Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 9:22 - Common Language New Testament

22 سندس ماءُ⁠پيءُ ائين انھيءَ ڪري چيو، ڇالاءِ⁠جو ھو يھودي اڳواڻن کان ڊنا ٿي، جن اڳي ئي ٺھراءُ ڪري ڇڏيو ھو تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو عيسيٰ کي مسيح ڪري مڃيندو تہ ھو انھيءَ کي پنھنجي عبادت⁠گاھہ مان ڪڍي ڇڏيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ائين جو سندس ماءُ پيءُ چيو، سو انهيءَ سببان جو يهودين کان ڊنا ٿي، ڇالاءِ جو يهودين اڳيئي ٺهراءُ ڪري ڇڏيو هو تہ جيڪڏهن ڪو هن کي مسيح ڪري مڃيندو تہ عبادتخاني مان ڪڍي ڇڏبس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 سندس ماتا پتا يهودي اڳواڻن جي ڊپ کان ائين چيو، ڇاڪاڻ تہ انهن اڳي ئي ٺهراءُ ڪري ڇڏيو هو تہ جيڪو بہ ماڻهو يسوع کي مسيح ڪري مڃيندو تنهن کي هو پنهنجي ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 سندس ماءُ پيءُ يهودي اڳواڻن جي ڊپ کان ائين چيو، ڇاڪاڻ تہ انهن اڳي ئي ٺهراءُ ڪري ڇڏيو هو تہ جيڪو بہ ماڻهو عيسيٰ کي مسيح ڪري مڃيندو تنهن کي هو پنهنجي عبادت‌خاني مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 9:22
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀاڳا آھيو اوھين، جڏھن ماڻھو ابن⁠آدم جي ڪري توھان کي ڌڪاريندا، ناتا ٽوڙيندا، ڦٽ لعنت ڪندا ۽ ائين بہ چوندا تہ اوھين بڇڙا آھيو.


يحيٰ جي شاھدي ھن طرح آھي تہ جڏھن يروشلم جي يھودي اڳواڻن يحيٰ ڏانھن ڪاھن ۽ لاوي موڪليا، جن اچي کانئس پڇيو تہ ”تون ڪير آھين؟“


ماڻھو اوھان کي عبادت⁠خانن مان ڪڍي ڇڏيندا ۽ اھو بہ وقت ايندو جڏھن ڪو اوھان کي ماري وجھندو ۽ ائين سمجھندو تہ ’آءٌ خدا جي خدمت ٿو ڪريان.‘


تنھن کان پوءِ ارمٿيا وارو يوسف، جيڪو يھودي اڳواڻن جي ڊپ ڪري ڳجھيءَ طرح عيسيٰ جو شاگرد ھو، سو پلاطس وٽ آيو ۽ کيس عرض ڪيائين تہ ”مون کي عيسيٰ جو لاش کڻي وڃڻ جي موڪل ڏيو.“ پلاطس کيس موڪل ڏني. پوءِ ھو اتي آيو ۽ لاش کڻي ھليو ويو.


انھيءَ ساڳئي آچر جي ڏينھن شام جو جڏھن شاگرد يھودي اڳواڻن جي ڊپ کان در دروازا بند ڪيو ويٺا ھئا تہ عيسيٰ اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”سلام.“


پر ھن بابت ڪوبہ کليو کلايو نہ پيو ڳالھائي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو يھودي اڳواڻن کان ڊڄن پيا.


يھودي اڳواڻن کي ھن ماڻھوءَ جي ڳالھہ تي اڃا بہ اعتبار نہ آيو تہ ھو ڪو انڌو ھو ۽ پوءِ سڄو ٿيو آھي، تنھنڪري ھنن انھيءَ ماڻھوءَ جي ماءُ⁠پيءُ کي سڏائي کانئن پڇيو تہ


پر اھا خبر ڪانھي تہ ھاڻي ڪيئن ھو ڏسڻ وائسڻ لڳو آھي ۽ اسان کي اھا بہ خبر ڪانھي تہ ڪنھن ھن جو اکيون کوليون. اوھين کانئس پڇو، ھو بالغ آھي، پاڻ پنھنجي ڳالھہ ڪندو.“


تنھن تي انھن چيس تہ ”تون اصل ڄائو ئي گناھن ۾ آھين ۽ ھاڻي تون ٿو اسان کي سيکارين؟“ پوءِ تہ انھن کيس عبادت⁠خاني مان ڪڍي ڇڏيو.


جڏھن عيسيٰ ٻڌو تہ انھيءَ ماڻھوءَ کي عبادت⁠خاني مان ڪڍي ڇڏيو اٿن، تڏھن عيسيٰ کيس ڳولي وڃي لڌو ۽ چيائينس تہ ”ڇا تون ابن⁠آدم تي ايمان آڻين ٿو؟“


پوءِ ھنن پطرس ۽ يوحنا کي وري پاڻ وٽ سڏايو ۽ کين سختيءَ سان تاڪيد ڪري چيائون تہ ”ڪنھن بہ صورت ۾ اوھين عيسيٰ جي نالي نڪي ڪجھہ چئو ۽ نڪا تعليم ڏيو.“


خداوند تي ايمان آڻيندي ڪيترائي مرد ۽ عورتون انھن ۾ شامل ٿيندا ھئا. پر انھن کان علاوہ ڪنھن کي بہ ھمت نہ ٿيندي ھئي جو ھو رسولن سان وڃي ملي، تنھن ھوندي بہ اھي ماڻھو سندن ساراھہ ڪندا ھئا.


انھن رسولن کي اندر گھرائي چھبڪ ھڻايا ۽ کين سخت تاڪيد ڪيائون تہ ھو وري عيسيٰ جي نالي تي تعليم نہ ڏين. پوءِ انھن کي ڇڏي ڏنائون.


پر جيڪي ڊڄڻا، بي⁠ايمان، ناپاڪ، قاتل، زناڪار، جادوگر، بت⁠پرست ۽ ڪوڙا آھن، تن سڀني جي جاءِ انھيءَ ڍنڍ ۾ ٿيندي، جيڪا باھہ ۽ گندرف سان پيئي ٻري. اھو ئي ٻيو موت آھي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ