Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 12:5 - Common Language New Testament

5 پر آءٌ اوھان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا کان ڊڄو، جيڪو مارڻ کان پوءِ جھنم ۾ وجھڻ جي قدرت بہ رکي ٿو. سو بس انھيءَ کان ئي ڊڄندا رھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 پر آئون اوهان کي چتايان ٿو تہ ڊڄو انهي کان، جنهن کي مارڻ کانپوءِ جهنم ۾ وجهڻ جي قدرت آهي؛ هائو، آئون اوهان کي چوان ٿو تہ انهي کان ڊڄو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 پر آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ ايشور کان ڊڄو، جيڪو مارڻ کان پوءِ نرڳ ۾ وجھڻ جي اختياري بہ رکي ٿو. سو بس، رڳو انهيءَ کان ئي ڊڄندا رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 پر آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا کان ڊڄو، جيڪو مارڻ کان پوءِ دوزخ ۾ وجھڻ جي اختياري بہ رکي ٿو. سو بس، رڳو انهيءَ کان ئي ڊڄندا رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

5 मां तवां खे बु॒धायां तो, त तवां खे केंखां ड॒कण घुरजे। हुन खां ड॒को जेंखे मरण खां पो तवां खे नर्ग॒अ में विझण जो अधिकार आहे। हा, मां तवां खे चवां तो, हुन खां ही ड॒को।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 12:5
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھن کان نہ ڊڄو، جيڪي رڳو جسم کي مارين ٿا پر روح کي نہ ٿا ماري سگھن. تنھنڪري خدا کان ڊڄو، جيڪو ٻنھي يعني جسم ۽ روح کي ماري جھنم ۾ وجھي سگھي ٿو.


پوءِ ھو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’مون وٽان ھليا وڃو، اوھان تي خدا جو قھر آھي. وڃي دائمي باھہ ۾ پئو، جيڪا شيطان ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آھي.


پوءِ اوھان کي دائمي سزا ملندي ۽ نيڪن کي دائمي زندگي.‘“


پر ھاڻي آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان ڪاوڙيل رھي ٿو سو بہ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. جيڪو ڪنھن ٻئي کي ’اي چريا!‘ ڪري سڏي ٿو، سو وڏيءَ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ جيڪو ڪنھن کي چوندو تہ ’اي ڀوڪ!‘ سو جھنم جي باھہ ۾ پوڻ جوڳو ٿيندو.


ھوشيار ٿجو، آءٌ اوھان کي ھر ڳالھہ وقت کان اڳي ئي ٿو ٻڌايان.“


سو انھيءَ معاملي ۾ ڪوبہ ماڻھو پنھنجي ھم⁠ايمان سان زيادتي يا ٺڳي نہ ڪري. جيئن تہ اسان اڳي ئي اوھان کي ٻڌايو ۽ خبردار ڪيو آھي تہ خداوند اھڙن سڀني گناھن جي سزا ڏيندو.


زندہ خدا جي ھٿن ۾ اچڻ ھڪ وڏي خوفناڪ ڳالھہ آھي.


ڇالاءِ⁠جو خدا گناھہ ڪندڙ ملائڪن کي بہ نہ بخشيو، بلڪ کين دوزخ ۾ وڌائين ۽ اونداھين غارن ۾ بند ڪيائين، انھيءَ لاءِ تہ عدالت جي ڏينھن تائين قيد ۾ رھن.


ھُن وڏي آواز سان چيو تہ ”خدا کان ڊڄو ۽ سندس تعريف ڪريو، ڇالاءِ⁠جو عدالت جو وقت اچي پھتو آھي. انھيءَ جي عبادت ڪريو، جنھن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ پاڻيءَ جا چشما پيدا ڪيا آھن.“


اي خداوند! تو کان ڪير نہ ڊڄندو؟ تنھنجي نالي جي واکاڻ ڪير نہ ڪندو؟ ڇالاءِ⁠جو رڳو تون ئي پاڪ آھين. سڀيئي قومون اچي تنھنجي اڳيان سجدو ڪنديون، ڇالاءِ⁠جو تنھنجي انصاف جا ڪم ظاھر ٿيا آھن.“


ان کان پوءِ موت ۽ عالم ارواح باھہ جي ڍنڍ ۾ اڇلايا ويا. اھا باھہ جي ڍنڍ ٻيو موت آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ