Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 11:39 - Common Language New Testament

39 تڏھن خداوند چيس تہ ”اوھين فريسي وٽيءَ ۽ ٿالھيءَ جو ٻاھريون پاسو تہ ڌوئي صاف ڪريو ٿا، پر اوھان جو اندر ھٻڇ ۽ بڇڙائيءَ سان ڀريو پيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

39 تڏهن خداوند چيس، تہ اوهين فريسي وٽيءَ ۽ ٿالهيءَ جو ٻاهريون پاسو ملي صاف ڪريو ٿا، پر اوهان جو اندر ڦرلٽ ۽ برائي سان ڀريو پيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

39 تڏهن پرڀوءَ چيس تہ ”اوهين فريسي وٽيءَ ۽ ٿالهيءَ جو ٻاهريون پاسو تہ ڌوئي صاف ڪريو ٿا، پر اوهان جو اندر لوڀ ۽ بڇڙائيءَ سان ڀريو پيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

39 تڏهن خداوند چيس تہ ”اوهين فريسي وٽيءَ ۽ ٿالهيءَ جو ٻاهريون پاسو تہ ڌوئي صاف ڪريو ٿا، پر اوهان جو اندر هٻڇ ۽ بڇڙائيءَ سان ڀريو پيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

39 तड॒ऐं प्रभुअ उन खे चयो, “तवां फ़रीसी, कटोरे ऐं थालीअ खे बा॒हिरां-बा॒हिरां खां त साफ धोओ ता परअ तवां जे अंदरअ में लालच ऐं दुष्‍टता भरयल आहे।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 11:39
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ⁠جو انسان جي دل مان بڇڙا خيال نڪرن ٿا، جيڪي خون، زناڪاري، حرامڪاري، چوري، ڪوڙي شاھدي ۽ گلا ڪرائين ٿا.


”انھن نبي سڏائيندڙن کان ھوشيار ٿجو، جيڪي حقيقي نبي نہ آھن، ڇالاءِ⁠جو اھي اوھان وٽ رڍن جي روپ ۾ اچن ٿا پر اندر ۾ اھي وحشي بگھڙ آھن.


تڏھن عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين انھن منجھان آھيو جيڪي ماڻھن جي اڳيان پاڻ کي سچار ڏيکارين ٿا، پر خدا اوھان جي دلين کي ڄاڻي ٿو. ڇالاءِ⁠جو جيڪو ماڻھن جي ليکي چڱو آھي، سو خدا جي نظر ۾ ڪراھت جھڙو آھي.“


جڏھن خداوند ان رن⁠زال کي ڏٺو، تڏھن کيس مٿس ڪھل آئي، سو چيائينس تہ ”روءُ نہ.“


انھن ھٿان خداوند ڏانھن چوائي موڪليائين تہ ”جيڪو اچڻ وارو آھي، سو اوھين ئي آھيو يا اسين ڪنھن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“


ھن اھي لفظ غريبن جي ھمدرديءَ لاءِ نہ چيا، پر ھو پاڻ چور ھو ۽ انھيءَ لاءِ چيائين تہ ھو انھن پئسن مان ڪجھہ چورائي، ڇالاءِ⁠جو پئسن جي ڳوٿري وٽس رھندي ھئي.


عيسيٰ ۽ سندس شاگرد رات جي ماني کائي رھيا ھئا. انھيءَ وقت کان اڳ ئي شمعون جي پٽ يھوداہ اسڪريوتيءَ جي دل ۾ شيطان اھا ڳالھہ وجھي ڇڏي ھئي تہ ھو عيسيٰ سان دغا ڪري.


تنھن تي پطرس چيس تہ ”اي حنانياہ! ڇو شيطان تنھنجي دل ۾ اھڙو خيال وڌو، جو تو پاڪ روح سان ڪوڙ ڳالھايو ۽ ٻنيءَ جي پيسن مان ڪجھہ پاڻ وٽ رکي ڇڏيئِہ؟


آءٌ يھودي مذھب ۾ رھندي ان وقت پنھنجي قوم جي گھڻن ھڪ جيڏن کان وڌيڪ ترقي ڪري رھيو ھوس. آءٌ پنھنجن ابن ڏاڏن جي ريتن رسمن تي نھايت ئي سرگرميءَ سان ھلندو ھوس.


اھي دينداريءَ جو ظاھري نمونو تہ رکندا، پر انھيءَ جو اثر قبول نہ ڪندا. اھڙن ماڻھن کان پاسو ڪجانءِ.


پاڪ ماڻھن لاءِ سڀ شيون پاڪ آھن، پر جيڪي پليت ۽ ايمان نہ آڻيندڙ آھن، تن جي لاءِ ڪابہ شيءِ پاڪ ناھي. حقيقت ۾ انھن جو عقل توڙي ضمير ٻئي پليت آھن.


خدا جي ويجھو وڃو تہ ھو اوھان جي ويجھو ايندو. اي گنھگارو! پنھنجا ھٿ ڌوئو. اي ٻہ⁠دليؤ! پنھنجين دلين کي پاڪ ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ