Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 9:29 - Common Language New Testament

29 اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا موسيٰ سان ڳالھايو ھو، پر انھيءَ شخص بابت اسان کي ڪابہ خبر نہ آھي تہ ھو ڪٿان آيو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 اسان کي خبر آهي تہ خدا، موسيٰ سان ڪلام ڪيو آهي: پر انهي ماڻهوءَ جي اسان کي خبر نہ آهي تہ ڪٿان جو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

29 اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور موسيٰ سان ڳالهايو هو، پر انهيءَ شخص بابت اسان کي ڪابہ سڌ نہ آهي تہ هو ڪٿان آيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا موسيٰ سان ڳالهايو هو، پر انهيءَ شخص بابت اسان کي ڪابہ خبر نہ آهي تہ هو ڪٿان آيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 9:29
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏھن فريسين کي اھا خبر پيئي تہ چوڻ لڳا تہ ”ھو ڀوتن جي سردار بعل⁠زبول جي مدد سان ڀوت ڪڍي ٿو.“


۽ چوڻ لڳا تہ ”اسان ھن ماڻھوءَ کي چوندي ٻڌو آھي تہ ’آءٌ خدا جو ھيڪل ڊاھي سگھان ٿو ۽ ٽن ڏينھن کان پوءِ وري ان کي ٺاھي بہ سگھان ٿو.‘“


اتي مٿس تھمتون ھڻي چوڻ لڳا تہ ”اسان ڏٺو آھي تہ ھيءُ ماڻھو اسان جي قوم کي برغلائي ٿو، ماڻھن کي قيصر جي ڍل ڏيڻ کان جھلي ٿو ۽ دعويٰ ٿو ڪري تہ ’آءٌ پاڻ مسيح بادشاھہ آھيان.‘“


شريعت موسيٰ جي معرفت ملي، پر فضل ۽ سچائي عيسيٰ مسيح جي معرفت مليا.


پر جڏھن مسيح ايندو تہ ڪنھن کي بہ خبر نہ پوندي تہ ھو ڪٿان آيو آھي ۽ اسان سڀني کي خبر آھي تہ ھيءُ شخص ڪٿان آيو آھي.“


پوءِ عيسيٰ ھيڪل ۾ تعليم ڏيندي وڏي واڪي چيو تہ ”اوھين مون کي سڃاڻو ٿا ۽ اھا بہ خبر اٿوَ تہ آءٌ ڪٿان آيو آھيان. آءٌ پنھنجي مرضيءَ سان نہ آيو آھيان، بلڪ انھيءَ وٽان موڪليو ويو آھيان جيڪو سچو آھي پر اوھين کيس نہ ٿا سڃاڻو.


عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”جيتوڻيڪ آءٌ پنھنجي شاھدي پاڻ ٿو ڏيان تہ بہ منھنجي شاھدي سچي آھي، ڇالاءِ⁠جو مون کي خبر آھي تہ آءٌ ڪٿان آيو آھيان ۽ ڪيڏانھن وڃان ٿو. پر اوھان کي خبر ڪانھي تہ آءٌ ڪٿان آيو آھيان ۽ ڪيڏانھن وڃان ٿو.


تنھن تي فريسين مان ڪن چيو تہ ”جنھن ماڻھوءَ ھي ڪم ڪيو آھي سو خدا جي طرفان ٿي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن سبت جي ڏينھن کي نہ مڃيو آھي.“ ٻين وري چيو تہ ”جيڪو گنھگار آھي سو اھڙا معجزا ڪيئن ٿو ڪري سگھي.“ تنھنڪري انھن ۾ ڏڦيڙ پئجي ويو.


ٻئي دفعي انھن وري انھيءَ ماڻھوءَ کي گھرايو جيڪو اڳي انڌو ھو ۽ کيس چيائون تہ ”تون خدا جي آڏو واعدو ڪر تہ سچ ڳالھائيندين. اسين ڄاڻون ٿا تہ اھو ماڻھو گنھگار آھي.“


تنھن تي انھيءَ ماڻھوءَ چيو تہ ”واہ! اھا تہ عجيب ڳالھہ آھي، ھُن منھنجون اکيون کوليون آھن، تڏھن بہ اوھان کي خبر نہ آھي تہ ھو ڪٿان آيو آھي.


ايستائين ھو پولس جي ڳالھہ ٻڌندا رھيا ۽ پوءِ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”ھن ماڻھوءَ کي ختم ڪري ڇڏيو، ڇالاءِ⁠جو اھڙو ماڻھو دنيا ۾ رھڻ جي لائق نہ آھي.“


پر اڄ تائين خدا جي مدد مون ساڻ آھي، سو آءٌ پنھنجيءَ ڳالھہ تي قائم آھيان ۽ ھر غريب توڙي امير جي اڳيان ھڪ جھڙي شاھدي ٿو ڏيان. آءٌ رڳو اھي ڳالھيون ٿو ٻڌايان، جن بابت موسيٰ ۽ ٻيا نبي چئي ويا آھن تہ اھي ضرور ٿينديون.


اھو ئي موسيٰ جنھن کي بني اسرائيل قبول نہ ڪيو، بلڪ چيائونس تہ ’ڪنھن تو کي اسان تي حاڪم ۽ منصف مقرر ڪيو آھي؟‘ تنھن کي ئي خدا حاڪم ۽ بچائيندڙ بڻائي، انھيءَ ملائڪ جي وسيلي موڪليو، جنھن ھن کي ٻرندڙ ٻوڙي ۾ ڏيکاري ڏني ھئي.


اڳئين زماني ۾ خدا اسان جي ابن ڏاڏن سان وقت بہ وقت ۽ مختلف طريقن سان نبين جي معرفت ڳالھايو.


پر ھاڻي ھن زماني جي آخر ۾ خدا اسان سان پنھنجي فرزند جي معرفت ڳالھايو، جنھن کي ھن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو ۽ سندس ئي وسيلي ڪائنات خلقيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ