Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 14:12 - Common Language New Testament

12 پوءِ جنھن ماڻھوءَ عيسيٰ کي دعوت ڏني ھئي، تنھن کي عيسيٰ چيو تہ ”جڏھن بہ دعوت ڪرين، يا سڏ ڏئين تہ پنھنجن دوستن يا ڀائرن، مٽن مائٽن يا شاھوڪار پاڙيسرين کي دعوت نہ ڏي، ڇاڪاڻ⁠تہ متان اھي بہ تو کي دعوت ڏيئي پلئُہ پاڙي ڇڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ جنهن کيس ڪوٺيو هو، تنهن کي پڻ چيائين، تہ جڏهن تون ڏينهن جي يا رات جي ماني ڪرين، تڏهن پنهنجن دوستن، يا ڀائرن، يا مٽن مائٽن، يا شاهوڪار پاڙيسرين کي نہ ڪوٺج، متان اُهي بہ وري توکي ڪوٺي بدر پاڙي ڇڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 پوءِ جنهن ماڻهوءَ يسوع کي دعوت ڏني هئي، تنهن کي يسوع چيو تہ ”جڏهن بہ رسوئي کائڻ جو سڏ ڏئين تہ پنهنجي دوستن يا ڀائرن، مٽن مائٽن يا شاهوڪار پاڙيسرين کي دعوت نہ ڏج، ڇاڪاڻ تہ متان بدلي ۾ اهي بہ تو کي دعوت ڏيئي تنهنجو ٿورو لاهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 پوءِ جنهن ماڻهوءَ عيسيٰ کي دعوت ڏني هئي، تنهن کي عيسيٰ چيو تہ ”جڏهن بہ دعوت کائڻ جو سڏ ڏئين تہ پنهنجي دوستن يا ڀائرن، مٽن مائٽن يا شاهوڪار پاڙيسرين کي دعوت نہ ڏج، ڇاڪاڻ تہ متان بدلي ۾ اهي بہ تو کي دعوت ڏيئي تنهنجو ٿورو لاهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

12 इन खां पो येशुअ पांजे न्योतो डि॒यण वारे खे बी चयईं, “जड॒ऐं बी तूं दावतअ जो न्योतो डी॒ं, त पांजे दोस्तन, भावरन, मिट-माइटन ऐं शाहूकार पाड़ेवारन खे न सड॒ कराए जैं। किथे इंय न थे, के उहे बी तोखे न्योतो डि॒यन इंय करण सां तूं जेको कुछ कयो आहे उन जो कोई फायदो न रवंदो।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 14:12
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏھن اوھين رڳو انھن سان پيار ڪريو ٿا جيڪي اوھان سان پيار ڪن ٿا تہ اوھان کي ڪھڙو اجر ملندو؟ محصول اڳاڙيندڙ بہ تہ ائين ئي ڪن ٿا.


ھن بکايلن کي سٺين شين سان ڍائي ڇڏيو آھي ۽ شاھوڪارن کي خالي ھٿين موٽائي ڇڏيو آٿس.


ھن جي پاڙيسرين ۽ مائٽن جڏھن ٻڌو تہ خداوند ھن تي وڏي مھرباني ڪئي آھي تہ اھي بہ ساڻس گڏجي خوشيون ڪرڻ لڳا.


ڇالاءِ⁠جو جيڪو پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي، سو گھٽ ٿيندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“


پر جڏھن بہ تون مانيءَ جي دعوت ڪرين تہ غريبن، جڏن، منڊن، ٽُنڊن ۽ انڌن کي ڪوٺ ڏج،


ھاڻي آءٌ اوھان کي پنھنجا ٻار سمجھي چوان ٿو تہ اوھين بہ ساڳيءَ طرح پنھنجون دليون ڪشاديون ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ