Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 16:2 - Common Language New Testament

2 تنھن تي شاھوڪار منشيءَ کي گھرائي چيو تہ ’تنھنجي باري ۾ آءٌ ھي ڇا پيو ٻڌان؟ پنھنجي منشگيريءَ جو سڄو حساب ڪتاب ڏي، ڇالاءِ⁠جو آءٌ تو کي اڳتي پنھنجو منشي رکي ڪين سگھندس.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ هن سڏي چيس تہ هي تنهنجي بابت ڇا پيو ٻُڌان؟ پنهنجيءَ گماشتگيريءَ جو حساب ڏي، جو اڳتي آئون توکي گماشتو رکي ڪين سگهندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 تنهن تي شاهوڪار منشيءَ کي گھرائي چيو تہ ’تنهنجي باري ۾ آءٌ هي ڇا پيو ٻڌان؟ پنهنجي مُنشيگيريءَ جو سڄو حساب ڪتاب ڏي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي اڳتي پنهنجو منشي رکي ڪين سگھندس.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تنهن تي شاهوڪار منشيءَ کي گھرائي چيو تہ ’تنهنجي باري ۾ آءٌ هي ڇا پيو ٻڌان؟ پنهنجي مُنشيگيريءَ جو سڄو حساب ڪتاب ڏي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي اڳتي پنهنجو منشي رکي ڪين سگھندس.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

2 इन ते उन शाहूकारअ पांजे भण्डारीअ खे सड॒ करे पुछयईंस, ‘इयो मां तुंजे बारे में छा तो बु॒धां? पांजे भण्डारीपनअ जो हिसाब-किताब डे॒, छोके अग॒यां खां तूं मुंजो भण्डारी न रवंदे।’

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 16:2
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آخرت جي ڏينھن ھر ھڪ کي پنھنجي بيڪار ڳالھايل لفظن جو حساب ڏيڻو پوندو.


جڏھن سانجھي ٿي تہ مالڪ پنھنجي منشيءَ کي چيو تہ ’مزورن کي سڏي کين مزوري ڏي. پھريائين انھن کي ڏيڻ شروع ڪر جيڪي پڇاڙيءَ ۾ ڪم تي بيٺا ھئا ۽ پڇاڙيءَ ۾ انھن کي ڏي جيڪي پھريائين ڪم تي بيٺل ھئا.‘


پر خدا چيس تہ ’اي بيوقوف! اڄوڪي رات ئي تنھنجي جان ورتي ويندي، پوءِ جيڪي گڏ ڪري رکيو اٿئي سو ڪنھن جو ٿيندو؟‘“


خداوند جواب ۾ چيو تہ ”اوھان مان ڪير ايماندار ۽ سياڻو نوڪر آھي، جنھن کي سندس مالڪ پنھنجن نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو ھجي تہ انھن کي وقت تي کاڌو پاڻي پھچائي؟


پوءِ عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”ڪنھن شاھوڪار وٽ ھڪڙو منشي ھوندو ھو. ڪن ماڻھن شاھوڪار کي ٻڌايو تہ ’منشي تنھنجي دولت اڏائي ٿو.‘


تڏھن منشي دل ۾ چوڻ لڳو تہ ’پوءِ مان ڇا ڪندس؟ ڇالاءِ⁠جو منھنجو مالڪ تہ مون کي منشگيريءَ مان ڪڍي ٿو. ڪوڏر ھڻڻ جي تہ مون ۾ طاقت ڪانھي ۽ پنڻ کان بہ مون کي شرم ٿو اچي.


اھڙيءَ طرح اسان مان ھر ھڪ خدا کي پنھنجو پنھنجو حساب ڏيندو.


جڏھن تہ ڪلوئيءَ جي گھر وارن مون کي ٻڌايو آھي تہ اوھان ڀائرن ۽ ڀينرن جا ھڪ ٻئي سان ڪافي جھيڙا جھڳڙا آھن.


۽ جن کي ڪا شيءِ سونپي ويندي آھي تن جو فرض آھي تہ ايماندار رھن.


تنھنڪري خداوند جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنھن بہ ڳالھہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اھو ئي اوندھہ ۾ لڪل شيون پڌريون ڪندو ۽ ماڻھن جي دلين جون رٿون ظاھر ڪندو. تڏھن خدا جي طرفان ھر ڪنھن جي پوري پوري ساراھہ ٿيندي.


ڇالاءِ⁠جو اسان سڀني کي مسيح جي عدالت اڳيان پيش ٿيڻو آھي، تہ جيئن ھر ڪنھن کي انھن ڪمن جو بدلو ملي، جيڪي ھن جسم ۾ رھي ڪيا آھن، پوءِ اھي چڱا ھجن يا بڇڙا.


جيڪا نعمت تو کي نبوت واري پيغام جي وسيلي بزرگن جي ھٿن رکڻ سان ملي ھئي، تنھن کان غافل نہ رھہ.


ڪن ماڻھن جا گناھہ سندن عدالت ۾ پھچڻ کان اڳي ئي صاف ظاھر ٿا ٿين، پر ڪن جا گناھہ آخر ۾ ظاھر ٿين ٿا.


ھر ماڻھوءَ کي جيڪا نعمت ملي آھي سو انھيءَ نعمت کي، خدا جي فضل جي مختلف نعمتن جو چڱو مختيار ٿي ھڪ ٻئي جي خدمت لاءِ ڪم آڻي.


پر کين انھيءَ کي حساب ڏيڻو پوندو، جيڪو جيئرن ۽ مئلن جو انصاف ڪرڻ لاءِ تيار آھي.


مون سڀني مئلن، ننڍن توڙي وڏن کي تخت جي اڳيان بيٺل ڏٺو. ڪتاب کوليا ويا ۽ اُن سان گڏ ھڪ ٻيو ڪتاب، يعني زندگيءَ جو ڪتاب بہ کوليو ويو ۽ جھڙيءَ طرح انھن ڪتابن ۾ لکيل ھو، تھڙيءَ طرح انھن جي ڪمن مطابق مئلن جو انصاف ڪيو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ