Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 10:24 - Common Language New Testament

24 ڇوتہ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ڪيترن ئي نبين ۽ بادشاھن جي اھا خواھش ھئي تہ جيڪي اوھين ٿا ڏسو، سو ھو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوھين ٿا ٻڌو، سو اھي بہ ٻڌن، پر نہ ٻڌائون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ڇوتہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ گهڻن نبين ۽ بادشاهن جي خواهش هئي، تہ جيڪي اوهين ٿا ڏسو، سو ڏسن، پر نہ ڏٺائون، ۽ جيڪي اوهين ٿا ٻُڌو سو ٻُڌن، پر نہ ٻُڌائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ ڪيترن ئي سنتن ۽ راجائن جي اها خواهش هئي تہ جيڪي اوهين ٿا ڏسو سو هو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوهين ٿا ٻڌو، سو اهي بہ ٻڌن پر نہ ٻڌائون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ڪيترن ئي نبين ۽ بادشاهن جي اها خواهش هئي تہ جيڪي اوهين ٿا ڏسو سو هو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوهين ٿا ٻڌو سو اهي بہ ٻڌن، پر نہ ٻڌائون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

24 छोके मां तवां खे चवां तो, के डा॒ढन हीं भविष्यवक्‍ताउन ऐं राजाहुन इहे सब गा॒ल्यूं डि॒सण चायूं जेके तवां डि॒सो ता परअ उहे न डि॒सी सग॒या ऐं जेकी गा॒ल्यूं तवां बु॒धो ता उहे बी बु॒धन परअ उहे न बु॒धी सग॒या।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 10:24
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر سڀاڳا آھيو اوھين جو اوھان جون اکيون ڏسن ٿيون ۽ اوھان جا ڪن ٻڌن ٿا.


پوءِ عيسيٰ شاگردن ڏانھن ڦري انھن کي پنھنجيءَ پَرِ ۾ چيو تہ ”سڀاڳا آھيو اوھين جو ھي سڀ ڪجھہ ڏسو ٿا پيا.


تنھن کان پوءِ شريعت جو ھڪڙو عالم اٿي بيٺو ۽ عيسيٰ کي آزمائڻ لاءِ چيائين تہ ”اي استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪري سگھان؟“


اوھان جو پيءُ ابراھيم منھنجي انھيءَ ڏينھن جي ڏسڻ جي اميد تي ڏاڍو خوش ھو. ھُن اھو ڏينھن ڏٺو ۽ خوش ٿيو.“


اھو ايمان ئي ھو جنھن تي اھي سڀ ماڻھو سڄي عمر قائم رھيا. جيتوڻيڪ کين واعدي ڪيل شيون نہ مليون، مگر انھن کي پري کان ئي ڏسي سندن مرحبا ڪيائون. ان سان گڏ ھنن قبول ڪيو تہ اسين ڌرتيءَ تي مھمان ۽ مسافر آھيون.


انھن سڀني کي سندن ايمان جي ڪري ساراھيو ويو، تڏھن بہ انھن مان ڪنھن کي بہ واعدي ڪيل شيءِ ڪانہ ملي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ