Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 15:28 - Common Language New Testament

28 تڏھن ھو ايڏو تہ ڪاوڙيو جو گھر ۾ اندر ئي نہ پيو وڃي. تنھن تي سندس پيءُ ٻاھر اچي کيس سمجھائڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 پر هو اچي ڪاوڙيو، ۽ اندر ئي نہ وڃي. تنهن تي پڻس ٻاهر آيو، ۽ اچي سمجهايائينس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

28 تڏهن هو ايڏو تہ ڪاوڙيو جو گھر ۾ اندر ئي نہ پيو وڃي. تنهن تي سندس پتا ٻاهر اچي کيس سمجھائڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 تڏهن هو ايڏو تہ ڪاوڙيو جو گھر ۾ اندر ئي نہ پيو وڃي. تنهن تي سندس پيءُ ٻاهر اچي کيس سمجھائڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

28 इयो बु॒धी करे उहो एतरे हद ताईं गुस्से में अची वयो, के उहो घर जे अंदर बी न प्यो वञे परअ उन जो पिता बा॒हिर अची करे उन खे मनाएण लगो॒।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 15:28
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھن پيسا تہ کنيا پر مالڪ جي خلاف ڪرڪڻ لڳا تہ


ڪوڙھہ جھڙي مرض وارو ھڪڙو ماڻھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ گوڏن ڀر ويھي کيس نيزاري ڪري چيائين تہ ”جيڪڏھن اوھين چاھيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪري سگھو ٿا.“


اي يروشلم! اي يروشلم! تون جو نبين جو قاتل آھين ۽ جيڪي تو ڏانھن موڪليا ٿا وڃن، تن کي سنگسار ٿو ڪرين، مون تنھنجي ٻچن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنھنجن چوزن کي پنھنجن کنڀن ھيٺان گڏ ڪندي آھي، پر تو نہ چاھيو.


تنھن تي فريسي ۽ شريعت جا عالم پاڻ ۾ سس⁠پس ڪرڻ لڳا تہ ”ھي يار تہ گنھگارن جي بہ آجيان ٿو ڪري ۽ کين پاڻ سان گڏ ٿو کارائي!“


تنھن تي نوڪر چيس تہ ’تنھنجو ڀاءُ صحيح سلامت گھر موٽي آيو، تنھنڪري تنھنجي پيءُ ٿلھو متارو وھڙو ڪھايو آھي.‘


پر ھن پنھنجي پيءُ کي جواب ۾ چيو تہ ’ڏسو، سالن کان آءٌ ھڪ ٻانھي وانگر اوھان جي خدمت ڪندو رھيو آھيان ۽ ڪڏھن بہ اوھان جي نافرماني نہ ڪئي اٿم، مگر توھان ڪڏھن مون کي ڇيلو بہ نہ ڏنو تہ وڃي پنھنجن سنگتين سان موجون ماڻيان.


۽ ھن جي نالي ۾ يروشلم کان وٺي سڀني قومن تائين توبھہ ۽ گناھن جي بخشڻ جي تبليغ ضرور ڪئي وڃي.


ڪن فريسين ۽ سندن شريعت جي عالمن عيسيٰ جي شاگردن تي ڪُرڪي کين چيو تہ ”ڇو اوھين محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ کائو پيئو ٿا؟“


تنھن تي فريسي، جنھن عيسيٰ جي دعوت ڪئي ھئي سو ھي ڏسي پنھنجي دل ۾ چوڻ لڳو تہ ”جيڪڏھن ھي شخص نبي ھجي ھا تہ جيڪر سڃاڻي وٺي ھا تہ ھيءَ عورت جيڪا کيس ھٿ ٿي لائي سا ڪھڙي قسم جي آھي، ڇالاءِ⁠جو ھوءَ تہ گنھگار آھي!“


جڏھن يھودين ميڙ ڏٺا تہ حسد وٺي وين، سو ھو پولس جي تبليغ خلاف بدشد ڳالھائڻ لڳا ۽ ھن جي بي⁠عزتي ڪيائون.


پر يھودين شھر جي معزز ماڻھن ۽ عزت وارين خداترس عورتن کي ڀڙڪائي پولس ۽ برنباس کي ڏاڍو ستايو ۽ کين پنھنجي علائقي مان تڙي ڪڍيائون.


ايتري ۾ ڪي يھودي پسديا واري انتاخيا ۽ اِڪونيم کان اچي پھتا ۽ ماڻھن کي پنھنجي طرف ڦيري ويا. ھنن پولس کي پٿر ھڻايا ۽ کيس شھر مان گھلي ٻاھر ڦٽو ڪيائون، ڇالاءِ⁠جو سمجھيائون تہ ھو مري چڪو آھي.


پر جن يھودين ايمان نہ آندو، تن غير قوم وارن کي ڀڙڪايو ۽ انھن جي جذبات کي ڀائرن جي خلاف ڪيائون.


آءٌ وري پڇان ٿو تہ ڇا بني اسرائيل جي ماڻھن کي خبر نہ ھئي؟ موسيٰ جي وسيلي خدا اڳي ئي چيو تہ ”آءٌ اوھان کي انھن ماڻھن جي وسيلي غيرت ڏياريندس، جيڪي ڪا قوم ئي نہ آھن. آءٌ اوھان کي ان قوم جي وسيلي ڪاوڙائيندس، جيڪا بي⁠سمجھہ آھي.“


تنھنڪري اسين مسيح جي پاران ايلچي آھيون، ڄڻ تہ خدا اسان جي وسيلي گھُر ٿو ڪري. سو اسين مسيح جي پاران اوھان کي منٿ ٿا ڪريون تہ خدا سان صلح ڪريو.


اھي اسان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا تہ اسين غير قومن کي سندن ڇوٽڪاري جو ڪلام نہ ٻڌايون. اھڙيءَ طرح اھي پنھنجن گناھن جي گھَڙي کي ھميشہ ڀريندا ٿا رھن. پر نيٺ انھن تي خدا جو ڀرپور غضب اچي ڪڙڪيو آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ