Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 11:48 - Common Language New Testament

48 اھا ھن ڳالھہ جي شاھدي آھي تہ جيڪي اوھان جي ابن ڏاڏن ڪيو سو اوھان کي قبول آھي، ڇوتہ انھن تہ نبين کي مارايو ھو ۽ اوھين سندن قبا پيا اڏايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

48 سو اوهين شاهد آهيو، ۽ جيڪي اوهان جي ابن ڏاڏن ڪيو، سو اوهان کي پسند آهي: ڇالاءِ تہ هنن کين مارايو، ۽ اوهين سندن قبرون پيا ٺاهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

48 انهن قبن ٺاهڻ سان اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جي پاپن جي حمايت ڪندي ڄڻ شاهدي ٿا ڏيو تہ جيڪي قتل انهن ڪيا سي اوهان کي قبول آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

48 انهن قبن ٺاهڻ سان اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جي گناهن جي حمايت ڪندي ڄڻ شاهدي ٿا ڏيو تہ جيڪي قتل انهن ڪيا سي اوهان کي قبول آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

48 सो तवां इयो करे साबित ता कयो, के जेको तवां जे अबन-डा॒ड॒न कयो उन सां तवां सहेमत आयो; छोके तवां जे अबन-डा॒ड॒न त, उनन खे मारे छड॒यो हो ऐं तवां उनन जूं क़ब्रूं ता ठायो।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 11:48
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين اڇين قبرن وانگر آھيو جيڪي ٻاھران تہ سھڻيون نظر ٿيون اچن، پر انھن جو اندر مُڙدن جي ھڏن ۽ ھر طرح جي گندگيءَ سان ڀريل آھي.


حقيقت ۾ اوھين پاڻ اھو قبول ٿا ڪريو تہ ’اسين نبين جي قاتلن جو اولاد آھيون.‘


مصيبت آھي اوھان لاءِ، جو اوھين نبين جا قبا ٿا ٺاھيو، جن کي اوھان جي ابن ڏاڏن مارائي ڇڏيو ھو.


انھيءَ لاءِ خدا جي حڪمت بيان فرمايو آھي تہ ’آءٌ نبين ۽ رسولن کي انھن وٽ موڪليندس، جن مان اھي ڪن کي ماري وجھندا ۽ ڪن کي ستائيندا.‘


جيتوڻيڪ انھن کي خدا جي انھيءَ حڪم جي ڄاڻ آھي تہ جيڪي ماڻھو ھي ڪم ڪن ٿا سي موت جي لائق آھن، تنھن ھوندي بہ اھي نہ رڳو پاڻ ھي ڪم ڪن ٿا، پر جيڪي ٻيا اھي ڪم ڪن ٿا تن کان بہ راضي آھن.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! انھن نبين کي ڏک سھڻ ۽ صبر ڪرڻ جو نمونو ڪري سمجھو، جن خداوند جي نالي تي ڪلام ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ