Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 1:68 - Common Language New Testament

68 ”خداوند، بني اسرائيل جي خدا کي ساراھہ جڳائي، ڇالاءِ⁠جو ھن پنھنجي قوم تي نظر ڪري کين ڇوٽڪارو ڏنو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

68 ”سڳورو هجي خداوند اسرائيل جو خدا، ڇوتہ هن پنهنجي اُمت تي نظر ڪري اُن کي نجات ڏني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

68 ”پرڀوءَ، بني اسرائيل جي ايشور کي مهما جڳائي، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي قوم کي بچائڻ لاءِ مٿس ڪرپا جي نظر ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

68 ”خداوند، بني اسرائيل جي خدا کي واکاڻ جڳائي، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي قوم کي بچائڻ لاءِ مٿس مِهر جي نظر ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

68 “ के धन्य आहे, इज़राएल जो प्रभु परमेश्वर! छोके हुन पांजी प्रजा जे मथां रहेमअ जी नजरअ कई आहे ऐं उनन खे छुटकारो डि॒नो तईं।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 1:68
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ ھو اسان کي دشمنن کان بچائي ۽ انھن جي ھٿان ڇڏائي، جيڪي اسان کان نفرت ڪن ٿا.


اھي تو کي ۽ تنھنجي ٻارن کي جيڪي تو ۾ آھن، جھلي پٽ تي ھڻندا ۽ تنھنجي سِر سِر سان نہ ملندي، ڇالاءِ⁠جو تو ان وقت کي نہ سڃاتو، جڏھن خدا تو کي بچائڻ لاءِ آيو.“


سا بہ انھيءَ وقت آئي ۽ خدا جو شڪر ڪيائين ۽ انھن سڀني سان ھن ٻار بابت ڳالھيون ڪرڻ لڳي، جيڪي انتظار ۾ ھئا تہ خدا يروشلم کي آزادي ڏيندو.


اسان کي اميد ھئي تہ ھن جي ئي ھٿان بني اسرائيل جو ڇوٽڪارو ٿيندو ۽ ھاڻي تہ ان واقعي کي بہ اڄ ٽيون ڏينھن ٿيو آھي.


انھيءَ تي سڀني ۾ ڏھڪاءُ پئجي ويو ۽ خدا جي واکاڻ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اسان ۾ ھڪڙو وڏو نبي ظاھر ٿيو آھي. خدا پنھنجي قوم تي ٻاجھہ ڪئي آھي.“


اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي ساراھہ ٿي ڪجي. ھن اسان کي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري آسمان جي ھر ھڪ روحاني برڪت سان نوازيو آھي.


اسان کي مسيح جي رت جي وسيلي ڇوٽڪارو ملي ٿو، يعني اسان جا گناھہ معاف ڪيا وڃن ٿا.


مسيح انھيءَ مقدس ترين جاءِ ۾ ھڪڙو ئي ڀيرو داخل ٿيو. ھن ٻڪرين ۽ گابن جي رت جي وسيلي نہ، بلڪ خود پنھنجي رت جي وسيلي داخل ٿي اسان جي لاءِ ھميشہ جو ڇوٽڪارو حاصل ڪيو.


اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي واکاڻ ھجي. ھن پنھنجي وڏيءَ رحمت سان، عيسيٰ مسيح جي مئلن مان وري جي اٿڻ جي وسيلي اسان کي نئين سر پيدا ڪيو. اھڙيءَ طرح اسان ۾ جيئري اميد پيدا ڪئي ويئي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ