Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 1:41 - Common Language New Testament

41 جڏھن اليشبع مريم جو سلام ٻڌو تہ ٻار سندس پيٽ ۾ ٽپ کاڌو ۽ اليشبع پاڪ روح سان ڀرجي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

41 ۽ هيئن ٿيو جو جڏهن اليشبع مريم جو سلام ٻُڌو، تڏهن ٻار سندس پيٽ ۾ ٽپڻ لڳو؛ ۽ اليشبع پاڪ روح سان ڀرجي ويئي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

41 جيئن ئي اليشبع مريم جو نمسڪار ٻڌو تہ ٻار سندس پيٽ ۾ ٽپ کاڌو. تڏهن اليشبع پوِتر آتما سان ڀرجي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

41 جيئن ئي اليشبع مريم جو سلام ٻڌو تہ ٻار سندس پيٽ ۾ ٽپ کاڌو. تڏهن اليشبع پاڪ روح سان ڀرجي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

41 जीअंईं एलशिबा मरियम जो नमस्कार बु॒धो, त ओढी॒ मलई बा॒रअ उन जे पेटअ में आनंदअ सां टिपो डि॒नो ऐं एलशिबा पवित्र आत्मा सां भरजी वई।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 1:41
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ⁠جو ھو خدا جي نظر ۾ بزرگ ٿيندو، ھو نہ مئي پيئندو ۽ نڪو شراب واپرائيندو ۽ ھو ڄمندي ئي پاڪ روح سان ڀريل ھوندو.


ھوءَ ذڪريا جي گھر ويئي ۽ اليشبع کي سلام ڪيائين.


ھوءَ وڏي واڪي چوڻ لڳي تہ ”تون عورتن ۾ سڳوري آھين ۽ سڳورو آھي اھو ٻار جيڪو تون ڄڻيندينءَ.


ڏس، جڏھن تنھنجي سلام جو آواز منھنجي ڪنن تي پيو، تڏھن ٻار منھنجي پيٽ ۾ خوشيءَ وچان ٽپ کاڌو.


يحيٰ جو پيءُ ذڪريا پاڪ روح سان ڀرجي ويو ۽ پيشنگوئي ڪرڻ لڳو تہ


عيسيٰ اردن مان پاڪ روح سان ڀرجي موٽيو ۽ پاڪ روح جي ھدايت سان چاليھہ ڏينھن بيابان ۾ گھميو پئي،


اھي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ انھيءَ جي قدرت سان ڌاريون ٻوليون ڳالھائڻ لڳا.


تنھن تي پطرس پاڪ روح سان ڀرجي چوڻ لڳو تہ ”اي امت جا حاڪمو ۽ بزرگو!


تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پاڻ مان ست معتبر ماڻھو چونڊيو، جيڪي سياڻپ ۽ پاڪ روح سان ڀريل ھجن. اسين انھن کي ھن ڪم جو ذميوار مقرر ڪنداسين.


پر استيفنس پاڪ روح سان ڀرجي آسمان ڏانھن نھاريو تہ خدا جو جلوو نظر آيس ۽ عيسيٰ کي خدا جي ساڄي پاسي بيٺل ڏٺائين.


سو حنانياہ ويو ۽ ان گھر ۾ گھڙي پنھنجا ھٿ شائول جي مٿان رکيائين ۽ چيائينس تہ ”شائول ڀاءُ! خداوند عيسيٰ پاڻ مون کي موڪليو آھي، جنھن تو کي رستي ۾ ڏيکاري ڏني، جڏھن تون ھيڏانھن اچي رھيو ھئين. ھن مون کي انھيءَ لاءِ موڪليو آھي تہ تو کي وري ديد ملي ۽ تون پاڪ روح سان ڀرجي وڃين.“


مئي پي الوٽ نہ ٿيو، ڇوجو انھيءَ سان بڇڙائي پيدا ٿي ٿئي. پر اٽلندو پاڪ روح سان ڀرپور ٿيندا وڃو.


خداوند واري ڏينھن آءٌ رويا جي حالت ۾ اچي ويس ۽ پنھنجي پٺيان ھڪڙو اھڙو وڏو آواز ٻڌم جيڪو توتاري جي آواز وانگر ھو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ