Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 14:15 - Common Language New Testament

15 تڏھن مھمانن مان ھڪڙي اھي ڳالھيون ٻڌي عيسيٰ کي چيو تہ ”سڀاڳو آھي اُھو، جيڪو خدا جي بادشاھت ۾ ماني کائيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 پوءِ مهمانن مان هڪڙي اهي ڳالهيون ٻُڌي چيس، تہ مبارڪ آهي اُهو جو خدا جي بادشاهت ۾ ماني کائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 تڏهن مهمانن مان هڪڙي اهي ڳالهيون ٻڌي يسوع کي چيو تہ ”سڀاڳو آهي اُهو، جيڪو ايشور جي راڄ ۾ کائيندو پيئندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 تڏهن مهمانن مان هڪڙي اهي ڳالهيون ٻڌي عيسيٰ کي چيو تہ ”سڀاڳو آهي اُهو، جيڪو خدا جي بادشاهيءَ ۾ کائيندو پيئندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

15 येशुअ सां गड॒ रोटी खाएण वारन मां कें हिकड़े मांणूअ इयो बु॒धी हुन खे चयईं, “धन्य आहे उहो जेको परमेश्वरअ जे राज॒अ में रोटी खाईंदो।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 14:15
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھنڪري اياڻيون ڇوڪريون تيل وٺڻ لاءِ ويون پئي تہ ايتري ۾ گھوٽ بہ اچي پھتو. پنج ڇوڪريون جيڪي تيار ھيون سي گھوٽ سان شاديءَ جي محفل ۾ ويون ۽ دروازو بند ٿي ويو.


آءٌ اوھان کي ٻڌايان تہ ڪيترائي اڀرندي ۽ الھندي کان ايندا ۽ آسمان واري بادشاھت ۾ ابراھيم، اسحاق ۽ يعقوب سان اچي دسترخوان تي گڏ ويھندا.


سڀاڳا آھن اھي نوڪر، جن کي سندن مالڪ اچڻ سان سجاڳ ٿو ڏسي. سچ پڇو تہ ھو کين کارائڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيھندو ۽ پنھنجي سر پاڻ اچي سندن خدمت ڪندو.


ماڻھو اوڀر ۽ اولھہ، اتر ۽ ڏکڻ کان ايندا ۽ اچي خدا جي بادشاھت جي دعوت ۾ شريڪ ٿيندا.


ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ تيستائين آءٌ وري اھا نہ کائيندس جيستائين خدا جي بادشاھت ۾ انھيءَ جو پورو مطلب نہ نڪري.“


اوھين منھنجي بادشاھت ۾ مون سان گڏ منھنجي دسترخوان تي کائيندا پيئندا ۽ تخت تي ويھي اوھين بني اسرائيل جي ٻارھن قبيلن جا فيصلا ڪندا.“


ان کان پوءِ ملائڪ مون کي چيو تہ ”لک، سڀاڳا آھن اُھي، جن کي گھيٽي جي شاديءَ جي دعوت ملي آھي.“ ھن ھي بہ چيو تہ ”ھي خدا جون سچيون ڳالھيون آھن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ