Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 13:34 - Common Language New Testament

34 اي يروشلم! اي يروشلم! تون جو نبين جو قاتل آھين ۽ جيڪي تو ڏانھن موڪليا ٿا وڃن، تن کي سنگسار ٿو ڪرين، مون تنھنجي ٻچن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنھنجن چوزن کي پنھنجن کنڀن ھيٺان گڏ ڪندي آھي، پر تو نہ چاھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 اي يروشلم، اي يروشلم، تون جو نبين کي قتل ٿو ڪرين، ۽ جيڪي تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن، تن کي سنگسار ٿو ڪرين! ڪيترا نہ ڀيرا مون، جيئن ڪڪڙ پنهنجن ٻچن کي پنهنجن کنڀن هيٺ گڏ ڪندي آهي، تيئن تنهنجن ٻچن کي گڏ ڪرڻ ٿي گهريو، پر اوهان نہ مڃيو!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 يروشلم! اي يروشلم! تون سنديش ڏيندڙ سنتن جو قاتل آهين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي سنديش ڏيندڙ تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن، تن کي تون سنگسار ٿو ڪرين. تنهن هوندي بہ مون تنهنجي رهاڪن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنهنجي چوزن کي پنهنجي کنڀن هيٺان گڏ ڪندي آهي، پر تو نہ چاهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 يروشلم! اي يروشلم! تون نبين جو قاتل آهين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پيغمبر تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن، تن کي تون سنگسار ٿو ڪرين. تنهن هوندي بہ مون تنهنجي رهاڪن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنهنجي چوزن کي پنهنجي کنڀن هيٺان گڏ ڪندي آهي، پر تو نہ چاهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

34 “हे यरूशलेम! हे यरूशलेम! उहो शहेर जेको भविष्यवक्‍ताउन खे मारे छडी॒ंदो आहे ऐं परमेश्वरअ जे दूतन ते पथराव कंदो आहे। मां केतराही दफ़ा चायो के जीअं मुर्गी पांजे बा॒रन खे पांजे परन जे हेठां इकट्ठो कंदी आहे, उअं हीं मां बी तुंजे बा॒रन खे इकट्ठो कयां परअ तो मुखे इज़ाजतअ न डि॒नी।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 13:34
46 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھن دعوتين ڏانھن پنھنجا نوڪر موڪليا تہ ھو دعوت تي اچن، پر اھي اچڻ نہ پيا گھرن.


ڪن وري سندس نوڪرن کي پڪڙي، انھن کي مار ڏني ۽ قتل ڪري ڇڏيائون.


تڏھن ھو ايڏو تہ ڪاوڙيو جو گھر ۾ اندر ئي نہ پيو وڃي. تنھن تي سندس پيءُ ٻاھر اچي کيس سمجھائڻ لڳو.


اھي تو کي ۽ تنھنجي ٻارن کي جيڪي تو ۾ آھن، جھلي پٽ تي ھڻندا ۽ تنھنجي سِر سِر سان نہ ملندي، ڇالاءِ⁠جو تو ان وقت کي نہ سڃاتو، جڏھن خدا تو کي بچائڻ لاءِ آيو.“


عيسيٰ ڦري ھنن کي چيو تہ ”اي يروشلم جون نياڻيون! منھنجي لاءِ نہ روئو، پر پنھنجي لاءِ ۽ پنھنجن ٻچن لاءِ روئو،


اھو ڪھڙو نبي ھو جنھن کي اوھان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ ھنن انھن کي بہ مارايو، جن انھيءَ سچار بندي جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني ۽ ھاڻي اوھان پاڻ انھيءَ سان دغابازي ڪري کيس مارايو آھي.


پوءِ جيئن انھن استيفنس تي پٿر پئي وسايا تہ ھن خداوند کي سڏي چيو تہ ”اي خداوند عيسيٰ! منھنجو روح قبول ڪر.“


انھيءَ ڏينھن کان وٺي يروشلم ۾ ڪليسيا کي ڏاڍو ستايو ويو. رسولن کان سواءِ سڀيئي ايمان وارا يھوديہ ۽ سامريہ جي علائقن ۾ ٽڙي پکڙي ويا.


سندن لاش انھيءَ وڏي شھر جي رستي تي پيا ھوندا، جتي انھن جي خداوند کي صليب تي چاڙھيو ويو ھو. انھيءَ شھر کي مثالي طرح سدوم ۽ مصر ٿا سڏين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ