھن،


پر جيڪي انھيءَ لائق آھن تہ آخرت ۾ جيئرا ٿي اٿن ۽ انھيءَ زماني ۾ رھن، سي نہ پرڻبا ۽ نڪي پرڻايا ويندا.


جيستائين روشني اوھان وٽ آھي تيستائين روشنيءَ تي ايمان آڻيو، تہ جيئن اوھين روشنيءَ جا ٻار ٿيو.“ ھن چوڻ کان پوءِ عيسيٰ ھليو ويو ۽ پاڻ کي انھن کان لڪايائين.


ڪوبہ ماڻھو پاڻ کي نہ ٺڳي. جيڪڏھن اوھان منجھان ڪو ماڻھو ڀانئين تہ ھن زماني جي لحاظ کان ڏاھو ليکجان، تہ پوءِ کيس بي⁠وقوف بڻجڻ گھرجي تہ جيئن ھو ڏاھو ٿي پوي.


ڇالاءِ⁠جو اڳي اوھين اوندھہ مثل ھئا، پر ھاڻي اوھين خداوند جا ماڻھو ھئڻ ڪري روشنيءَ مثل آھيو. سو اوھان کي انھن ماڻھن وانگر زندگي گذارڻ گھرجي جيڪي روشنيءَ وارا آھن.


انھن جي پڇاڙي بربادي آھي، انھن جو خدا سندن پيٽ آھي، اھي پنھنجي شرم وارين ڳالھين تي فخر ٿا ڪن ۽ کين رڳو دنياوي شين جو فڪر ٿو رھي.


بلڪ اوھان سڀني جو روشنيءَ ۽ ڏينھن سان گھاٽو تعلق آھي. اسان جو رات يا اونداھيءَ سان ڪوبہ تعلق ڪونھي.


پر اوھين ھڪڙو چونڊيل نسل، شاھي ڪاھنن جي جماعت، پاڪ قوم ۽ خدا جا اھڙا چونڊيل ماڻھو آھيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آھن. اوھين انھيءَ لاءِ چونڊيا ويا آھيو تہ خدا جون خوبيون ظاھر ڪريو، جنھن اوھان کي اونداھيءَ مان ڪڍي پنھنجي عجيب روشنيءَ ڏانھن سڏيو آھي.


انھيءَ مان اسان کي خبر پوي ٿي تہ ڪير خدا جا ۽ ڪير شيطان جا ٻار آھن، ڇالاءِ⁠جو جيڪو سچائي نہ ٿو ڪري سو خدا جو ٻار نہ آھي ۽ نڪي اھو جيڪو پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان پيار نہ ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ