Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 9:17 - Common Language New Testament

17 ان کان پوءِ فريسين ھڪ دفعو وري انھيءَ ماڻھوءَ کان پڇيو تہ ”تون چوين ٿو تہ ھن تنھنجون اکيون کوليون، پر تون انھيءَ شخص بابت ڇا ٿو چوين؟“ ھن وراڻيو تہ ”ھو نبي آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 تڏهن وري انهي انڌي کي چوڻ لڳا تہ هن جو تنهنجيون اکيون کوليون آهن، تنهن جي بابت تون ڇا ٿو چوين؟ هن چيو تہ هو نبي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 ان کان پوءِ فريسين هڪ دفعو وري انهيءَ ماڻهوءَ کان پڇيو تہ ”تون چوين ٿو تہ هن تو کي ديد ڏني، هاڻ تون انهيءَ شخص بابت ڇا ٿو چوين؟“ هن وراڻيو تہ ”هو ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 ان کان پوءِ فريسين هڪ دفعو وري انهيءَ ماڻهوءَ کان پڇيو تہ ”تون چوين ٿو تہ هن تو کي ديد ڏني، هاڻ تون انهيءَ شخص بابت ڇا ٿو چوين؟“ هن وراڻيو تہ ”هو نبي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 9:17
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ميڙ مان جواب آيو تہ ”ھي گليل جي شھر ناصرت وارو نبي عيسيٰ آھي.“


تنھن تي ھن پڇين تہ ”ڇا ٿيو آھي؟“ انھن وراڻيو تہ ”اھي عيسيٰ ناصريءَ جون ڳالھيون، جيڪو خدا توڙي ساري خلق اڳيان قول ۽ فعل ۾ قدرت وارو نبي ھو.


عورت چيس تہ ”سائين! آءٌ سمجھان ٿي تہ اوھين ڪي نبي آھيو.


عيسيٰ جو اھو معجزو ڏسي ماڻھو چوڻ لڳا تہ ”سچ⁠پچ ھي اھو نبي آھي، جيڪو ھن دنيا ۾ اچڻو آھي.“


پوءِ فريسين انھيءَ ماڻھوءَ کان پڇيو تہ ”تون ڪيئن ڏسڻ وائسڻ لڳين؟“ ھن انھن کي ٻڌايو تہ ”ھڪڙي ماڻھوءَ ٿوري مٽي منھنجين اکين تي لاتي ۽ مون وڃي منھن ڌوتو تہ آءٌ ڏسڻ وائسڻ لڳس.“


اوھان کي اھا بہ خبر آھي تہ ڪيئن خدا عيسيٰ ناصريءَ کي پاڪ روح ۽ قدرت سان مسح ڪري چونڊيو ھو. ھو ھرھنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو ھو ۽ جن ماڻھن تي شيطان جو غلبو ھو تن کي شفا ڏيندو ھو، ڇالاءِ⁠جو خدا انھيءَ سان ھو.


اي بني اسرائيل وارؤ! ھي ڌيان سان ٻڌو تہ عيسيٰ ناصري اھو ماڻھو ھو جنھن کي خدا اوھان لاءِ مقرر ڪيو ۽ اوھان ھن کي معجزا، نشانيون ۽ عجب جھڙا ڪم ڪندي ڏٺو، جيڪي خدا ھن جي ھٿان ڪرايا. توھين اھو چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ