Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 15:10 - Common Language New Testament

10 آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ اھڙيءَ طرح خدا جي ملائڪن ۾ بہ خوشي ٿئي ٿي جڏھن ھڪ گنھگار توبھہ ٿو ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ساڳيءَ ريت آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هڪڙو گنهگار جو توبهہ ٿو ڪري، تنهن لاءِ خدا جي ملائڪن ۾ خوشي ٿي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اهڙيءَ طرح ايشور جي دوتن ۾ بہ خوشي ٿئي ٿي جڏهن هڪ پاپي توبهہ ٿو ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اهڙيءَ طرح خدا جي ملائڪن ۾ بہ خوشي ٿئي ٿي جڏهن هڪ گنهگار توبهہ ٿو ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

10 मां तवां खे चवां तो के, इंय हीं हिकअ पापीअ जे बारे में बी आहे जेको पांजे पापन खां तौबां तो करे, उन जे लाए स्वर्ग॒अ में परमेश्वरअ जे स्वर्ग॒दूतन जे सामूं आनंद मनायो वेंदो आहे।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 15:10
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”جيڪو مون کي ماڻھن جي اڳيان پڌري پٽ قبوليندو، تنھن کي آءٌ بہ پنھنجي آسمان واري پيءُ جي اڳيان قبول ڪندس.


”ڏسو، متان ھنن ننڍڙن مان ڪنھن بہ ھڪ کي خسيس ڪري سمجھو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آسمان ۾ ھنن جا ملائڪ ھر وقت منھنجي آسمان واري پيءُ جي حضور ۾ حاضر رھن ٿا.


ساڳيءَ طرح اوھان جو آسمان وارو پيءُ نہ ٿو چاھي تہ ھنن ننڍڙن مان ڪو ھڪڙو بہ گمراھہ ٿي وڃي.“


”آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو مون کي ماڻھن جي اڳيان پڌري پٽ قبوليندو تہ ان کي ابن⁠آدم بہ خدا جي ملائڪن جي اڳيان قبول ڪندو.


پر جيڪو ماڻھن جي اڳيان مون کي قبول نہ ڪندو، تنھن کي خدا جي ملائڪن جي اڳيان بہ قبول نہ ڪيو ويندو.


آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ نہ، پر جيڪڏھن اوھين پنھنجن گناھن کان توبھہ نہ ڪندا تہ ائين برباد ٿيندا، جيئن اھي ٿيا ھئا.“


عيسيٰ ھيئن بہ چيو تہ ”ھڪڙي ماڻھوءَ کي ٻہ پٽ ھئا،


آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ساڳيءَ طرح ھڪ گنھگار جيڪو توبھہ ٿو ڪري، ان لاءِ بھشت ۾ وڌيڪ خوشي ٿيندي بنسبت انھن نوانوي نيڪن جي، جن کي توبھہ جي ضرورت نہ آھي.“


جڏھن لڀيس ٿو تہ پنھنجن ساھيڙين ۽ پاڙي وارين کي سڏي گڏ ڪري چوندي تہ ’مون سان گڏجي خوشي ڪريو، ڇالاءِ⁠جو مون پنھنجو وڃايل سڪو لڌو آھي.‘


انھيءَ ڪري آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ ھن جا گناھہ، جيڪي گھڻا ھئا بخشيا ويا آھن، تنھنڪري ھن گھڻو پيار ڪيو آھي. پر جنھن جا گناھہ ٿورا ھئا جيڪي بخشيا ويا، سو ٿورو پيار ٿو ڪري.“


جڏھن انھن ھي ٻڌو تہ کڻي ماٺ ڪيائون ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”خدا غير قومن کي بہ توفيق ڏني آھي تہ ھو توبھہ ڪن ۽ زندگي حاصل ڪن.“


پر انھيءَ رات خداوند جي ھڪڙي ملائڪ اچي جيل جا دروازا کوليا ۽ رسولن کي ٻاھر ڪڍيائين ۽ کين چيائين تہ


ڇالاءِ⁠جو اھڙو غم جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب آھي سو توبھہ پيدا ٿو ڪري. اھڙي توبھہ جنھن جو نتيجو ڇوٽڪارو آھي، تنھن ۾ ڪوبہ پڇتاءُ نہ ٿو ٿئي. پر دنياوي غم موت پيدا ٿو ڪري.


شايد اُنيسمس تو کان ٿوري وقت لاءِ انھيءَ ڪري ڌار ٿيو تہ جيئن پوءِ ھو تو وٽ ھميشہ لاءِ رھي.


ڇا اھي سڀ ملائڪ خدمت ڪندڙ روح نہ آھن، جيڪي ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ وارن جي لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ