Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 10:21 - Common Language New Testament

21 انھيءَ وقت عيسيٰ پاڪ روح جي وسيلي خوشيءَ سان ڀرجي ويو ۽ ھن چيو تہ ”اي بابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ! آءٌ تنھنجو احسانمند آھيان جو تو ھي ڳالھيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آھن ۽ سادن تي ظاھر ڪيون اٿيئي. ھائو بابا، ڇالاءِ⁠جو تنھنجي رضا ۽ خوشي انھيءَ ۾ ھئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 انهيءَ گهڙيءَ هن پاڪ روح ۾ سرهو ٿي چيو، تہ اي ابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ، آئون تنهنجو شڪر ٿو ڪريان تہ تو هي ڳالهيون ڏاهن ۽ سمجهہ وارن کان ڳجهيون رکيون آهن، ۽ ٻارڙن کي ظاهر ڪري ڏيکاريون اٿيئي: هائو، ابا، ڇالاءِ جو تنهنجي نظر ۾ ائين چڱو آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 انهيءَ وقت يسوع پوِتر آتما جي وسيلي خوشيءَ سان ڀرجي ويو ۽ هن چيو تہ ”اي پتا، اي ڌرتيءَ ۽ آڪاش جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي. هائو، اي پتا! اهو سڀ تنهنجي مرضي ۽ خوشيءَ سان ئي ٿيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 انهيءَ وقت عيسيٰ پاڪ روح جي وسيلي خوشيءَ سان ڀرجي ويو ۽ هن چيو تہ ”اي بابا، اي زمين ۽ آسمان جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي. هائو، اي بابا! اهو سڀ تنهنجي مرضي ۽ خوشيءَ سان ئي ٿيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

21 येशु उन ही वक़्त पवित्र आत्मा जे द्वारा आनंदअ सां भरजी वयो ऐं चयईं, “हे पिता, स्वर्ग॒ ऐं धरतीअ जा प्रभु मां तुंजो शु्क्र-गुज़ार आयां, के तूं इन गा॒ल्युन खे उनन खां जेके पांजे पाण खे ज्ञानी ऐं होशियार ता समझन लिकाए रख्यो तई ऐं जेंजो स्वभाव बा॒रन वांगुर आहे उनन ते प्रघट कयो तई। हा हे पिता, छोके तोखे इयो ही वण्यो।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 10:21
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ چيس تہ ”اي يوحنا جا پٽ شمعون! تون سڀاڳو آھين، ڇاڪاڻ⁠تہ ھيءَ حقيقت تو کي ڪنھن انسان کان نہ پر منھنجي آسمان واري پيءُ کان ملي آھي.


تنھنڪري انھن عيسيٰ کي اچي چيو تہ ”ڇا تون اھو ٻڌين ٿو جيڪو ھو چون پيا؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”ھائو. ڇا اوھان لکت ۾ نہ پڙھيو آھي تہ ’تو ٻارن ۽ کير پياڪن کان پنھنجي واکاڻ ڪرائي آھي.‘“


يحيٰ جڏھن ڏٺو تہ ڪيئي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رھيا آھن، تڏھن انھن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوھان کي ڪنھن ٻڌايو آھي تہ اوھين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟


آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪو خدا جي بادشاھت کي ھڪ ننڍي ٻار وانگر قبول نہ ڪندو، تيستائين اھو ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“


پوءِ جڏھن ھو اھا لھي ٿو تہ ايڏو خوش ٿو ٿئي جو انھيءَ کي ڪلھن تي ٿو کڻي.


جڏھن لڀيس ٿو تہ پنھنجن ساھيڙين ۽ پاڙي وارين کي سڏي گڏ ڪري چوندي تہ ’مون سان گڏجي خوشي ڪريو، ڇالاءِ⁠جو مون پنھنجو وڃايل سڪو لڌو آھي.‘


تڏھن ھنن پٿر پري ھٽايو. پوءِ عيسيٰ مٿي نھاري چيو تہ ”اي بابا! آءٌ تنھنجو شڪرگذار آھيان جو تو منھنجي ٻڌي آھي.


پر جيڪڏھن اسان جي خوشخبريءَ تي پردو پيل آھي تہ اھا خوشخبري انھن جي ئي لاءِ ڍڪيل آھي جيڪي ناس ٿي رھيا آھن.


اسين بہ جيڪي اڳي ئي مقرر ڪيا ويا ھئاسين، سي مسيح سان گڏجي ھڪ ھئڻ ڪري خدا جا ماڻھو ڪري چونڊيا وياسين. اھو خدا جي ارادي موافق ٿيو جيڪو سڀ ڪجھہ پنھنجي مرضيءَ جي مصلحت موجب ڪري ٿو.


ھن محبت جي ڪري پنھنجي خوشيءَ ۽ مرضيءَ سان اسان کي عيسيٰ مسيح جي وسيلي پنھنجا گود ورتل ٻار بنائڻ لاءِ اڳي ئي مقرر ڪري ڇڏيو ھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ