Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 15:29 - Common Language New Testament

29 پر ھن پنھنجي پيءُ کي جواب ۾ چيو تہ ’ڏسو، سالن کان آءٌ ھڪ ٻانھي وانگر اوھان جي خدمت ڪندو رھيو آھيان ۽ ڪڏھن بہ اوھان جي نافرماني نہ ڪئي اٿم، مگر توھان ڪڏھن مون کي ڇيلو بہ نہ ڏنو تہ وڃي پنھنجن سنگتين سان موجون ماڻيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 پر هن جواب ڏيئي پيءُ کي چيو، تہ ڏس، هيترا سال آئون تنهنجي خدمت ۾ رهيو آهيان، ۽ ڪڏهن تنهنجي چئي کان ٻاهر نہ ويو آهيان: تہ بہ تو مون کي هڪڙو ڇيلو بہ نہ ڏنو، تہ آئون پنهنجن سنگتين سان وڃي خوشي ڪريان:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

29 پر هن پنهنجي پتا کي جواب ۾ چيو تہ ’ڏسو، سالن کان آءٌ هڪ داس وانگر اوهان جي سيوا ڪندو رهيو آهيان ۽ ڪڏهن بہ اوهان جي نافرماني نہ ڪئي اٿم، پر اوهان ڪڏهن مون کي ڇيلو بہ نہ ڏنو تہ وڃي پنهنجي سنگتين سان موجون ماڻيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 پر هن پنهنجي پيءُ کي جواب ۾ چيو تہ ’ڏسو، سالن کان آءٌ هڪ ٻانهي وانگر اوهان جي خدمت ڪندو رهيو آهيان ۽ ڪڏهن بہ اوهان جي نافرماني نہ ڪئي اٿم، پر اوهان ڪڏهن مون کي ڇيلو بہ نہ ڏنو تہ وڃي پنهنجي سنگتين سان موجون ماڻيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

29 परअ उहो पांजे पिता खे गुस्से में चवण लगो॒, ‘डि॒स, मां एड॒न सालन खां गुलामन वांगुर तुंजी सेवा करे रयो आयां ऐं कड॒ऐं बी तुंजी आज्ञा न टारी आहे परअ त बी तूं मुखे कड॒ऐं हिक ब॒करीअ जो वछड़ो बी न डि॒नए, के मां पांजे दोस्तन सां वञी आनंद मनायां।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 15:29
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

’اسان، جن سڄو ڏينھن پورھيو ڪيو ۽ سج جي گرمي سَٺي تن کي بہ تو اوتري ئي مزوري ڏني آھي جيتري رڳو ھڪڙي پھر کان بہ گھٽ ڪم ڪندڙن کي ڏني اٿيئي.‘


تڏھن ھو ايڏو تہ ڪاوڙيو جو گھر ۾ اندر ئي نہ پيو وڃي. تنھن تي سندس پيءُ ٻاھر اچي کيس سمجھائڻ لڳو.


پر اوھان جو ھي پٽ، جنھن رنڊين ۾ اوھان جي ملڪيت اڏائي ڇڏي، سو ھاڻي آيو آھي تہ ھن لاءِ ٿلھو متارو وھڙو ڪٺو اٿوَ.‘


آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ساڳيءَ طرح ھڪ گنھگار جيڪو توبھہ ٿو ڪري، ان لاءِ بھشت ۾ وڌيڪ خوشي ٿيندي بنسبت انھن نوانوي نيڪن جي، جن کي توبھہ جي ضرورت نہ آھي.“


ساڳيءَ طرح اوھان کي بہ جن ڪمن لاءِ حڪم ڪيل آھي، جڏھن اھي پورا ڪريو تڏھن چئو تہ ’اسين تہ خسيس غلام آھيون، جيڪو اسان تي ڪرڻ فرض ھو، سو ئي اسان ڪيو.‘“


جن کي پنھنجي سچائيءَ تي ناز ھو ۽ ٻين کي گھٽ سمجھندا ھئا، تن کي عيسيٰ ھڪڙو مثال ٻڌايو تہ


ڇاڪاڻ⁠تہ مون کي اوھان کان ڊپ ٿيو جو اوھين سخت ماڻھو آھيو. جيڪي توھان جمع نہ ڪيو آھي سو کڻو ٿا ۽ جيڪي اوھان نہ پوکيو آھي سو لڻو ٿا.‘


انھن کي ڄاڻ نہ ھئي تہ ڪھڙيءَ طرح خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن سچار ڪري ٿو، پر انھن پنھنجي منھن ڪوشش ڪئي، تنھنڪري اھي خدا جي سچائيءَ جا تابعدار نہ ٿيا.


مطلب تہ شريعت جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ڪوبہ ماڻھو خدا ڏانھن سچار ٿي نہ ٿو سگھي. شريعت جي وسيلي تہ رڳو کيس گناھن جي خبر پوي ٿي.


پوءِ اسان کي فخر ڪرڻ نہ گھرجي، ڇالاءِ⁠جو اسين شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو ايمان جي ئي وسيلي خدا ڏانھن سچار ٿي سگھون ٿا.


ڪو وقت ھو جڏھن شريعت کان سواءِ آءٌ جيئرو ھوس، پر جڏھن شرعي حڪم آيو تہ گناھہ جيئرو ٿي پيو ۽ آءٌ مري ويس.


جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي تہ پاڪ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنھن کي آءٌ لڪل مَنَ مان ڪجھہ ڏيندس ۽ ھڪڙو تجليدار پٿر بہ ڏيندوسانس. انھيءَ پٿر تي ھڪڙو نئون نالو لکيل ھوندو، جنھن کي ٻيو ڪوبہ نہ ڄاڻيندو سواءِ انھيءَ جي جنھن کي ملندو.“


اوھين چئو ٿا تہ اسين دولتمند آھيون ۽ گھڻي دولت گڏ ڪئي اٿئون ۽ ڪنھن بہ شيءِ جي گھرج ڪانہ اٿئون. پر اوھان کي اھا خبر ڪانھي تہ اوھين بد⁠بخت، ڏکيا، ڪنگال، انڌا ۽ اگھاڙا آھيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ