Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 9:4 - Common Language New Testament

4 جيستائين ڏينھن آھي تيستائين اسان کي انھيءَ جا ڪم ڪرڻ گھرجن جنھن مون کي موڪليو آھي. رات ايندي تہ پوءِ ڪوبہ ماڻھو ڪم ڪري نہ سگھندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 جيسين ڏينهن آهي، تيسين اسان کي انهي جا ڪم ڪرڻ کپن، جنهن مون کي موڪليو آهي: رات اچي ٿي تہ پوءِ ڪوبہ ڪم ڪري ڪونہ سگهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 ضروري آهي تہ جيستائين ڏينهن آهي تيستائين اسين انهيءَ جا ڪم ڪريون، جنهن مون کي موڪليو آهي. پر جڏهن رات ايندي تڏهن ڪوبہ ماڻهو ڪم ڪري نہ سگھندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 ضروري آهي تہ جيستائين ڏينهن آهي تيستائين اسين انهيءَ جا ڪم ڪريون، جنهن مون کي موڪليو آهي. پر جڏهن رات ايندي تڏهن ڪوبہ ماڻهو ڪم ڪري نہ سگھندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 9:4
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھن وراڻيو تہ ’ڇالاءِ⁠جو اسان کي پورھئي تي ڪنھن بہ ڪين بيھاريو آھي.‘ تنھن تي ھن چين تہ ’چڱو اوھين بہ وڃي منھنجي انگورن جي باغ ۾ ڪم ڪريو.‘


عيسيٰ سڪل ھٿ واري ماڻھوءَ کي چيو تہ ”وچ ۾ ٿي بيھہ.“


عيسيٰ کين چيو تہ ”مون پيءُ جي پاران ڪيترائي چڱا ڪم اوھان کي ڪري ڏيکاريا آھن. انھن مان ڪھڙي ڪم جي ڪري اوھين مون کي سنگسار ڪريو ٿا؟“


جيڪڏھن آءٌ پيءُ جا ڪم نہ ڪندو ھجان تہ اوھين مون تي ايمان نہ آڻيو.


عيسيٰ وراڻيو تہ ”اڃا ڪجھہ وقت روشني اوھان وٽ رھندي. جيستائين روشني اوھان وٽ آھي تيستائين روشنيءَ ۾ گھمندا رھو، ائين نہ ٿئي جو اونداھي اچي اوھان تي ڪڙڪي، ڇالاءِ⁠جو جيڪو اونداھيءَ ۾ گھمندو آھي تنھن کي خبر نہ پوندي آھي تہ ڪيڏانھن وڃي رھيو آھيان.


جيڪو ڪم تو مون کي ڪرڻ لاءِ ڏنو ھو، سو مون پورو ڪري تنھنجو جلوو دنيا تي ظاھر ڪيو آھي.


عيسيٰ کين چيو تہ ”منھنجو کاڌو اھو آھي تہ انھيءَ جي مرضي پوري ڪريان جنھن مون کي موڪليو آھي ۽ سندس ڪم پورو ڪريان.


پوءِ عيسيٰ يھودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ فرزند پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. ھو رڳو اھي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنھنجي پيءُ کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي پيءُ ڪري ٿو سو ئي فرزند ٿو ڪري.


پر مون وٽ جيڪا شاھدي آھي سا يحيٰ جي شاھديءَ کان بہ وڌيڪ آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي ڪم پيءُ مون کي پوري ڪرڻ لاءِ ڏنا آھن، يعني اھي ساڳيا ئي ڪم جيڪي آءٌ ھينئر ڪري رھيو آھيان، سي ئي منھنجي شاھدي ٿا ڏين تہ پيءُ مون کي موڪليو آھي.


تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ اوھان سان اڃا ٿورو وقت رھندس ۽ پوءِ آءٌ انھيءَ ڏانھن موٽي ويندس جنھن مون کي موڪليو آھي.


ڇالاءِ⁠جو اھو ناممڪن آھي تہ اسين اھي ڳالھيون نہ ٻڌايون جيڪي اسان ڏٺيون ۽ ٻڌيون آھن.“


تنھنڪري جيتري قدر موقعو ملي تہ اسين سڀني ماڻھن سان نيڪي ڪريون، خاص ڪري انھن سان جيڪي ايمان جي وسيلي اسان سان ھڪ ئي خاندان ۾ شريڪ آھن.


وقت جو پورو پورو فائدو وٺو، ڇالاءِ⁠جو زمانو خراب آھي.


ھرھڪ موقعي جو فائدو وٺندي جيڪي ڪليسيا کان ٻاھر آھن، تن سان سياڻپ سان ھلت ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ