Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 10:7 - Common Language New Testament

7 پوءِ انھيءَ ئي گھر ۾ ٽڪي پئجو، گھر گھر نہ ڦرجو. ھو جيڪي ڪجھہ اوھان کي ڏين سو کائجو ۽ پيئجو، ڇوتہ مزور پنھنجي مزوريءَ جو حقدار آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 پوءِ اُنهي گهر ۾ ٽڪي پئجو، ۽ جيڪي ڪي اوهان کي ڏين، سو کائيندا پيئندا رهجو، ڇوتہ مزور پنهنجيءَ مزوريءَ جو حقدار آهي. گهر گهر نہ گهُمجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 پوءِ انهيءَ ئي گھر ۾ ايستائين رهي پئجو جيستائين انهيءَ شهر مان روانا نہ ٿيو. رهڻ لاءِ گھر گھر نہ ڦرندا رهجو. هو جيڪي ڪجھہ اوهان کي ڏين سو کائجو ۽ پيئجو، ڇو تہ مزدور پنهنجي مزدوريءَ جو حقدار آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 پوءِ انهيءَ ئي گھر ۾ ايستائين رهي پئجو جيستائين انهيءَ شهر مان روانا نہ ٿيو. رهڻ لاءِ گھر گھر نہ ڦرندا رهجو. هو جيڪي ڪجھہ اوهان کي ڏين سو کائجو ۽ پيئجو، ڇو تہ مزدور پنهنجي مزدوريءَ جو حقدار آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

7 ऐं घर-घर न घुमजो परअ उन हीं घरअ में रहेजो ऐं उते जेको कुछ मिलेवअ उहो ही खाएजो-पीजो, छोके मज़ूरअ खे पांजी मज़ूरी मिलण खपे।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 10:7
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ کين اھو بہ چيو تہ ”جتي بہ وڃو تہ جنھن گھر ۾ اوھين داخل ٿيو تنھن ۾ ايستائين ٽڪي پئجو، جيستائين ان شھر مان روانا نہ ٿيو.


جيڪڏھن اتي ڪو سلامتيءَ جو طالب ھوندو تہ اوھان جو سلام مٿس رھندو، ⁠نہ⁠تہ موٽي اوھان وٽ ايندو.


جنھن گھر ۾ وڃو تہ اتي ايستائين ٽڪجو جيستائين ان شھر مان روانا نہ ٿيو.


سو جڏھن انھيءَ عورت ۽ سندس گھر جي ڀاتين بپتسما ورتي، تڏھن اسان کي منٿون ڪري چوڻ لڳي تہ ”جيڪڏھن اوھين مون کي خدا جي سچي ايمان واري ڪري ٿا سمجھو تہ مھرباني ڪري منھنجي گھر ھلي رھو.“ سو ھوءَ زور ڀري اسان کي پنھنجي گھر وٺي ويئي.


ھو پولس ۽ سيلاس کي پنھنجي گھر وٺي ويو ۽ کين کائڻ لاءِ ڪجھہ کاڌو ڏنائين. ھو ۽ سندس ڪٽنب خوشيءَ سان ڀرجي ويو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھنن خدا تي ايمان آندو ھو.


تڏھن پولس ۽ سيلاس جيل مان نڪري لديا جي گھر ڏانھن ويا، جتي ھو ڀائرن سان مليا ۽ کين تسلي ڏنائون. پوءِ ھو اتان روانا ٿي ويا.


جيڪو پاڪ ڪلام جي تعليم حاصل ٿو ڪري، تنھن کي گھرجي تہ تعليم ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ سان شريڪ ڪري.


تنھن کان سواءِ اھي گھر گھر وڃي اجايو وقت وڃائڻ سکن ٿيون. نہ رڳو اجايو وقت وڃائڻ بلڪ اجائي بڪ بڪ ڪرڻ، ٻين جي ڪمن ۾ ٽپي پوڻ ۽ اھڙيون ڳالھيون ڪرڻ بہ سکن ٿيون، جيڪي ڪرڻ نہ گھرجن.


ھاري، جيڪو سخت محنت ٿو ڪري، تنھن کي سڀ کان پھريائين فصل جو حصو ملڻ گھرجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ